textgram 1558773470
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

 
”پنجاب بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
 
اھي ڏينهن بہ ھيا جڏھن ڪشمير کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ ڪراچي تائين سنڌ ھئي. پر پوءَ اسان سنڌ واسين جي افعالن سبب اھا اسان جي پيرن ھيٺان سسندي اچي اڄوڪي جاگرافيائي حدن ۾ محفوظ ٿي وئي آھي. ھن وقت جو پنجاب بہ ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو حصو ھيو. پر ھاڻي اھو پاڪستان جو ھڪ الڳ ۽ طاقتور صوبو آھي. پنجاب کي پنهنجو الڳ تشخص مليو ۽ انهن ڏينھن کان وٺي سنڌ جو پاڙيسري صوبو ٿي رھيو. سنڌ ۽ پنجاب جا لاڳاپا صديون پراڻا آھن ۽ ڪتابن جي ورقن ورائڻ  مان خبر پوي ٿي تہ ارغونن ۽ ترخانن جي ڏھاڙن ۾ سنڌ مان ڪيترا مسلمان پنجاب لڏي ويا. انهي کان اڳ جڏھن سنڌ ۾ مسلمانن جي حڪومت قائم ٿي تہ ڪيترا ھندو پڻ سنڌ ڇڏي پنجاب ھليا ويا ھيا، جن کي “ اروڙ ونسي “ چئبو ھيو. انهن مان ڪيترا ڪلھوڙن جي ابتدائي دور ۾ واپس آيا ھئا .
پنجاب جي مشھور بزرگ شخصيت ميان مير سنڌي ھيو. ھن ئي امرتسر ۾ سکن جي “ گولڊن ٽيمپل“ جو افتتاح ڪيو ھيو. پنجاب ۽ سنڌ جا روحاني ۽ واپاري لاڳاپا شروع کان وٺي قائم ۽ دائم رھيا. اسان تاريخ جي ڪتابن ۾ پڙھيو آھي ۽ سڀني کي خبر آھي تہ ڪراچي ۾ منگهي پير واري ھنڌ تي قلندر شھباز ۽ پنجاب جي ڪن بزرگن جون پاڻ ۾ ڪچھريون ٿينديون ھيون. اسان سڀ اھو بہ ڄاڻئون ٿا تہ سنڌ جا ڪيترا ماڻھون ملتاني درگاھ جا مريد آھن ۽ سندن اھي نسبتون صدين کان وٺي قائم ۽ دائم آھن. پاڻ اھو بہ ڄاڻئون ٿا تہ جڏھن سنڌ تي ٽالپرن جي حڪمراني ھئي تہ ان زماني ۾ پنجاب تي رنجيت سنگھ حڪمراني ڪندو ھيو. رنجيت سنگھ جي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حڪومت سان ياري ھئي ۽ انهئ جي ئي چوڻ تي رنجيت سنگھ سنڌ تي چڙھائي جي ڪوشش ڪئي ۽ سنڌي حڪمرانن کي ڏاڍو تنگ ڪيو.   انگريزن جو دور آيو تہ سنڌ ۽ پنجاب جي لاڳاپن ۾ وڏي تبديلي آئي. ميان مير جي ڏھاڙن کان وٺي موجوده ڏھاڙن تائين سنڌ ۽ پنجاب جا جيڪي لاڳاپا رھيا آھن، انهن تي تفصيل سان ڪيترا ڪتاب لکي سگهجن ٿا. گل حيات انسٽيٽيوٽ انهي حوالي سان جيڪو مواد گڏ ڪيو آھي ان جا تفصيل دوستن سان ونڊڻ ضروري ٿو سمجهان.
1885 ۾ سنڌ مدرسو قائم ٿيو. انهي کان اڳ حسن علي آفنديءَ “ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ جي نالي سان ھڪ جماعت ٺاھي ھئي جنهن جو پھريون سيڪريٽري جنرل مولوي اللہ بخش اٻوجهو ٿيو ھيو . ھو اصلي پنجاب جو ئي ھو. ھن جا وڏا ميانوالي جا ويٺل ھيا. سندس والد اتان لڏي اچي سکر ويٺو ۽ مولوي اللہ بخش جي ولادت 1831 ۾ ٿي. ھن 1855 کان وٺي 1874 تائين فوج ۾ نوڪري ڪئي ۽ پوء اين جي وي ھاء اسڪول ۾ فارسي جو استاد ٿيو .
جڏھن سنڌ مدرسو قائم ٿيو تہ ان جو پھريون پرنسپال مولوي عمر الدين ٿيو جيڪو پڻ پنجاب جو ھيو ۽ پنجاب يونيورسٽي جو ڊبل گريجوئيٽ ھيو. 1886 تائين سنڌ مدرسي ۾ پرنسپال رھيو ۽ پوء پنجاب ھليو ويو ھن کان پوء جيڪو ٻيو “وقتي پرنسپال“ ٿيو  ان جو نالو سجاد مرزا ھيو جيڪو پڻ پنجاب کان آيل ھيو.
سنڌ ۽ پنجاب جي لاڳاپن بابت تفصيلي خبرون ۽ احوال 1912 کان پوء اچڻ لڳا . ھي اھو زمانو ھيو جڏھن سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ جون ڳالھيون ھليون. انهي مسئلي تي پنجاب جي ڪيترن اخبارن مثال طور “ سول ائنڊ ملٽري گزيٽ“ ۽ “ ٽربيون “ وغيره تمام گھڻا ايڊيٽوريل لکيا تہ سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪري پنجاب جو حصو بڻايو وڃي. انهيءَ مسئلي جي مخالفت ۾ پڻ سنڌ ۽ ھند جي اخبارن گھڻو ڪجه لکيو. 
ھي اھو زمانو ھيو جڏھن سکر بئراج ٺاھڻ جون ڳالھيون شروع ٿيون ۽ ان تي سنڌ کان سواءِ ھند جي ٻين صوبن جي معاشي ماھرن لکڻ شروع ڪيو.  انهي زماني ۾ سنڌ واسين جون پاڻي جي ورڇ جي حوالي سان دانھون ۽ آھون پڻ ٻڌجڻ ۾ آيون . انگريز سرڪار انهي حوالي سان  مختلف وقتن تي ڪيتريون ڪميشنون ٺاھيون تہ جيئن سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻيءَ بابت پئدا ٿيل مامرا حل ڪري سگهجن. انهن ڪميشنن جا تفصيل ڪيترن ڪتابن ۾ موجود آھن ۽ سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڪستان کان اڳ ٿيل ٺاھ ۽ انهن ڪميشنن منجهان ڪن ڪميشنن جون ڪجھ ڪاروايون گل حيات ۾ موجود آھن.    پھريون دفعو 
پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺھڻ دوران ڪالا باغ ڊيم بابت ڳالھيون شروع ٿيون ۽ انهي کان پوء اھو مسئلو مرندو بہ رھي ٿو ۽ ٻيھر جنم بہ وٺي ٿو. ڪالا باغ ڊيم خلاف سنڌ وڏي تحريڪ ھلائي انهي تحريڪ جا تفصيل ۽ ڪالا باغ ڊيم بابت ٻيو مواد اسان جي ويب سائيٽ تي بہ موجود آھي تہ انهي کان وڌيڪ ھارڊ ڪاپي جي صورت ۾ بہ اسان وٽ موجود آھي.
پنجاب جو ملڪي سياست ۾ ڪليدي ڪردار پيپلز پارٽي جي پھرئين دور کان وٺي اسان جي اڳيان آيو آھي. ضياءُ الحق جي مارشلا کان پوءِ مسلم ليگ نواز شريف جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي جو نعم البدل بڻجي سياسي افق تي اڀري آئي. انهي زماني دوران سنڌ جي ڪيترن سياستدانن نواز ليگ جو ڀرپور ساٿ ڏنو. گل حيات ۾ پنجاب جي انهي سياسي سبقت ۽ سياسي رنگ بابت تمام وڏو ۽ گھڻو مواد موجود آھي. ھن پارٽيءَ جي باني کان وٺي ڪيترن ناميارن سياستدانن جو اسان جي اداري ۾ الڳ الڳ انفرادي فائيل موجود آھي. ھن پارٽي کان اڳ ۾ “ خاڪسار تحريڪ“ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ئي سنڌ ۾ مشھور ۽ مقبول ٿي چڪي ھئي. انهي خاڪسار تحريڪ بابت گل حيات ۾ جيترو مواد موجود آھي اوترو شايد انهي پارٽي وٽ بہ موجود نہ ھجي. 
   انهي سياسي تعلق کان سواءِ  ادبي حوالي سان پڻ گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ کوڙ سارو مواد موجود آھي. مثال طور پنجاب مان نڪرندڙ ڪجه رسالا مسلسل گل حيات کي ملندا رھن ٿا ۽ ان کان سواء پنجاب جي ڪيترن اديبن ۽ ليکڪن جو مواد ۽ سندن پروفائيل اسان گڏ ڪيا آھن. اسان جي ويب سائيٽ تي “ پنجاب ڪارنر“ جي نالي سان مواد موجود آھي ۽ انهي ۾ سڀ تفصيل سان ٻڌايو ويو آھي تہ اسان سنڌ ۽ پنجاب جي لاڳاپن جي حوالي سان ڪھڙو ۽ ڪيترو مواد گڏ ڪيو آھي. مون ڪي ٿوريون ۽ مٿاڇريون ڳالھيون ڪيون آھن، جيڪي انهئ مواد کان الڳ آھن. جڏھن تہ باقي تفصيل اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھن

Good Wishes