20190523 135133
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

 
”مولانا عبيداللہ سنڌيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
 
 تاريخ ۾ ڪڏھن ڪڏھن اھڙيون اهم ۽ عظيم شخصيتون جنم وٺنديون آھن جيڪي پنهنجي ڏات ۽ ڏاھپ، تدبر ۽ فڪر ۾ پنهنجو مٽ نہ رکنديون آھن. پر پنهنجي دور ۾ صحيح معنا ۾ ٻڌا ۽ قبوليا نہ ويندا آھن. مولانا عبيداللہ سنڌي بہ انهن مان ھڪ ھيو. ھن آزادي جي تحريڪ ۾ سڄي ڄمار کپائي. ملڪ ڇڏي افغانستان ويو ۽ اتان جي حڪمرانن کي ھندستان جي مامرن ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اتي “ ريشمي رومال تحريڪ“ جو بنياد وڌائين .ھن آزادي جا ڏينهن ڏسڻ لاء افغانستان ۾ ست سال رهڻ کان پوء روس ۾ 7مھينا گذاريا ۽ ڪميونسٽ انقلاب جو غور سان مشاھدو ڪيائين . ان کان پوء ھڪ سال ترڪي ۾ رھيو جتي ان ڪانگريس پارٽي کي ھندستان جي واحد مثالي پارٽي بڻائڻ لاء ان جو نئين سر آئين لکيو ان کان پوء ھن وڃي عربستان وسايو ۽ مڪي ۾ سالن جا سال نظرياتي ۽ انقلابي تعليم ڏيندو رھيو. پوء جڏھن سنڌ ممبئي کان الڳ ٿي تہ ھو سنڌ موٽي آيو ۽ ھتي اچي “ جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي“ ٺاھيائين ۽ 21 آگسٽ 1944 تي وفات ڪيائين.
مولانا عبيداللہ سنڌي سک هئو. سنڌ ھن کي دين سيکاريو ۽ نالو ڏنو. ان ڪري هن جو سنڌ جي ڌرتي ۽ ماڻھن سان عشق ھيو. سندس انهي نسبت ۽ محبت کي ڌيان ۾ رکندي گل حيات انسٽيٽيوٽ هن ڀلي انسان بابت شروع کان وٺي مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. منهنجي بابا سائين گھڻا سال اڳ سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي “ مھراڻ“ ۾ “سنڌي ڪير سڏائي“ جي عنوان سان ھڪ مضمون لکيو هو، جنھن ۾ لکيو ھيائين تہ سنڌ جي ٽن نامور شخصيتن کي “سنڌي“ سڏيو ويندو آھي جيڪي آھن: مولانا عبيداللہ سنڌي، شيخ عبد المجيد سنڌي ۽ عبد الواحد سنڌي. ٽئي تمام وڏا ماڻھون ھيا پر ٽنهي جي پڇاڙي ڏاڍي ڏکي گذري. عبد الواحد سنڌي ذات جو انڍڙ ھيو ۽ بي بي سي تي ڪيترا سال ڪم ڪندڙ آصف جيلاني سندس پٽ ٿئي. ٽنهي سنڌين جو پڇاڙي ۾ جھڙوڪ ڪنهن اڻ ڄاتل دک ۽ درد ڪري ذھني توازن درست نہ رھيو. ٽنهي قوم لاء بي لوث ٿي ڪم ڪيو پر پڇاڙي ۾ قوم سندن قدر نہ ڪيو.شايد اھو لاشعوري درد ھيو جنهن سندن ذھني توازن کي پڇاڙي وارن ڏھاڙن ۾ جنجهوڙي وڌو.
        مولانا عبيداللہ  سنڌي پوري ڄمار تحريڪ آزادي لاء جلاوطني اختيار ڪئي ۽ جاکوڙ ڪئي پر جڏھن ھو وطن واپس وريو تہ سنڌ مسلم ليگ ۽  ڪانگريس جي ڪئمپن ۾ ورھائجي چڪي ھئي . ان ڪري ھن عظيم انقلابي ۽ سياسي مدبر کي نہ تہ ٻڌو ويو ۽ نہ قبول ڪيو ويو. اھو اسان لاء نظرياتي حادثو ۽ سانحو ھيو جو ھن ڀلي انسان جي تجربي، مشاھدي ۽ علم مان اسان لاڀ نہ پرايو. مولانا محمد صادق کڏي وارو سندس ھم ڪلاسي دوست ھيو جنهن جو ساڻس مرڻ گھڙي تائين ساٿ رھيو. اھڙي طرح مولانا تاج محمود امروٽيءَ کيس سنڌ مان جلا وطن ٿيڻ وقت مثالي مدد ڪئي. مولانا عبيداللہ سنڌي جڏھن وطن واپس ٿيو تہ مولانا حضرت امروٽي ھن جهان ۾ ڪونہ ھيو. ان ڪري عبيداللہ سنڌي کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ وارن جي ڪمي جو ضرور احساس ٿيو ھوندو. 
      گل حيات انسٽيٽيوٽ ھن بي بدل مدبر ۽ فلاسافر جي زندگي ۽ خدمتن تي تمام چڱو خاصو مواد گڏ ڪيو آھي. بابا سائين ٻارن لاء سندس شخصيت تي ڪتاب لکيو جيڪو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي شايع ڪرايو ھيو. مولانا عبيداللہ سنڌي ھندستان ۾ عوامي بغاوت ڪرڻ لاء ھڪ منصوبو جوڙيو ۽ ان لاء جيڪا ھن تاريخ مقرر ڪئي سا ريشمي رومال تي برٿ سان ڀرائي اھو رومال  سنڌ جي سياستدانن ڏانهن موڪليو، پر اھو پنجاب ۾ پڪڙجي پيو ۽ ان تي سنڌ ۾ وڏي پئماني تي لاڳاپيل ماڻھن جون گرفتاريون ٿيون. ھن کي “ ريشمي رومال تحريڪ“ چيو ويندو آھي. ھن تحريڪ ۾ سنڌ مان ڪھڙيون گرفتاريون ٿيون؟، فرنگي سرڪار جي جاسوسن انهي بابت ڇا لکيو آھي ؟ ۽ ان سان لاڳاپيل کوڙ سارين ڳالھين تي مشتمل مواد گل حيات ۾ موجود آھي. مولانا عبيداللہ سنڌي ترڪي ۾ ويھي جيڪو آئين لکيو اھو بہ گل حيات ۾ موجود آھي. ھو جڏھن سنڌ موٽي آيو تہ مولانا دين محمد وفائي جي رسالي “ توحيد “ ۾ ھن بابت ۽ ھن جي سياسي خواه مذھبي فلسفي بابت کوڙ سارا مضمون شايع ٿيا. اھي سمورا مضمون اسان جي اداري گل حيات ۾ موجود آھن. مولانا عبيداللہ سنڌيءَ “جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي“ ٺاھي انهي جو آئين پڻ اسان جي اداري ۾ موجود آھي. ھن انهي پارٽي جو بنياد 10 ڊسمبر 1939 تي رکيو ھيو ۽ انهي ڏينهن تي پارٽي جو نصب العين پڻ مقرر ڪيو ويو ھيو. انهي پارٽي کان سواء مولانا عبيداللہ سنڌيءَ “بيت الحڪمت“ جو بنياد پڻ رکيو ۽ 6 آگسٽ 1941 تي پير جھنڊي جي ڳوٺ ۾ “ سنڌ ساگر انسٽيٽيوٽ“ قائم ڪيو جنهن طرفان 25 جون 1942 تي “ سنڌ ساگر نيشنل اسڪول“ پڻ ھلايو ويو. انهن سمورن ادارن ۽ سنڌ ۾ اچڻ کان پوء سندس وفات تائين جيڪو ڪجه اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيو اھو مواد گل حيات ۾ موجود آھي. مولانا عبيداللہ سنڌيءَ جي ٺاھيل پارٽي ۾ سنڌ جي ديني عالمن تہ حصو ورتو پر ڪانگريس يا مسلم ليگ جي ورڪرن يا عھديدارن مان ڪوبہ ھن پارٽي ۾ شامل نہ ٿيو . جيڪي عالم سڳورا ھن پارٽي سان گڏ ھيا انهن جي زندگين جا احوال پڻ اسان جي اداري ۾ موجود آھن

Good Wishes