textgram 1558426879

ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

 
”لاڙڪاڻي ضلعي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
 
مان لاڙڪاڻي جو آھيان ان ڪري اھا غلط فھمي ٿيڻ نہ گھرجي تہ ڪو آئون فقط پنهنجي ضلعي بابت لکان ٿو. حقيقت ھي آھي تہ آئون لاڙڪاڻي کي نموني طور ھڪ مثال بڻائي پنهنجي پڙھندڙن ۽ محققن جو ڌيان ڇڪرائڻ چاھيان ٿو تہ اھڙي نموني سان ھر ھڪ ضلعي تي، بلڪ ھر ھڪ ڳوٺ تي ڪم ٿيڻ گهرجي.
    نڀاڳا انگريز اسان جا دشمن ھيا پر انهن پنهنجي ئي سھولت خاطر سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافي تي ڏاڍو اهم ۽ وڏو ڪم ڪيو ۽ انهن جي ئي ڏينهن ۾ سنڌ جي آثاريہ قديمہ جي کوٽائي ٿي ۽ انهن تي تحقيقي ڪم ٿيو. انگريزن سنڌ جي ضلعي وار گزيٽيئر لکي ۽ انهي کان پوءِ سرڪاري سطح تي ائين ضلعي وار ڪم نہ ٿيو آھي. پر لاڙڪاڻي ۾ انگريزن جي لکيل گزيٽيئر کي نظرثاني ڪري ان ۾ اضافو ۽ واڌارو ڪري ڇپرايو ويو آھي.
انگريزن شروعات ۾ سنڌ  کي ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور جي ضلعن ۾ ورھايو. ان کان پوءِ انتظامي لحاظ کان اڄ ڏينهن تائين کوڙ سارا ضلعا بڻايا ويا آھن. تازو قائم ٿيل ضلعن ۾ گھڻو سارو تاريخي اھميت وارو مواد شايد ايترو ڪو نہ ھوندو پر انگريزن جي دور وارن سمورن ضلعن ۾ اسان جي تاريخ تي مستند ۽ ناياب مواد پيو آھي جيڪو “ ضلعي گزيٽيئرز“ کان الڳ آھي. انگريزن جي دور ۾ جيڪا سرڪاري اھم خط و ڪتابت ٿيندي ھئي انهي جي ڪاپي ھر ڪنهن ضلعي ڏانهن موڪلي ويندي ھئي. اھڙي ريت 1936 تائين ممبئي سرڪار يا ھندستان جي مرڪزي سرڪار سنڌ سان جيڪا لکپڙھ ڪندي رھي، ان جون ڪاپيون پڻ ضلعن ڏانهن موڪليون وينديون ھيون. ساڳي طرح  پھريون ممبئي سرڪار جون ۽ 1936 کان پوءِ سنڌ سرڪار جون آفيشل گزيٽ جون ڪاپيون پڻ ھر ڪنهن ضلعي ڏانهن موڪليون وينديون ھيون. ھي آفيشل گزيٽ سنڌ جي برطانوي دور جي تاريخ تي اهم ۽ ناياب مواد جو خزانو آھي. جنهن ۾ پاس ٿيل قائدا ۽ قانون، عملدارن جو بدليون ۽ مقرريون، سنڌو درياءَ جي وھڪرن ۽ رفتار ۽ ڄم ۽ موت بابت وقت بوقت انگ اکر ڇپبا رھندا ھئا. انهي آفيشل گزيٽ ۾ سرڪار جي سمورن کاتن جون سرگرميون بہ شايع ٿينديون رھنديون ھيون. سنڌ ۾ ٿيندڙ تمام واقعن بابت ھن گزيٽ ۾ مواد ۽ احوال ڇپبو رھبو ھيو. مثال طور مختلف عمارتن جي تعمير بابت انگ اکر، سنڌ جي ڏوھارين ۽ پاٿاريدارن جي نالن جون لسٽيون ۽ سرڪار طرفان اپر ڪلاس کي ملندڙ آفرين ناما،لقب ۽ ٻين اعزازن جا تفصيل.
   ان کان سواءِ ضلعي ۾ جيڪو وھندو واپرندو ھيو انهي تي ھر ڪنهن ضلعي ۾ الڳ فائيل رکيا ويندا ھيا. اھڙي قسم جو رڪارڊ ڪراچي، حيدرآباد، نواب شاھ.. سکر ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ موجود آھي. انهي جي ڪلاسيفڪيشن ۽ ڪيٽالاگنگ ٿئي تہ خبر پوي تہ ڪھڙي ضلعي ۾ ڪھڙو مواد موجود آھي. 
گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ ٻين ضلعن بابت بہ مواد موجود آھي. پر، مان لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳالھ ان ڪري ڪيان ٿو تہ جيئن ڪي اھم ڳالھيون ڪري سگهان. لاڙڪاڻو ضلعو 1901 ۾ ٺھيو ۽ 25جولاءِ 1901 تي  اھڙو نوٽيفڪيشن سرڪاري گزيٽ ۾ شايع ٿيو جنهن جي تصوير مون اڄوڪي پوسٽ ۾ ڏني آھي. انگريزن سنڌ جي ھر ھڪ تعلقي بنائڻ وقت “سيٽلمينٽ“  رپورٽون تيار ڪيون ۽ انهن مان ھڪ ھڪ رپورٽ ٻن ڍائي سو صفحن تي مشتمل ھوندي ھئي. جن ۾ تعلقي جي سماجي،زرعي ۽ جاگرافيائي معلومات ڏني ويندي ھئي . لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪن تعلقن جون سيٽلمينٽ رپورٽون گل حيات ۾ موجود آھن. اھي سموريون رپورٽون“ انڊيا آفيس لائبريري“، ھندستان جي ڪن لائبريرين ۽ سنڌ آرڪائيوز ۾ موجود آھن. اسان جي گل حيات جي ويب سائيٽ تي “ سنڌ بابت سنڌ کان ٻاھر موجود مواد“ جي عنوان سان انگريزي ۾ ھڪ تفصيلي رپورٽ موجود آھي جنهن مان خبر پوندي تہ سنڌ بابت ڪھڙو مواد ڪٿي موجود آھي. 
ھر ھڪ ضلعي ۾  بشمول لاڙڪاڻو، انگريز ڪليڪٽر “ بلو بوڪ“ جي نالي سان ھڪ ڊائري رکندا ۽ لکندا ھئا جن ۾ اھي اپر ڪلاس جي ماڻھن بابت پنهنجا ذاتي تجربا ۽ مشاھدا لکندا ھئا ۽ انهن جي مطالعي جي آڌار تي نئون مقرر ٿيل ڪليڪٽر وڏي معلومات حاصل ڪري سگهندو ھيو. مختيار ڪارين ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن جي دفترن ۾ ۽ ڪليڪٽري ۾ تان جو ويندي انهي دور جي ھر ھڪ پوليس ٿاڻي تي سياسي ڪارڪنن، آزادي جي سپاھين، اخبارن ۽ ڪتابن بابت ايف آء آريون ۽ رپورٽو موجود آھن. اھي جيڪڏھن گڏ ٿين تہ ھوند آزادي جي تحريڪ کي ۽ تحريڪ آزادي جي سپاهين جي قربانين کي ڪنهن نئين انداز سان لکي سگهجي ٿو. اھڙو رڪارڊ ڪورٽن جي دفترن ۾ پڻ موجود آھي جتي اھڙا ڪيس ھليا. لاڙڪاڻي  ضلعي ۾ 1927 ۾ ٻارن واري ھڪ مسلمان عورت کي ھندن اغوا ڪري ھندو بڻايو جنهن جو اڄوڪي ڏينهن تائين ڪو پتو نہ پيو. انهي واقعي تي لاڙڪاڻي ۾ وڏا ھندو-مسلم ڦڏا فساد ٿيا ۽ سوين مسلمان گرفتار ڪيا ويا. اھو مشھور ڪيس ايس ڊي ايم جي ڪورٽ ۾ ھليو ھيو . جيتوڻيڪ گل حيات ۾ انهي واقعي ۽ ڪيس بابت گھڻي ڄاڻ موجود آھي پر ڪيس جو اصلي فائيل لاڙڪاڻي جي ايس ڊيم جي دفتر ۾ موجود ھوندو. 
گل حيات انسٽيٽيوٽ لاڙڪاڻي ضلعي تي ڪيترو اھم ڪم ڪيو آھي مثال طور لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪليڪٽرن،  ڊپٽي ڪليڪٽرن ،وزيرن، صحافين. تحريڪ آزادي جي سپاھين جي نالن جي ھڪ لسٽ ٺاھي آھي ۽ اھو ڪتابڙو 24 صفحن تي مشتمل آھي جيڪو لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ ھسٽاريڪل سوسائٽي 2002 ۾ شايع ڪرايو ھيو. مختلف سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۽ انهي جي مکيه شھرن بابت جيڪو ڪجه اخبارن ۾ شايع ٿيندو رھيو اھو سالن جا سال گل حيات انسٽيٽيوٽ گڏ ڪيو ۽ اھو پڻ اسان جي اداري ۾ موجود آھي. ھن ضلعي جي “تصويري تاريخ“ تي پڻ اسان جي اداري ڪيترائي ڦوٽو ۽ تصويرون گڏ ڪيون آھن.ان کان سواءِ لاڙڪاڻي ۾ خلافت جي زماني کان وٺي وڏيون ڪانفرنسون ٿيون ،قائد اعظم محمد علي جناح لاڙڪاڻي ۾ آيو ۽ اھڙن کوڙ سارن واقعن بابت گل حيات ۾ تفصيلي مواد موجود آھي. اسان جي اداري لاڙڪاڻي ضلعي جي “ واقعاتي تاريخ“ تي پڻ وڏو  ڪم ڪيو آھي.
   مون لاڙڪاڻي کي مثال بڻائي ھي عرض  ڪرڻ گهريو آھي تہ ھر ڪنهن ضلعي، ھر ڪنهن تعلقي بلڪ ھر ڪنهن شھر تي ايئن مواد گڏ ڪيو وڃي ۽ ان کان پوءِ تحقيقي ۽ سائنسي اصولن مطابق ڪتاب لکيا وڃن. بلاشڪ ڪن شھرن ۽ ضلعن تي سٺا ڪتاب لکيا ويا آھن، پر نئين سر مواد جي ميڙي چونڊي ڪري انهن کي نئين سر لکجي تہ وڌيڪ بھتر ٿيندو

Good Wishes