.
textgram 1558340523
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
 
” 1938 واري سنڌ مسلم ليگ صوبائي ڪانفرنس
 
سياسي ڪانفرنسن جي شروعات 1896 کان ٿي، جڏھن ڪراچي ۾ “نائين ممبئي پراونشل ڪانفرنس“ سڏائي وئي. انهي کان پوء سنڌي ماڻھن سنڌ جي سياسي حيثيت ۽ عظمت واري تشخص کي ڌيان ۾ رکي “ سنڌ پراونشل ڪانفرنسون“ سڏايون، جيڪي 1920 تائين ٿينديون رھيون. ھي ڪانفرنسون ھر ڪنهن ضلعي جي ھيڊ ڪوارٽر ۾ ٿيون ۽ انهن “ھندو-مسلم اتحاد“ جو مثال پيش ڪيو ۽ سياست ۾ گڏجي ھلڻ جي روايت رکي. انهن ڪانفرنسن سنڌ جي سياست کي مثبت ۽ منفرد رخ ڏنو. 
انهي کان پوء “خلافت تحريڪ“، “ جميت العلماء“، “ ڪانگريس“ ۽ “ ھاري پارٽي“، طرفان سنڌ ۾  گھڻيون ڪانفرنسون ٿيون. اھي سياسي ڪانفرنسون سواء “ھاري پارٽي“ جي باقي ٻين پارٽين جا ساليانا اجلاس ھوندا ھئا. 
    “مسلم ليگ“ جا ٺاھيندڙ ( سر آغا خان باني صدر) ۽ ھلائيندڙ( قائد اعظم محمد علي جناح) تہ سنڌي ھئا ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جو پھريون ساليانو اجلاس بہ 1907 ۾ ڪراچي ۾ ٿيو، پر مسلم ليگ سنڌ ۾ پنهنجا پير پختا ڪري نہ سگهي. اوائلي دور ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ بئرسٽر جان محمد جوڻيجي “ سنڌ مسلم ليگ“ ٺاھي پر اھا بہ گھڻو وقت ھلي نہ سگهي.
   1938 ۾ سنڌ ۾ مسلم ليگ انهي ڪري پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو ڇو تہ ممبئي کان الڳ ٿيڻ کان پوء سنڌي مسلمان سياستدان پارٽين ٺاھڻ ۽ عھدن وٺڻ جي مامرن تي پاڻ ۾ ھڪ ٿي نہ سگهيا. ان ڪري انهن “مسلم ليگ “ ڏي منهن ڪرڻ شروع ڪيو. سندن ئي ڪوششن سان 1938 ۾ “ مسلم ليگ  سنڌ پراونشل ڪانفرنس“ ٿي. انهي ڪانفرنس کان پوء مسلم ليگ سنڌ ۾ گھڻي پئماني تي پکڙجي وئي ۽ سنڌ واضح طور تي ھندن توڙي مسلمانن جي ٻن ڪئمپن ۾ ورھائجي وئي. ڪانگريس توڙي مسلم ليگ ٻئي پارٽيون آزادي جي حق ۾ ھيون. پر ٻنھي ۾ زمين آسمان جو فرق ھي ھيو تہ ڪانگريس “گڏيل ھندستان“ ٿي گھريو ۽ مسلم ليگ “پاڪستان“ جي ڳالھ پئي ڪئي.
سنڌ، آزادي جي گڏيل تحريڪ کان وٺي پاڪستان جي تحريڪ تائين اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو ۽ حقيقت ھي آھي تہ “ پاڪستان جي تحريڪ“ جي واضح ۽ کليل حڪمت عمليءَ جي شروعات “سنڌ پروانشل مسلم ليگ ڪانفرنس“ سان ئي ٿي. ڇو تہ ھن ڪانفرنس ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ مسلمانن لاء الڳ ملڪ گھرڻ وارو ھڪ ٺھراءُ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي جيڪو اڳتي ھلي ٻن سالن کان پوء 1940 ۾ لاھور واري اجلاس ۾ ٻين لفظن جو روپ وٺي “قرارداد پاڪستان“ جي نالي سان پاس ڪيو ويو. 1938 ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي واري تجويز ڪيل ٺھراءُ پاس نہ ٿيڻ باوجود ھندن ۽ انگريزن جي ڪن تي ڳالھ آڻڻ وارو ڪم ڪيو ۽ اھا ڳالھ 1940 ۾ وڏي واڪ دنيا کي ٻڌائي وئي. دراصل 1938 ۾ سنڌ ۾ جيڪا مسلم ليگ جي صوبائي ڪانفرنس ٿي انهي ھند ۽ سنڌ جي سياست تي گھرا اثر وڌا. سنڌ ۾ مسلم ليگ “ مسجد منزل گاھ تحريڪ“ ھلائي ھڪ طرف پنهنجا ووٽ پڪا ڪري ورتا ۽ ٻئي طرف شھيد اللہ بخش جي حڪومت کي ڊاھي ورتو .انهي ڪانفرنس کان پوء مسجد منزل گاھ واري مسئلي تي نہ فقط ھندو ۽ مسلمان ڇڄي ھڪ ٻئي کان ڌار ٿي ويا پر ڪيترن انسانن جو بي گناھ رت پڻ وھايو ويو. ڀڳت ڪنورام جھڙو امن پسند گائڪ ھندو-مسلم نفاق جو ٻل ٿيو .
سنڌ  مسلم ليگ پراونشل ڪانفرنس تي گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ کوڙ سارو مواد موجود آھي. پير علي محمد شاھ راشديءَ ھن ڪانفرنس جي انگريزي ۾ ھڪ جامع رپورٽ لکي ھئي، جيڪا مسلم ليگ ڪانفرنس جو ھڪ مستند ۽ بنيادي ڊاڪيومينٽ آھي  جيڪو گل حيات ۾ موجود آھي. ان کان پوء پاڪستان تحريڪ جي تاريخ جي ٿورن ڪتابن ۾ ھن ڪانفرنس جو مختصر احوال موجود آھي. ان دور جي سنڌي توڙي انگريزي اخبارن ھن ڪانفرنس بابت گھڻو ڪجه لکيو ۽ چيو اھو سمورو مواد گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آھي. ھندستان جي سياسي تاريخ کي نئون موڙ ڏيندڙ ھن ڪانفرنس کي موضوع بڻائي ڪا وڏي تحقيق نہ ڪئي وئي آھي. اھو ڪم اسان جو ڪونهي پر تحقيقي ادارا ۽ محققن کي اھڙي تحقيق جي اھميت ۽ افاديت کي ڏسي تحقيقي ڪم ڪرڻو آھي. ان ڪري گل حيات انسٽيٽيوٽ ھن ڪانفرنس بابت جيڪو مواد ميڙيو آھي ۽ معلومات گڏ ڪئي آھي، ان کي اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪري رھيا آھيون

Good Wishes