textgram 1558169880
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

 
”چارلس نيپيئر جي سنڌ دشمنيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
   گل حيات انسٽيٽيوٽ تاريخي مواد ۽ معلومات کي ٽن زاوين کان  پئي گڏ ڪيو آھي. اھي آھن: “شخصيتون“، “ ادارا“ ۽ “واقعا“. “ادارن “ ۾ تنظيمون، پريس، جماعتون ۽ سوسائٽيون اچي وڃن ٿيون. مون کي جيئن جيئن موقعو ملندو آھي ۽ گل حيات جي ميڙي چونڊي يا فائيل سهيڙيندي نظر مان بہ ڪڍندو آھيان تہ انهن ٽنهي زاوين بابت پوسٽون بہ لکندو رھندو آھيان.البته. “شخصيتن “۽ “افراد“ تي گھٽ لکيو آھي. ڇو تہ اسان وٽ “آدرش دوستي“ جي ڀيٽ ۾ “ شخصيت پرستي“ تي سياسي،نظرياتي  ۽ مذھبي بنياد رکيا ويا آھن. ليکڪ ۽ ساڃھ وند ماڻھون شخصيتن بابت لکن ضرور ٿا . پر، ان ۾ ٻہ جھول نظر اچن ٿا. پھريون ھي تہ ان ۾ ليکڪ جي پسند يا نا پسند جو رنگ چڙھيل ھوندو آھي، ٻيو ھي تہ شخصيت بابت موجود سموري مواد ۽ معلومات جو استفادو نہ ڪيو ويندو آھي. ان کان سواء اسان وٽ غير جانبداريءَ سان لکڻ جو ماحول گھٽ ئي پيدا ٿيو آھي . وقت جي تقاضا ۽ اسان جي نظرياتي قبلن کي درست ڪرڻ جي ضرورت اھا آھي تہ اسان ھر ڪنهن شخصيت تي پھريون موجود مواد ۽ معلومات گڏ ڪيون ۽ پوء ان جي روشني ۾ غير جانبداري سان شخصيتن بابت لکئون. 
مون اڄ ٺڳي ۽ دوکي سان سنڌ تي قبضي ڪندڙ لٽيري سر چارلس نيپيئر جي نالي کي چونڊيو آھي ۽ ان بابت ڪجه ڳالھيون دوستن سان ونڊڻ چاھيان ٿو. سر چارلس نيپيئر تي ڪنهن سنڌي محقق تحقيقي بنيادن تي ھن وقت تائين ڪو جامع ۽ تفصيلي ڪتاب ڪونہ لکيو آھي. جڏھن تہ ھن شخص جي ڏوھي ڪاروائين ۽ سياسي چال بازين ھڪ الڳ ۽ آزاد ملڪ “سنڌ“ جي مستقبل تي گھرا ۽ برا اثر وڌا. سنڌ ملڪ ھيو ۽ چارلس نيپيئر جي ناجائز قبضي کان پوء صوبي ۾ تبديل ٿي ويو. ڀريا چار سال سندس ئي گورنر راج رھيو ۽ ان کان پوء سنڌ جي صوبائي حيثيت بہ ختم ڪئي وئي ۽ ان کي ممبئي پرڳڻي جو حصو بڻايو ويو.
   چارلس نيپيئر فوجي اڳواڻ جي حيثيت ۾ 1842 ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ 1847 ۾ سنڌ ڇڏي ويو انهن پنجن ڇھن سالن جي عرصي ۾ نيپيئر جي فوجي ۽ انتظامي ڪاروائين ۽ ڪارڪردگي تي تفصيل سان لکڻ جي ضرورت آھي. ھن جي دستاويزات تي نظر ڦيرائيندي پتو پوي ٿو تہ ھن فوجي ڪاروائي دوران سڄيءَ سنڌ کي ڏٺو ۽ لتاڙيو انهن شھرن ۽ ماڳن جن منجهان نيپيئر گذريو، انهن جو جيڪڏھن وچور ٺاھبو تہ اھو ھن ريت ٿيندو:  سکر( 11ڊسمبر 1842)، خيرپور( 1جنوري 1843)، امام ڳڙھ(  12 جنوري 1843)، پير ابوبڪر (  23جنوري 1843)، بيرجا( 30 جنوري 1843)، نوشھرو ( 5 فيبروري 1843)، سڌوجا ( 6 فيبروري 1843)، دولتپور( 8 فيبروري 1843)، سڪرنڊ( 11 فيبروري1843)، سعودآباد( 14 فيبروري 1843)، ھالا( 15 فيبروري 1843). مياڻي جي جنگ کان وٺي دٻي جي جنگ تائين ھو حيدرآباد ۾ رھيو 6 مارچ 1843 تي ھندستان جي گورنر جنرل پنهنجي حڪم نامي نمبر 280 مطابق نيپيئر کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ۽  28 مارچ 1843 تي حڪم نمبر 148 مطابق نيپيئر کي ھدايت ڪئي وئي تہ ھو ڪراچي کي گادي جو ھنڌ بڻائي حڪومت ھلائي.
انهي کان پوءِ سندس سنڌ ڇڏي وڃڻ ۽ آر.ڪي .پرنگل کي ڪمشنر مقرر ڪرڻ تائين نيپيئر ۽ ھندستان سرڪار جي وچ ۾ کوڙ ساري لک پڙھ ٿي، جنهن جو مختصر تت گل حيات ۾ موجود آھي. انهي عرصي دوران 19 انگريز عملدار سنڌ ۾ مختلف عھدن تي مقرر ڪيا ويا جيڪي پرنگل جي ڪمشنر ٿيڻ کان اڳ نيپيئر کي حڪمراني ۾ مدد ڪرڻ لاء مقرر ڪيا ويا ھئا .انهن جا نالا عھدا ۽ آرڊر نمبر بہ گل حيات ۾ موجود آھن.
چارلس نيپيئر گورنر ٿيڻ  کان پوء ڪيترائي حڪم ناما جاري ڪيا تہ جيئن ھو آساني سان حڪومت ھلائي سگهي انهن منجهان درآمد شين تي ٽيڪس،
 واٽر ٽيڪس، ڪليڪٽوريٽس جو قيام، زمين جي خريداري ۽ سول ڪيسز جا حڪم ناما وڏي اھميت رکن ٿا.
چارلس نيپيئر ھن وقت سنڌ ۾ ڪونهي پر مختلف ادارن ۾ ۽ مختلف ويب سائيٽن تي چارلس نيپيئر  بابت گھڻو مواد موجود آھي ، پر انهئ مواد مان اسان ھن وقت تائين ڪو ڀرپور فائدو وٺي نہ سگهيا آھيون. مياڻي جي جنگ بابت ئي ايترو مواد موجود آھي جنهن تي ڪيترائي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. نيپيئر سڄي عمر فوج ۾ رھيو جھڙوڪ ھن “ ڪرائي جي قاتل “ واري زندگي گذاري. ھن جڏھن مياڻي جي جنگ ۾ ميرن کي شڪست ڏني ۽ اھڙو اطلاع ھندستان جي گورنر جنرل ڏي موڪليو ھو، ان جا لفظ ھئا تہ “ مون ڏوھ ڪيو آھي“. سنڌ جي هن ڏوھي تي ڪم ٿيڻ گھرجي ۽ ھن جي ھٿن يا حڪمن سان سنڌ سان جيڪي زيادتيون ٿيون ، ان تي تفصيل سان ڪم ٿيڻ گھرجي.
 ڪنهن اداري يا محقق اھو ڪم ھٿ ۾ کنيو تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ مواد ۽ ميڙي چونڊي فراھم ڪرڻ ۾ ھر ممڪن سھڪار ڪندو

Good Wishes