20190514 140108 

ممتاز پٺاڻ

 
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
 
”سائمن ڪميشن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

 
   انگريز، گڏيل هندستان ۾ قسطن ۾ آئيني سڌارا آڻيندا رھيا .اھي سڌارا آڻي ڏھاڪو سال ان جي اثرن ۽ نتيجن جو مشاھدو ڪندا ھئا ۽ ڏيھي سياستدانن جي سياسي شعور خواه سياسي مطالبن کي آڏو رکي ڏھن سالن کان پوء وري ڦير گھير ڪري آئيني سڌارا لاڳو ڪندا ھئا. 1910 کان پوء 1919 ۾ آئيني سڌارا آندن ۽ ان کان پوء 1927 ۾ “سائمن ڪميشن“ جوڙيائون تہ جيئن نئين حالتن مطابق ڪي نيون آئيني ڳالھيون لاڳو ڪري سگهن. “سائمن ڪميشن“ برٽش پارليامينٽ جي ميمبرن تي مشتمل ھئي جنهن جو اڳواڻ سر جان سائمن ھيو، ان ڪري انهي کي “سائمن ڪميشن“ چيو ويندو آھي . ھن ڪميشن ۾ ڪليمينٽ ايٽلي بہ ميمبر ھيو جيڪو گھڻو پوء برطانيه جو وزيراعظم پڻ ٿيو.
    گڏيل ھندستان جي سمورين سياسي پارٽين کي انهي تي ڪاوڙ لڳي تہ بااختيار سائمن ڪميشن جوڙڻ وقت کين نظرانداز ڪيو ويو هو. انهي اختلاف ۽ احتجاج جي روشني ۾ ھندستان جي وائسراء ڏيھي ماڻھن کي ميمبر طور ٿاڦيو پر اھا ڳالھ ۽ اھو عمل سياستدانن کي خاموش ڪري نہ سگهيو.  3 فيبروري 1928 تي سائمن ڪميشن ممبئي پھتي تہ گڏيل ھندستان ۾ جتي ڪٿي ھڙتال ڪئي وئي. ھن ڪميشن جي ئي چوڻ ۽ صلاح تي “ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935 “ ٺاھي لاڳو ڪيو ويو ھيو. 
     سنڌ ان وقت ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي ھڪ جھڙي رويي سان اتفاق ڪيو ۽ “سائمن ڪميشن“ جو ڀرپور بائيڪاٽ ڪيو. سيٺ ھرچند راء وشنداس جيڪو “ممبئي ڪائونسل“ جو ميمبر ھيو. اھو سخت بيمار ھجڻ باوجود پاڻ کڻائي بہ ممبئي ويو تہ جيئن ڪائونسل ۾ “ سائمن ڪميشن“ خلاف ٿيندڙ بحث ۾ حصو وٺي ۽ ڪميشن جي خلاف ووٽ ڏئي. ھن ائين ڪيو ۽ انهي بيماري ۾ پوء مري ويو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو تہ “ سائمن ڪميشن“ جي خلاف ھلايل وڏي تحريڪ ۾ سنڌ ھرچند راء وشنداس جي جان جي قرباني ڏني. انهي تحريڪ دوران سنڌ مان بہ ڪيتريون گرفتاريون ٿيون ھيون ۽ ماڻھن جيل جي سزا ڪاٽي. اھي ماڻھون جيڪي آزادي جي تحريڪ ۽ سياسي تحريڪن جي تاريخ مان سنڌ جو نالو ڪڍي ٿا ڇڏن. انهن کي ڪھڙي خبر تہ 1857 واري“ آزادي جي جنگ“ کان وٺي 1947 تائين سنڌ نہ فقط ھر پارٽي ۽ تحريڪ ۾ حصو ورتو، پر وڏيون قربانيون ڏنيون.
     “سائمن ڪميشن“ بابت اسان جي سياسي تاريخ جي ڪيترن عالمن کي تہ خبر آھي. پر اھا خبر ٿورن وٽ آھي تہ سنڌ “ سائمن ڪميشن“  جي مخالفت ۽ موافقت ۾ ڪھڙو ۽ ڪيترو ڪردا ادا ڪيو. گل حيات انسٽيٽيوٽ “سائمن ڪميشن“ بابت کوڙ سارو مواد گڏ ڪيو آھي جنهن مان ڪجه حصو اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي بہ رکيو آھي ۽ ان کان وڌيڪ مواد ھارڊ ڪاپي جي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي ۽ انهي منجهان ئي مون اڄ ھڪ ڊاڪيومينٽ جي تصوير ھن پوسٽ سان گڏ رکي آھي.
    “سائمن ڪميشن“ جڏھن سنڌ ۾ آئي تہ ممبئي سرڪار طرفان سرشاھنواز ڀٽي ۽ سيد ميران محمد شاھ کي “ مقامي ميمبر“ طور شامل ڪيو ويو ھيو. ھندن توڙي مسلمانن جي وفدن ۽ جماعتن انهي ڪميشن جي اڳيان “ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي“ واري ڳالھ رکي ھئي. مسلمانن انهي جي حمايت ڪئي ھئي ۽ ھندن ان جي مخالفت ڪئي ھئي. “سائمن ڪميشن“ جي آمد پھريون دفعو شاگردن کي عملي طور تي سياست ۾ قدم رکڻ جون حالتون پيدا ڪري ڏنيون ھيون. انهي سلسلي ۾ 2 فيبروري 1928 تي ڪراچي جي ڊي جي سنڌ ڪاليج، اين اي ڊي ڪاليج ۽ لا ڪاليج جي شاگردن جو وڏو ميڙاڪو ٿيو ھيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ھيو تہ جڏھن “سائمن ڪميشن“ جا گورا ميمبر ممبئي ۾ پھچندا تہ سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ ھڙتال ڪئي ويندي. سائمن ڪميشن بائيڪاٽ تحريڪ ۾ سنڌ جي مشھور سياستدانن ڀرپور حصو ورتو ۽ انهن مان ڪي نالا آھن: سنتداس منگهارام، جمشيد مھتا، پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻي،  ڊاڪٽر تاراچند لعل واڻي، سوامي گووندانند، نارائڻ داس آنند جي، مير محمد بلوچ.شيخ عبدالمجيد سنڌي.، سوامي ڪرشنا نند، موھن لعل سچديو ۽ سنڌوا وغيره. سنڌ ۾ “ سائمن ڪميشن بائيڪاٽ ڪميٽي“ قائم ڪئي وئي ھئي جنهن مختلف وقتن تي ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ڪيون ۽ ان جا تفصيل اسان وٽ گل حيات ۾ موجود آھن.
“سائمن ڪميشن“ سان بائيڪاٽ ڪرڻ کان پوء گڏيل ھندستان ۾ “ آل پارٽيز “ ڪانفرنس ٿي ۽ ان جي فيصلي جي نتيجي ۾ “ نھرو ڪميٽي“ پڻ جوڙي وئي. سنڌ “ آل پارٽيز“ ڪانفرنس توڙي “ نھرو ڪميٽي“ جي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو. جن ۾ سنڌي مسلمانن سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي جي ڳالھ ڪئي ۽ ھندن ان جي مخالفت ڪئي. ھنن ئي ڏھاڙن ۾ قائد اعظم محمد علي جناح “ چوڏھن نڪتا“ پيش ڪيا جن ۾ ھن سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ جي بہ ڳالھ ڪئي ھئي.
“سائمن ڪميشن“ جي جڙڻ کان وٺي“ انڊيا ايڪٽ آف 1935“  جي لاڳو ٿيڻ تائين سنڌ ۾ جيڪا سياسي سرگرمي رھي اھو سمورو احوال گل حيات ۾ موجود آھي. منهنجي وري بہ ساڳي ئي آڇ ۽ آس آھي تہ من ڪو محقق يا ادارو اسان جي ميڙي چونڊي مان فائدو وٺي. پر اسان اھا بہ ڪوشش ڪندا رھنداسين تہ جيڪڏھن اسان ڪتاب ڇپرائي نٿا سگهون تہ اھو سمورو مواد گل حيات جي ويب سائيٽ تي ضرور اپلوڊ ڪيون ۽ انشاء الله ايئن بہ ڪبو

Good Wishes