textgram 1557134366
 
 
ممتاز پٺاڻ
 
 
 
“ پريم منڊلي ۽ ان جي سماجي خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد ”
 
          ڪراچي کان اڳ ۾ حيدرآباد سنڌ جي گادي ھئي، پر  سنڌ تي  قبضي ڪرڻ کان جلد پوءِ سر چارلس نيپيئر ڪراچي کي دارالحڪومت بڻايو ۽ ڏسندي ڏسندي مورڙي جو ھئ شھر بين الاقوامي اھميت وارو ٿي ويو. نئون بندر ٺھيو ۽ ڪيترا واپاري جھڙوڪ کوجا، ميمڻ، بوھرا، گوان ۽ يھودي وغيره اچي ڪراچي ۾ آباد ٿيا ۽ شھر ڏسندي ڏسندي ڪاسمو پوليٽين ڏک ڏيڻ لڳو .ٻاھران ايندڙ ماڻھن جو پنھنجو پنهنجو سماجي ۽ ثقافتي پس منظر ھيو. ان ڪري انهن ٻاھران آيل واپاري فرقن ۽ ڏيھي ھندن توڙي مسلمانن پنهنجي  پنهنجي ثقافتي ۽ سماجي دنيا ٺاھڻ شروع ڪئي ۽ ان جو اثر سموري سنڌ تي پيو.
    ھن نئين تبديلي سنڌ جي سماجي جيوت ۾ نہ فقط انقلاب آندو پر سنڌ جي وڏن شھرن ۾ سماجي تنظيمون ٺھڻ شروع ٿيون. سنڌ ۾ “ سنڌ سڀا“ نالي پھرين سماجي ۽ نيم سياسي تنظيم 1882 ڌاري قائم ٿي جنهن ۾ ھندو،مسلمان ۽ پارسي ميمبر ھوندا ھئا . ان کان پوء سنڌ ۾ سوين سماجي تنظيمون قائم ٿيون جن جا تفصيل گل حيات ۾ موجود آھن. پر جيئن تہ آئون “ پريم منڊلي“ نالي ھڪ سماجي تنظيم جو ذڪر ڪري رھيو آھيان جنهن جو واسطو ڪراچي شھر سان ھيو ان ڪري ھي مناسب ٿيندو تہ مان ڪراچي جي ماحول کي نظر ۾ رکي ڪن سماجي تنظيمن جا نالا پڙھندڙن جي اڳيان پيش ڪيان .جن منجهان پڻ اھا ڳالھ ظاھر ٿيندي تہ ڪراچي جي ھر ڪميونٽي ۽ ھر مذھب جي پوئلڳ پنهنجون پنهنجون سماجي تنظيمون جوڙيون. 
  اچو تہ ڪجه نالا اوھان جي اڳيان آڻيان: 1. ينگ مينس جو زوئرسٽرين ايسوسيئيشن 2. گجراتي ايسوسيئيشن. 3. نصر پوري برھمڻ ايسوسيئيشن. 4. ينگ عامل ايسوسيئيشن. 5. ينگ کوجا اسمائيليا ڪاٺياواڙي منڊل. 6. گووان- پورچگيزي ايسوسيئيشن. 7. آريا سماج. 8. ڪراچي سٽيزنس ايسوسيئيشن. 9. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن. 10. ينگ مينس سک ايسوسيئيشن. 11. مرواڙي ينگ مينس ايسوسيئيشن. 12. مراٺي ايسوسيئيشن . 13. ينگ عامل ايسوسيئيشن. 14. ڪڇي ميمڻ سڌارڪ منڊل. 15. شڪارپوري شيوا منڊل.16. ٺارو شاھ ايسوسيئيشن. 17. بنڌو منڊل. 18. ينگ مينس ڪرسچن ايسوسيئيشن. 19. ينگ وومينس ڪرسچن ايسوسيئيشن. 20. ينگ سنڌيز ايسوسيئيشن ۽ 21. پريم منڊلي وغيره. 
   پريم منڊلي ھندن جي ھڪ غير فرقيوارنا تنظيم ھئي جيڪا 1912 ۾ قائم ڪئي وئي. اھا انهي دور جي ھر ھڪ سماجي تنظيم جي حڪمت عملي ھوندي ھئي تہ اھا “ فري ريڊنگ روم“ قائم ڪري ۽ جيڪڏھن مالي حساب سان ايترو محتاج نہ ھجي تہ پوء لائبريري قائم ڪري. ھر ڪا تنظيم پنهنجي ميمبرن جي نظرياتي ۽ سماجي طور تي صحت جي حوالي سان پروگرام رٿيندي ھئي ۽ ليڪچر پڻ ڪرائيندي ھئي. اڪثر سماجي تنظيمون “ نائيٽ اسڪول “ يا “ ڪوچنگ سينٽر . کولينديون ھيون تہ جيئن پنهنجي برادري يا ميمبرن منجهان اڻ پڙھيل ماڻھن جي تعليم جو بندوبست ڪري سگهجي يا سندن پڙھندڙ ٻارن جي درس و تدريس ۾ مدد ڪري. ان کان سواء ھر ڪا سماجي تنظيم پنهنجي مشھور شخصيتن ۽ اھم واقعن جا ڏڻ پڻ ملھائينديون ھيون.
ڪراچي جي“ پريم منڊلي“ جو دفتر بندر روڊ تي قائم “ فيض حسيني بلڊنگ“ ۾ ھوندو ھيو ھن منڊليءَ پنهنجي دور جي وڏين شخصيتن کان ڪيترائي ليڪچر ڪرايا. انهي قائم ٿيڻ کان جلد پوء نائيٽ اسڪول پڻ کوليو ھيو ۽ آگسٽ 1923 ۾ اتي ناميارو اديب لالچند امر ڏنومل جڳتياڻي شاھ لطيف جي سوانح ۽ شاعري تي ڪلاسز وٺندو ھيو .ھن پريم منڊلي جي پنهنجي ڊبيٽنگ سوسائٽي پڻ ھوندي ھئي جنهن طرفان ڊراما ڪرايا ويندا ھئا ۽ وڏن ماڻھن جا ڏينهن ملھايا ويندا ھئا. 1922 ۾ پريم منڊليءَ “ دي ينگ بلڊرز“ نالي ھفتيوار اخبار ڪڍي تہ جيئن نئين نسل جي علمي ۽ نظرياتي تربيت ڪري سگهجي. جن مکيه شخصيتن ھن منڊلي کي قائم ڪيو ۽ فعال رکيو انهن منجهان پي. ايل واسواڻي، ڏيئل مل ٽيڪچند، گلاب راءِ ڇٽومل، ايڇ. بي آڏواڻي، ايم بي ھيراننداڻي، چيلارام ۽ آوترام ذڪر لائق آھن. ٽي ايل واسواڻي تعليم کاتي ۾ استاد ۽ آفيسر رھيو. ھو شاعر ۽ ليکڪ ھيو ۽ سندس ڪيترا ڪتاب شايع ٿيل آھن. پريم منڊلي جو وڏي کان وڏو ڪارنامو اھو آھي تہ انهي ذات پات جي خلاف وڏو ڪم ڪيو ۽ ھن جيڪو نائيٽ اسڪول قائم ڪيو ان ۾ ھيٺئين درجي جي ھندن کي ئي تعليم ڏني ويندي ھئي. 
    مان ڪوشش ڪندس تہ وقت ملڻ سان پنهنجي آڳاٽين سماجي تنظيمن بابت ائين تعارفي پوسٽنگس لکي اڄ جي دور جي نوجوانن ۽ سماجي سڌارڪن کي اھو ٻڌائي سگهان تہ اسان جي ماضي جي سماجي تنظيمن ۽ موجوده دور جي سماجي تنظيمن ۾ ڪھڙو فرق آھي. اسان جا اڳوڻا سماجي ڪارڪن پنهنجي ماروئڙن جي خدمت ڪيئن ڪندا ھئا ۽ ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي موجوده دور جون سماجي تنظيمون سانگيئڙن جي سار ڪيئن لھن ٿيون. گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ ماضي جي سماجي تنظيمن بابت گھڻو مواد موجود آھي. آئون جيئن جيئن اھو سهيڙيندو ويندس تہ انهي کي سموھي ترتيب ڏئي ڪجه نہ ڪجه لکي وٺندس جيئن اڄ “پريم منڊلي“ تي لکيو اٿم.

Good Wishes