textgram 1556961780
ممتاز پٺاڻ
 
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
 
 
“جميعت العلماءُ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد ”
 
انگريزن جي زماني ۾ جيڪي 45 پوليٽيڪل پارٽيون ۽ پريشر گروپ فعال رھيا، انهن منجهان “جميعت العلماءُ“ پڻ ھڪ نھايت سرگرم پارٽي رھي آھي. نومبر 1919 ۾ جڏھن اھا دھلي ۾ ٺاھي وئي تہ ان ۾ سيد اسد اللہ  شاھ ٽکڙائي، مولانا تاج محمود امروٽي ۽ مولانا محمد صادق کڏي وارو ۽ ٻيا پڻ ان ۾ شامل ھيا .ان وقت انهي جماعت جو نالو “جميعت العلماءُ ھند“ رکيو ويو. ستت پوءِ سنڌ ۾ مولانا تاج محمود امروٽي جي صدارت ۾ انهي جي شاخ کولي وئي جنهن جو پھريون سيڪريٽري حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ٿيو .مولانا محمد صادق کڏي وارو ۽ سيد اسداللہ شاھ ٽکڙائي بہ ان جا صدر ٿي رھيا ۽ مولانا دين محمد وفائي سيڪريٽري ٿي رھيو.
سنڌ ۾ ھن پارٽي جون مختلف ھنڌن تي شاخون کليون جن منجهان بدين، ميھڙ، شڪارپور،سکر، ٿرپارڪر، ٺل، وڳڻ، ڪراچي، امروٽ، مٽياري ، ميرو خان، ھمايون، لاڙڪاڻو ،دادو،جيڪب آباد، ٺٽو، نواب شاھ،  ۽ حيدرآباد ذڪر لائق آھن. انهن شاخن کانسواءِ صوبائي سطح تي “جميعت العلماءُ سنڌ “ ھوندي ھئي. ھن پارٽي مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي زور وٺڻ تائين خاص طور تي 1937 تائين سنڌ جي طول و عرض ۾ ھڪ فعال سياسي قوت طور ڪم ڪيو .ھن پارٽي جي تاريخ ۾ ٻہ دفعا اختلاف ۽ ڌڙا بہ پيدا ٿيا. مثال طور ڏکڻ سنڌ جا ديني عالم جيڪي مسلم ليگ جي اثر ھيٺ آيا تن “جميعت العلماءُ “سنڌ کي ڪانگريس دوست پارٽي چئي شديد اختلاف ڪيا. پر پوءَ بہ ديني عالمن مذھبي بنيادن تي انهن سياسي اختلافن کي گھٽائي ڪيترو وقت گڏجي ھلڻ جي ڪوشش ڪئي. “ جميعت العلماءُ سنڌ“ ۽ ان جي  سمورين شاخن جيڪي گڏجاڻيون ڪيون يا سياسي ڪارڪردگي ڪئي اھو سمورو رڪارڊ گل حيات ۾ موجود آھي .اھڙي ريت  “ جميعت العلماءُ سنڌ“   ۾ جن سنڌي سياستدانن ۽ عالمن پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون انهن جي نالن جو ھڪ جامع وچور پڻ گل حيات انسٽيٽيوٽ ٺاھيو آھي. انهن منجهان ڪي نالا مون مٿي ڏنا آھن. نالن جي سموري لسٽ ھتي ڏيڻ ناممڪن آھي. ان ڪري ڪجه نالا ڏيان ٿو: پير تراب علي شاھ، مولانا حماداللہ ھاليجوي. مولوي خوش محمد ميروخاني، مولوي دين محمد “اديب“، پير ضياءُ الدين راشدي، مولوي عبداللہ لغاري، مولوي عبدالحق رباني، خليق مورائي، سيد حاجي عبدالرحيم شاھ سجاولي، مولوي عبدالڪريم چشتي، مولوي عبداللطيف ڊول، مولوي علي محمد مھيري، مولوي عزيزاللہ جروار، پير غلام مجدد، مولوي محمد ٻنوي، مولوي محمد ھالائي، مولوي محمد سليمان ٻنوي، مولوي محمد سليمان “واعظ“، مولوي محمد عظيم “شيدا“، مولوي نبي بخش عودي ۽ مولوي نظير حسين جتوئي وغيره. 
1920 کان وٺي 1937 تائين جيڪي بہ سياسي تحريڪون ھليون انهي ۾ “جميعت العلماءُ سنڌ“ ڀرپور حصو ورتو. ھي پارٽي “ خلافت تحريڪ“ جي دور جي  پيداوار ھئي ۽ جڏھن وقت جي سرڪار خلافت تحريڪ جي سياسي اثر کي ختم ڪرڻ لاءِ درٻاري ۽ سرڪاري عالمن کان فتوائون ڪڍرايون ۽ ھنڌين ماڳين “ امن سڀائون“ قائم ڪرايون تہ “جميعت العلماءُ سنڌ“ عالماڻي انداز ۽ سياسي تدبر سان سرڪار جي انهن سازشن جو مقابلو ڪيو ۽ وقت بوقت فتوائون ڪڍي عوام جي ڀرپور سياسي رھنمائي ڪئي. ھن پارٽي ديسي شين جي واپرائڻ لاءِ ۽ غير ملڪي شين جي استعمال کان باز رھڻ لاءِ نہ فقط فتوائون ڪڍيون پر انهي ڪم جي لاء پنهنجي طرفان مبلغ بہ مقرر ڪيا جيڪي تبليغ ڪري ماڻھن ۾ ڏيھي شين جي  استعمال ڪرڻ جو جذبو اڀاريندا ھئا. ھن پارٽيءَ شروع کان وٺي سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ليڪن اھا عليحدگي ھن پارٽيءَ فقط نالي ماتر نہ گھري ۽ عوام جي سياسي رھبري ڪئي تہ ائين نہ ٿئي جو سنڌ جي عليحدگي کان پوءِ سنڌ جا سنڌي حڪمران گورن انگريزن جي ھٿن ۾ گڏو بڻجي نچڻ لڳن.
ھن پارٽيءَ 1931 ۾  جميعت العلماءُ ھند جو ڏھون ساليانو اجلاس سڏرايو جيڪو ھر وجه کان ھڪ مثالي اجلاس ھيو. مولانا محمد صادق کڏي وارو “ آڌر ڀاءُ ڪاميٽي“ جو صدر ھيو ۽ ھن جيڪا نھايت مفصل آجياڻي جي تقرير ڪئي،اھا اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 
گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ ھن پارٽي بابت جيڪو مواد موجود آھي ان جو ڪجه حصو تہ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي .پر گھڻو مواد ھارڊ ڪاپي جي صورت ۾ اسان وٽ آھي جنهن کي ڪمپوز ڪرائي اپ لوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون مثال طور.
1.  ھن پارٽي جي سمورن عھديدارن ۽ ميمبرن جا سوانحي خاڪا.
2. “ توحيد “ رسالي ۾ شايع ٿيل ھن پارٽي جي اجلاسن ۽ ٻين ڪاروائين جا تفصيل. ياد رھي تہ اھو مواد اڃا اسان جي ڪيترن محققن جي نظر مان نہ گذريو آھي. 
3. ھن پارٽي بابت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل مواد. 
منهنجي خيال ۾ جميعت العلماءُ سنڌ تي انهي کان وڌيڪ جامع ۽ تفصيلي مواد شايد ڪنهن ٻئي ھنڌ تي موجود ھجي. جيڪڏھن انهي مواد کي ميڙي ۽ ڪنهن ڪتاب جي صورت ۾ ترتيب ڏجي تہ اھو سو ڏيڍ صفحي کان مٿي ٿيندو ۽ منهنجي انهي ڳالھ کي وري ٽيڪو ايندو تہ 45 پوليٽيڪل پارٽيز ۽ پريشر گروپس تي اسان وٽ مقدار ۽ معيار جي حساب سان مثالي مواد موجود آھي جيڪڏھن محققن ۽ ادارن ان منجهان ڪو ڀرپور فائدو نہ ورتو تہ انشاءَ اللہ اھو سارو مواد گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين

Good Wishes