20190502 141844
 
 
ممتاز پٺاڻ.
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
 
“ سوانح نگاري جي موضوع تي گل حيات ۾ گل ڪيل مواد“
 
مشرقي ملڪن ۾ “شخصيت“ کي “ادارن“ ۽ “واقعن“ کان مٿي اھميت ڏني ويندي آھي ۽ اھا اڪثر صورتن ۾ “شخصيت پرستي“ جي جهلڪ پيش ڪندي آھي .ان ۾ ڪو بہ شڪ ڪونهي تہ ادارا فرد ٺاھن ٿا ۽ واقعا شخصيتن جي ڪري ئي وجود ۾ اچن ٿا، پر گھڻن شخصيتن منجهان فقط ھڪ شخصيت جي چونڊ ڪري انهي کي آدرش بڻائي پنهنجي نظرين،قدرن ۽ اصولن جي واڳ انهي فرد واحد  جي حوالي ڪرڻ سان معاشرن ۾ فڪري گھوٽالا پيدا ٿين ٿا ۽ ماڻھون ذھني غلاميءَ جو ھڪ ڪلچر پيدا ڪري وٺن ٿا.  سواء نبين ۽ پيغمبرن جي باقي سڀ  انسان ھڪ جھڙا ۽ برابر آھن. انهن منجهان ڪنهن کي آدرش بڻائي انسان  محبتن،نسبتن ۽ رغبتن جي دنيا تہ قائم ڪري سگهجي ٿي پر انهي دنيا کي ٻين جي دلين ۽ ذھنن تي مڙھي نٿو سگهجي . بحرحال شخصيت دوستي ۽ شخصيت پرستي اسان جي علمي ۽ قلمي دنيا ۾ “سوانح “  جي موضوع تي وڏو مواد پيدا ڪيو آھي.
   گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ سوانح نگاري جي موضوع تي تمام گھڻو مواد موجود آھي ،جيڪو ٽن صورتن ۾ اسان وٽ موجود آھي:  1. آتم ڪٿائن تي ۽ سوانح نگاري تي ڪتاب،2. اخبارن ۽ رسالن ۾ شخصيتن بابت ڇپيل مضمون ۽ مقالا،3. گل حيات طرفان تيار ڪيل پروفارمن مطابق قلم ڌڻين ۽ ڏات ڌڻين کان سندن ھٿ سان ڀريل سوانح خاڪا.
ھن موضوع تي انگريزن جي دور کان وٺي جيڪو ڪم ٿيو آھي ان منجهان ئي اڄ ھڪ ڪتاب جي مون چونڊ ڪئي آھي ۽ انهي جي تصوير پڻ شيئر ڪئي اٿم. ھن ڪتاب تي بعد ۾ لکان ٿو پر اڳ ۾ انگريزن جي دور ۾ سوانح نگاري جي حوالي سان ٿيل ڪم بابت ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان.    ڏيارام گدومل شاھاڻي سنڌ جي آڳاٽن قلم ڌڻين مان ھڪ ھيو جنهن سوانح نگاري تي وڏو ڪم ڪيو. هن شاھ لطيف، اڏيري لعل ۽ ساڌو ھيرانند تي انگريزي ۾  ڏاڍي عالماڻي انداز ۾ لکيو. ساڌو ھيرانند تي لکيل سندس ڪتاب سنڌي ۾ بہ ترجمو ٿيو. خود ڏيارام گدومل تي ھڪ بھترين ڪتاب پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي لکيو جيڪو سوانح نگاري جي موضوع تي بھترين ڪتابن مان ھڪ آھي. مرزا قليچ بيگ پنهنجي آتم ڪٿا لکي ۽ ھن ڪتاب کي سنڌ جي ادبي ۽ سماجي  تاريخ ۾ ھميشه لاء ياد رکيو ويندو.
ان زماني ۾ سنڌ کان ٻاھر “ايئر بوڪس“ ( سال ناما) بہ ڇپبا ھئا ۽ “ھوئز ھو“ جي نالي سان بہ الڳ ڪتاب انگريزي ۾ شايع ٿيندا ھيا. انهن منجهان ڪجه ڪتاب گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھن. سنڌ ۾ وري،خاص طور تي ڪراچي ۾ “ڪراچي ايئر بوڪ“ ڇپبا ھئا انهن ۾ وري “ھو از ھو “جي عنوان سان ھڪ خاص حصو ھوندو ھيو جن ۾ تنهن دور جي مکيه شخصيتن جا تعارف ۽ ڦوٽو ڏنا ويندا ھئا. سنڌي شخصيتن تي بھترين ڪم ڊي جي ڪاليج طرفان ٿيو. ھن تعليمي اداري جي جڏھن گولڊن جوبلي ملھائي وئي تہ انهي وقت “خاص نمبر“ بہ ڪڍيو ويو. ھن اداري مان جيڪي پڙھي وڃي وڏن عھدن تي پھتا يا نالو ڪمايائون، انهن لاءِ ڊي جي ڪاليج جي ھن “ خاص نمبر“ ۾ ھڪ خاص چيپٽر رکيو ويو .اھو سمورو مواد گل حيات ۾ موجود آھي. 
جنهن ڪتاب جي ٽائيٽل پيج جي مون تصوير ڏني آھي اھو انگريزي ۾ لکيل 190 صفحن جو ڪتاب آھي ،جنهن جو ليکڪ ايم- يو عباسي آھي . 
ايم .يو.عباسئ “اين ايڇ اڪيڊمي“ حيدرآباد ۾ تعليم ورتي ۽ انهي اسڪول ۾ فارسي جو استاد بہ ٿيو. ڪيترو وقت “ڪراچي اڪيڊمي“ جو پرنسپال بہ ٿي رھيو. ان کان پوء ھن “ نيو سنڌ“ جي نالي سان انگريزي ۾ ھفتي وار اخبار بہ ڪڍي. مطلب تہ ھن تعليم ۽ صحافت ۾ پنهنجي زندگي جو وڏو عرصو گذاريو .ھي ڪتاب سندس ئي قلمي پورھيو آھي جيڪو 1944 ۾ شايع ٿيو. ھن ڪتاب ۾ ڪيترين ئي سنڌي شخصيتن جا ڦوٽن سميت سوانح خاڪا ڏنا ويا آھن پر انهن ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، ساڌو ھيرانند، مرزا قليڇ بيگ ۽ ٻين ڪيترين شخصيتن جو ذڪر موجود ڪونهي. ھن ڪتاب ۾ پوءِ بہ ٻن سو  کان مٿي شخصيتن جو احوال ڏنو ويو آھي جن ۾ ھندو بہ آھن تہ مسلمان بہ آھن ۽ سياستدان بہ آھن تہ واپاري بہ آھن. سوانح جي موضوع تي انگريزن جي دور جي آخري ڏينھن ۾ لکيل ھي ھڪ اھم ۽ ناياب ڪتاب آھي اسان جي ڪوشش آھي تہ انهي کي وري ڪمپوز ڪرائي گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکون.
زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل سنڌي شخصيتن جو اسان وٽ کوڙ سارو مواد موجود آھي. ڪنهن بہ دوست کي جيڪڏن ڪنهن بہ شخصيت بابت معلومات گھرجي تہ اسان اھا ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪنداسين جيڪڏھن اسان وٽ معلومات نہ ھوندي تہ  ڏس پتو ضرور ڏينداسين تہ اھا ڪٿي موجود ھوندي پنهنجي ماروئڙن  ۽ سانگهيئڙن کي اھا آڇ ڏجي ٿي تہ ھو گل حيات جي ميڙي چونڊي مان فائدو وٺن ۽ ان مان ئي اسان کي سڪون ملندو
  • Add to Phrasebook
     
    • No word lists for English -> English...
       
    • Create a new word list...
  • Copy
  • Add to Phrasebook
     
    • No word lists for English -> English...
       
    • Create a new word list...
  • Copy

Good Wishes