ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

“ ننڍن ٻارن سان وڏن ماڻھن جو ڳالهيون- شيخ عبدالمجيد سنڌي“


WhatsApp Image 2020 07 17 at 7.58.34 PMگل حيات جي اڱڻ ۾ شخصيتن جي تصويرن واري بورڊ رکڻ جو وارو هو. اسڪول ۾ رسيس ٿي تہ ٻار گل حيات پهچي ويا. بورڊ تي لڳل تصويرن مان هنن شيخ عبدالمجيد سنڌئ جي تصوير ڏي اشارو ڪندي چيو:“ فوٽوء هيٺان سندس نالو بہ لکيل آھي. پر شيخ عبدالمجيد سنڌي هئو ڪير؟“

مون کين ٻڌائڻ شروع ڪيو:“ بابا هي وڏو سياستدان ۽ صحافي هو“.
“جي ٻڌئون ٿا“. ٻار پلٿي هڻي منهنجي اڳيان ويهي رهيا ۽ مون پنهنجي بيان کي جاري رکيو:
“شيخ عبدالمجيد ٺٽي جو ويٺل هو. هندو گهراڻي ۾ جنم ورتائين. نوجوان هئو جو پنهنجئ رضا خوشئ سان مسلمان ٿيو. ان زماني جي هڪ وڏي سياستدان رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ جو اسسٽنٽ ٿيو. سياست سکڻ ۽ ڪرڻ لڳو. ڀرڳڙئ حيدرآباد مان اخبار جاري ڪئي. هي ان جو ايڊيٽر ٿيو.“
“جي ٻڌون ٿا. رسيس ختم ٿيڻ کان اڳ ڳالھ پوري ڪر“. ٻارن تاڪيد ڪندي چيو:“ پر اهو ٻڌاء تہ هو سنڌي ڇو سڏائيندو هو؟ ان وقت سنڌ ۾ تہ هر ڪو سنڌي ئي هو“.
مون کين موٽ ڏني: “ بابا انگريزن جي دور ۾ ٽن ماڻھن جي نالن سان سنڌي بہ شامل ٿيو. هڪ مولانا عبيدالله سنڌي، ٻيو شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٽيون مولانا عبدالواحد سنڌي. انهئ جو سبب هو.
مولانا عبيدالله سنڌي سک هئو ۽ سنڌ ۾ اچي مسلمان ٿيو. سنڌ جي انهئ احسان کي ياد رکڻ لاء ھن پاڻ کي سنڌي سڏايو، اصل پنجابي هو.
مولانا عبدالواحد سنڌي ذات جو انڍهڙ ھئو. تعليم پرائڻ لاء پهريون علي ڳڙھ پوء دهلئ ويو. اتي جامعيہ مليہ ڪاليج ۾ ٻارن جي هائسٽل ۾ نوڪري ڪيائين. شادي بہ اتي ڪيائين. اتي کيس گهر وارا ۽ ھائسٽل ۾ نالي وٺڻ بدران سنڌي چوندا هئا. پاڪستان ٺھيو تہ ڪراچئ موٽي آيو. بي بي سئ تي ڪم ڪندڙ آصف جيلاني سندس پٽ آھي.“
ٻار کلي پيا چوڻ لڳا تہ: “پئ انڍهڙ ۽ پٽ جيلاني“. مون کين مطمعن ڪيو تہ عبدالواحد انڍهڙ جي زال ذات جي جيلاني هئي. سندس اولاد ماء جي ذات سڏائي“.
پوء ڳالھ کي اڳتي وڌايم : “1932 ۾ لاهور ۾ جلسو ٿيو. ان جي صدارت ڪندڙ سياستدان مان جلسي ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻھون خوش نہ هئا. ان ڪري هنن جلسي ۾ گوڙ ڪيو. شيخ عبدالمجيد بہ ان جلسي ۾ شريڪ ٿيو هو. هن ماڻھن جو گوڙ ختم ڪرڻ لاء وڃي مائيڪ سڀالي. ماڻھن آواز ڏيڻ شروع ڪيا تہ سنڌئ کي ٻڌو سنڌئ کي ٻڌو. جلسي ۾ ٺاپر اچي وئي. ان ڏينهن کان هو شيخ عبدالمجيد سنڌئ طور مشهور ٿيو“.
“رسيس ختم ٿيڻ کان اڳ مان اوهان کي هن عظيم انسان جون ٻيون ڳالهيون ٻڌائي وٺان“. مون سلسلو جاري رکيو. “ شيخ عبدالمجيد سنڌي چوٽئ جو اڳواڻ ھو. خلافت تحريڪ جي زماني ۾ مولانا محمد علي جوهر مولانا شوڪت علي ۽ ٻيا سنڌ ۾ آيا. شيخ عبدالمجيد سنڌي سکر جيل ۾ ھو. اهي ٻاهريان سياستدان مهمان سکر ويا ۽ چيائون تہ اسان شيخ عبدالمجيد کي سلامي پيش ڪنداسين. هنن سکر جيل جي چوڌاري ڦيرا ڏنا ۽ زور سان الله اڪبر جا نعرا لڳايا. قيدين بہ موٽ ۾ الله اڪبر جا نعرا هنيان ۽ سکر جيل اندران ۽ ٻاهران انهن نعارن سان گونججي پيو“.
مون سلسلو جاري رکيو: “ شيخ عبدالمجيد سنڌي قيد ۾ هو ۽ هن جي قربانين جي واکاڻ ڪرڻ لاء حيدرآباد ۾ جلسو ٿيو. شيخ عبدالمجيد سنڌئ جي قومي قربانين جي ڪهاڻي ٻڌي اتي موجود هڪ مائي چيو تہ شيخ صاحب آزاد ٿي اچي تہ مان هن سان شادي ڪنديس. شيخ عبدالمجيد سنڌئ کي وني ايئن ملي“.
ٻار جهڙوڪ تاريخ جي درئ مان شيخ عبدالمجيد سنڌئ سان ڪچهري ڪري رهيا هئا. هو کيس ڏسي تہ نہ ٿي سگهيا پر هن بابت مون کان ٻڌڻ پئي گهريا. مون سلسلو جاري رکيو: “ بابا شيخ عبدالمجيد سنڌي وڏو انسان هو. هن الوحيد اخبار کي انگريزن خلاف ڪاتي ڪهاڙو بڻائي ڏيکاريو. هن سنڌ کي ممبئ کان الڳ ڪرڻ واري تحريڪ کي زور وٺايو. هن 1938 ۾ هندستان جي ورهاڱي جي ڳالھ ڪئي. 1940 وارو پاڪستان ٺھراء پوء پاس ٿيو. هو آزادي جو متوالو هو. هن سياست مان ملڪيت ڪانہ ٺاهي. پر هن آدرشي ۽ اصولي سياست ڪئي. هن ايوب جي آمرانہ حڪومت خلاف فاطمه جناح سان گڏ تحريڪ هلائي.“
مون محسوس ڪيو تہ هر ڪو ٻار ايئن پيو سوچي تہ هو بہ شيخ عبدالمجيد سنڌئ جهڙو ٿئي. رسيس ختم ٿيڻ واري هئي ۽ ٻار مون کان موڪلائي اسڪول هليا ويا.

Good Wishes