ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

“ ننڍن ٻارن سان وڏن ماڻھن جو ڳالهيون-مخدوم جو روزو“


WhatsApp Image 2020 06 20 at 10.58.19 AM 
“ ننڍڙن ٻارن سان وڏن ماڻھن جون ڳالهيون- سائين هئ تہ اسان جي ڳوٺ جي مخدوم جو روزو آھي“
هڪ ڏينهن جڏھن ٻار گل حيات ۾ آيا تہ عمارتن واري بورڊ کي ڏسي، هڪ عمارت تي هٿ رکي چيائون تہ :“ سائين! هي تہ مخدوم جي روضي جي تصوير آھي. اسان جو ڳوٺ هن اولياء الله تي باسون باسيندو آھي ۽ هر سال وڏئ ڌام ڌوم سان هن جو ٻارهو ملهائيندو آھي. اڄ اسان کي هن بزرگ لاء ٻڌايو“.
مون ڳالهائڻ شروع ڪيو: “ بابا ! مخدوم جو نالو شھاب الدين آھي ۽ ذات جو مڱريو آھي. هن عظيم انسان جيڪو ڪم ڪيو، اسان ان کي وساري هن کي پير بڻائي اولاد لاء، مرادون پوريون ڪرڻ لاء باسون باسڻ شروع ڪيون.“ ڏٺم تہ ٻار جي نرڻن تي گهنج پوڻ لڳا. مون کي ۽ هڪ ٻئي کي عجيب نظرن سان ڏسڻ لڳا. مون ان جو فائدو ورتو ۽ ڳالهائڻ جاري رکيو: بابا! ڳڙھي خدابخش ۾ وڃو، اتي ذوالفقار علي ڀٽي جي مزار تي بہ اوهان کي باسون باسڻ ۽ پڙ چاڙھڻ وارن جا هجوم نظر ايندا. اوهان مخدوم بلاول جي مزار تي وڃو، اتي بہ ساڳيو رنگ ڏسندئو. اوهان شاه عنايت جي روضي تي وڃو تہ ات بہ ساڳي صورتحال ڏسندا. پر ڪير اسان کي سمجهائي تہ اهي ڇو شھيد ٿيا ۽ انهن اصلي ڪم وساري، اسان کين پٽن ڏيڻ ۽ مرادون پوريون ڪرڻ وارا پير بڻائي ڇڏيو.“ مون ڏٺو تہ ٻار ڪڇن جيئن ڀت. هو مون کان انهن درگاهن بابت عجيب ڳالهيون ٻڌي رهيا هئا. مون سلسلو جاري رکيو: بابا ! مخدوم بلاول ڌارين حڪمرانن خلاف تحريڪ هلائڻ ڪري ٺڳئ سان گهاڻي ۾ پينهرايو ويو. شاه عنايت ڌارين مغلن ۽ ھارين جي دشمنن سان نہ ٺھيو ۽ کيس شھيد ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي اڃا وڌيڪ مضبوط ملڪ پيو بڻائڻ گهري، ان ڪري ڦاهي تي لٽڪايو ويو. اهي سڀ مدبر ۽ ماڻھن توڙي ملڪ جا عاشق هئا. انهن اسان کي پٽن ڏيڻ ۽ مرادون پوريون ڪرڻ لاء شھادت ڪانہ ورتي هئي. ساڳي ڳالھ مخدوم شھاب الدين جي آھي. مخدوم شھاب الدين غازي هو ۽ وڏو ديني عالم هو ۽ اسان جي ڳوٺ جي علامہ محمد آريجوئ جو پڳ مٽيو يار هو.“
ٻار خاموش هئا ۽ مان ڳالهائيندو رهيس: “ مخدوم شھاب الدين ۽ علامہ محمد آريجوئ ملي اسان جي ڳوٺ ۾ مثالي ماحول پيدا ڪيو. ڳوٺ ۾ ٿيندڙ غير شرعي ڪم بند ڪيائون. جوا، چوري، بدڪاري ۽ مفت جو پنڻ بند ڪيائون. لنگها پنڻ لاء ڳوٺ ۾ نہ ايندا هئا ۽ انهن مان ڪنهن بيت ٺاهيو تہ
لاهي لنگها ويه ،آريجن مان آسرو،
پني پرائو ڏيه، اچي کاء آريجن ۾
ٻارن وڏي اڻ تڻ ۾ سوال ڪيو: “ڀلا مخدوم شهاب الدين بابت بہ تہ ٻڌايو نہ؟“
مون سوال جي جواب ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو: “ بابا ! مخدوم شھاب الدين مخدوم عبدالرحيم گرهوڙئ جو معتقد هو. مخدوم عبدالرحيم ٿر ۾ مهاديو نالي هڪ هندوء سان وڃي جنگ ڪئي. مهاديو ڪيترن مسلمانن کي ڀلائي ڀمڀلائي هندو ڪندو هو. مخدوم عبدالرحيم هن سان 1778 ع ۾ جنگ ڪئي. ان جنگ ۾ مخدوم شهاب الدين بہ شامل هو. جنگ ۾ مهاديو ۽ مخدوم گرهوڙي مري پيا. مخدوم شهاب الدين پوء اچي اسان جي ڳوٺ ۾ ويٺو ۽ وفات تائين دين جي خدمت ڪيائين.“
مون ڏٺو تہ منهنجي ڳالهين ٻارن جي ذھنن ۾ ڪي مستقل سوال اڀاريا ۽ هو اهي سوال کڻي پنهنجي گهرن ڏانهن موٽي ويا.

 

Good Wishes