هي دهلن سندا ڌڌڪا، ٻڌين ڇو نه ٻوڙا ؟

 

چوندا آهن ته اڳئين زماني ۾ ڪائنات جو ذرو ذرو ڳالهائيندوهو، وڻ ٽڻ ڳالهائيندا هئا ۽ جهنگ جا جناور ڳالهائيندا هئا، پکي پکڻ ڳالهائيندا هئا ۽ جبل پهڻ ڳالهائيندا هئا. انهن کي هر ڪو ٻڌندو هو ۽ هر ڪو سمجهندو هو ، پر اڄ اسان کي الائي ڇا ٿي ويو آهي جو جڏهن ماڻهو ڳالهائن ٿا تڏهن به اسان ڪونه ٿا سمجهون، اسان جي ڪنن ۾ ڪپهه پيل هجي ها ته اها ڪڍڻ آسان هئي، پر لڳي ٿو ته اسان پنهنجي ڪنن ۾ شيهو ڀري ڇڏيو آهي. ان ڪري ڪجهه به ٻڌي نه ٿا سگهون. اسان اک کڻي آسمان ڏي ڏسڻ لاءِ به تيار ڪونه آهيون ته انهيءَ اسان لاءِ ڪهڙا ڪهڙا رنگ پئي بدلايا آهن؟اسان اهو زمانو به ڏٺو جڏهن ماڻهن اسان کي گهرن ۽ گهٽين ۾ ڍورن ڍڳن وانگر ڪٺو، اڄ اهي ماڻهو هٿ جوڙي اسان کان معافيون وٺي رهيا آهن. اڳ حق گهرڻ لاءِ سنڌ جي ڪن سياستدانن جيڪي ڳالهيون ڪيون انهن جي موٽ ۾ کين ملڪ دشمن، علحيدگي پسند، مذهب منحرف ۽ الائي ڇا مان ڇا چيو ويو . پر اڄ اهي ڳالهيون هر ڪنهن جي زبان تي آهن.هر ڪو سياستدان عجيب ۽ انوکي ٻولي ٻولي رهيو آهي. انهيءَ ٻوليءَ ۾ پيغام آهي ۽ هن دور جي وڏي کان وڏي پيشنگوئي آهي. انهيءَ پيغام ۽ پيشنگوئيءَ جو واسطو اسان جي آئيندي سان آهي. پر اسان حالتن جو سچ ۽ سڏ ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون. انهيءَ سڏ جي روشنيءَ ۾ پاڻ کي تيار رکڻ جو اونوئي نه ٿا رکون . حالتن ڳالهايو پر اسان ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، هاڻي ماڻهو ڳالهائڻ لڳا آهن ته اسان ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون. ماڻهو به اهي ڳالهائن ٿا جيڪي معتبر آهن. اهي پنهنجي عقل سليم ۽ هوش حواس سان ڳالهائن ٿا، هنن تي اهڙي گفتگو ڪرڻ لاءِ ڪو ظلم زبر دستي ڪو نه ٿو ڪري. پر هو پنهنجي دل جي زبان سان ڳالهائن ٿا. ڪنهن ڪنڊ پاسي تي يا لڪي چوري نه ٿا ڳالهائن.پر هزارها ماڻهن اڳيان ڳالهائن ٿا.سندن اهڙيون ڳالهيون اخبارن ۾ ڇپجن ٿيون ۽ اخبارون اڄڪلهه هر ڪو پڙهي رهيو آهي.

ڳالهه ڪندا آهن ته بنگلا ديش جڏهن اوڀر پاڪستان هئو، انهيءَ زماني ۾ اسلام آباد شهر اڏيو ويو . اوڀر پاڪستان جا سياستدان سرڪاري ڪم سانگي اسلام آباد گهمڻ آيا ته انهن مان هڪ سياستدان اسلام آباد جي رستن ۽ روڊن تي لڳايل گل ڏٺا. هن انهن گلن کي سنگهيو ۽ روئي چئي ڏنائين ته ”هنن گلن جي خوشبوءِ ۾ مون کي اوڀر پاڪستان جي عوام جي رت جي بوءِ اچي ٿي.“ سندس اها ڳالهه مغربي پاڪستان ۾ ڪنهن کي به پسند ڪا نه آئي.پر هن جي زبان تي آيل جملو تاريخ جو پڙاڏو هو ۽ تاريخ هن سياستدان جي زبان بڻجي پيشن گوئي ڪئي ۽ حالتن ٿورن سالن ۾ اها پيشن گوئي سچي ڪري ڏيکاري.

اها ڳالهه جڏهن هڪ بنگالي سياستدان ڪئي ته اسان انهيءَ کي هن ڪري وزن نه ڏنو جو، بنگالين کي اسان علحيدگي پسند ڄاڻندا هئاسين.اڄ ڪو به علحيدگي پسند سياستدان اهڙي ڳالهه ڪونه ٿو ڪري پر ملڪ جا خيرخواهه وفاق دوست سياستدان ۽ اقتدار ڌڻي ماڻهو هڪ ئي آواز آلاپي رهيا آهن، هو وڏي واڪي چئي رهيا آهن ته اسان جو ملڪ هاڻي بچڻ وارو ناهي.ڌڻي ڄاڻي اها تعجب جي ڳالهه چئبي يا بدنصيبي چئبي يا وڏو سچ چئجي جو هن ملڪ جي وڏي صوبي سان واسطو رکندڙ نگران وزير اعظم اقتدار ۾ هوندي وڏي واڪ چيو آهي ته ملڪ جي حياتي چند سال آهي.

چند سال پٺتي وڃڻ جي ڳالهه ڪانهي. اڄوڪن ڏينهن کي ڏسو، سياستدانن ۽ حڪمرانن جا بيان پڙهو. هر ڪو اسان کي تاثر ڏئي رهيو آهي بلڪ ذهني طور قبول ڪرائي رهيو آهي ته ملڪ ٽٽڻ وارو آهي.

 

ٻن وڏين پارٽين جي اڳواڻن جي زبان تي اها ئي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن سندن قيادت کي ملڪ ۾ موٽڻ نه ڏنو ويو ته وفاق خطري ۾ پئجي ويندو. پنجاب سان واسطو رکندڙ سياستدان وفاق جي خطري جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. اهڙي ريت لڳ ڀڳ سمورن سياستدانن تاريخ جو قرض لاٿو آهي ۽ ملڪ جي مستحڪم مستقبل بابت انديشا ظاهر ڪيا آهن.

اچو ته ”عوامي آواز“ اخبار جا ورق ورائي ڏسون. گذريل ٻن مهينن تي نظر وجهون، اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا. بيانن جون ڪي سرخيون ملاحظه ٿين.

1. ”پاڪستن عالمي سطح تي اڪيلو ٿي ويو، فوج واپس نه وئي ته حالتون سنگين ٿينديون“ (نوابزادو نصرالله خان، 12 فيبروري)

2. ”حڪمرانن سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، وفاق خطري ۾ آهي.“ (پي پي قيادت ، 25 جنوري)

3. ”پاڪستان م عدليه آزاد ناهي.“ ( سابق چيف جسٽس سجاد شاهه، 14 فيبروري)

4. ”ملڪي حالتون خراب ٿي ويون، برطرفيون جاري رهيون ته ملڪ ٽٽي پوندو.“ (غنويٰ ڀٽو، 19 فيبروري)

5. ”سنڌ کي پاڪستان ٺاهڻ جي سزا نه ڏني وڃي، پنجاب جي عملدارن کي نا انصافيءَ کان روڪيو، ڪافرن جو ملڪ ته بچي سگهي ٿو، پر ظالم رياست رهي نه ٿي سگهي“ (صوبائي وزير،25 فيبروري)

6. ”1940ع جي ٺهراءَ موجب حق نه مليا ته سنڌ جي آزاديءَ جو نعرو هڻڻ کان به نه ڪيٻائينداسين.“ (الطاف حسين، 23 جنوري)

7. ”مڪمل صوبائي خود مختياري نه ڏني وئي ته سنڌ جو ٻچو ٻچو آزاديءَ جي ڳالهه ڪندو.“( الطاف حسين، 3جنوري)

8. ”صوبن کي مڪمل خودمختياري ڏيڻ کانسواءِ جمهوريت جي بحاليءَ جو ڪو به فائدو ڪو نه ٿيندو.“ (غنويٰ ڀٽو، 13 جنوري)

9. ”سنڌ سان نا انصافي برداشت نه ڪنداسين، پاڻي نه مليو ته وڏي تباهي ايندي.“ (غنويٰ ڀٽو، 26 فيبروري)

10. ”پنجاب ۽ ارسا جو چيئرمين ضد تي قائم، ننڍا صوبا بي وس، ووٽنگ واري رٿ به رد.“ ( اخباري خبر، 23 فيبروري)

11. ”ووٽنگ ۾ سرحد ۽ بلوچستان کي ڪا به اهميت حاصل ناهي، اصل جهيڙو سنڌ ۽ پنجاب ۾ آهي“ (ارسا جو چيئرمين)

12. ”پنجاب جي بالا دستي ۽ فوج جو ڪردار قبول نه ڪبو.“ ( پونم، 23 جنوري)

13. ”پاڪستان ۾ فاشزم اڄ به موجود آهي، هلندڙ سال حڪمرانن سان هڪ هڪاڻي ڪنداسين.“(بينظير ڀٽو، 3 فيبروري)

14. ”عوام کي حق نه مليا ته ملڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو. (............. 29 فيبروري)

15. ”مظلوم قومن کي حق نه ڏنا ويندا ته آزاديءَ کان پوءِ ڪا به واٽ نه بچندي.“ (قومپرست اڳواڻ، 18 فيبروري)

16. ”پاڪستان جي خاتمي جو خدشو آهي .“ (پير پاڳارو، 2 فيبروري)

 

اخبارون انهن ۽ اهڙن بيانن سان ڀريون پيون آهن، نئين سج ڪو نئون سياستدان اهڙي ڳالهه ڪري ٿو . حالتن جا دهل سياستدانن جي زبان بڻجي چڪا آهن. اهي سياستدان اسان کي وڏي واڪ پيغام ڏين ٿا. هوشياري ڪرڻ ۽ آئيندي جي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿيڻ جو تاڪيد ڪن ٿا.تاريخ پنهنجو پاسو مٽائيندي، اسان تي طنز ڪندي چوي ٿي ته ”هي دهلن سندا ڌڌڪا، ٻڌين ڇو نه ٿو ٻوڙا.“

 

 

(ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

تاريخ : 11.03.2001)

 

 

Good Wishes