وحدت ۽ ڪثرت جي فلسفي بابت اسان جي سماج جا نظرياتي ۽ عملي ويچار

 

اسان پنهنجي ڄمڻ کان وٺي اهي نصيحتون ۽ هدايتون ٻڌيونسين ته لساني ۽ علاقائي اختلاف ميساري ملڪ ۾ قومي وحدت ۽ ايڪو پيدا ڪيو ويندو . هاڻي اسان جي حڪمرانن کان ذري گهٽ اها ڳالهه وسري چڪي آهي ، ڇو ته وڏي عرصي کان وٺي حڪمرانن کي ملڪ يا عوام جي اوني بدران پنهنجي اقتدار جي ڪرسيءَ کي هٿ ڪرڻ ۽ بچائڻ جو فڪر پئي دامن گير رهيو آهي.

وحدت، ايڪي ۽ اتفاق جون ڳالهيون انهيءَ وقت ڪيون ويون، جڏهن ان کان ٿورو وقت اڳ تاريخ جي ڦيڦي کي تقسيم ڪرڻ طرف زور سان ڦيرايو ويو ۽ نتيجي ۾ هندستان جي تقسيم ٿي . تاريخ ۽ حالتن کان تقسيم جو راڳ بند ڪرائڻ لاءِ اسان جي حڪمرانن وحدت، اخوت ۽ ايڪي جو آواز بلند ڪيو. اهڙي ڳالهه ڪرڻ کي وقت جي تقاضا بڻائي وئي. ڇو ته خارجي خطرن کي منهن ڏيڻ کان سواءِ ملڪ ۾ کوڙ سارا سياسي تجربا ڪرڻا هئا . اهڙن تجربن جي پڄاڻي ون يونٽ قائم ڪرڻ سان ڪئي وئي. اتحاد، ايڪي ۽ وحدت جون ڳالهيون ڪندي حڪمرانن ملڪ ٽوڙي ماٺ ڪئي ۽ پوءِ اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ اقتدار قائم ڪرڻ جي ڌن ۾ لڳي ويا.

لساني، صوبائي ۽ علاقائي تضادن جي خاتمي جو راڳ آلاپي ملڪ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون ويون . خاص طور تي سنڌ ۾ پناهگير آبادڪاري، ڪليمن جا مامرا ۽ همدردين جي بنياد تي ملازمتن جي ورکا جهڙا پاڻ ورسائڻ وارا ڪم نهايت آساني ۽ سليقي سان ڪيا ويا. ان ڪري هاڻي ملڪي سطح تي سياستدان ۽ حڪمران وحدت جي ڳالهه نه ٿا ڪن. پر ان جي برعڪس اقتدار ڌڻي توڙي اقتدار کان وانجهيل سياستدان صوبائي خودمختياري ۽ 1940ع جي ٺهراءُ واريون ڳالهيون ڪن ٿا.

جيئن ملڪي سياست وقت به وقت سانڊي جيان رنگ بدلائيندي رهي آهي. تيئن وحدت ۽ ڪثرت جي فلسفي کي بولاٽيون کارايون ويون آهن. پر اهو اسان جو موضوع ڪونهي. اسان اهو ڏسڻ چاهيون ٿا ته سنڌ جي سماجي ۽ نظرياتي تناظر ۾ اسان وحدت ۽ ڪثرت جي فلسفي بابت ڪهڙي سوچ ۽ ڪهڙي لوچ رکون ٿا؟

سنڌ جو سماج به هن وقت تقسيم ۽ ڪثرت جو پيرو وٺي چڪو آهي. 1947ع کان اڳ ۽ پوءِ وارين سوچن ۽ لوچن جو اهوئي منطقي نتيجو هئو. اسان جي وڏڙن تقسيم جي حق ۾ راءِ ڏني هئي. ان ڪري تقسيم يا ڪثرت جو عمل ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين تاريخ ۽ حالتن جي ڦيڦي کي ڏنل تحرڪ ماٺيڻو ٿئي ۽ ڦيڦو چڪر ڪاٽڻ واري قوت وڃائي منطقي طور پٺتي ڦرڻ شروع ڪري يا ان جي موشن يعنيٰ تحرڪ کي هٿراڌو روڪيو وڃي.سنڌ جي سماج ۾ تقسيم ۽ ڪثرت جو جادو ۽ انهيءَ جادو جو اثر اسان کي هر هڪ فرد جي وجود کان وٺي، گهرن ۽ شهرن، تنظيمن ۽ ادارن مطلب ته هنڌين ماڳين نظر اچي ٿو. اڄ جو سنڌي پنهنجي وجود ۾ ڀور ڀور آهي. هن ۾ اجتماعي حوالي سان نظرياتي ناپختگي پيدا ٿي چڪي آهي. ان ڪري هو روز به روز نت نيون سياسي، سماجي، مذهبي ۽ ثقافتي تنظيمون قائم ڪندو رهي ٿو .

ڪثرت يا تقسيم جي اثر ۽ جادو کي محسوس ڪرڻو ۽ ڏسڻو هجي ته خاندان جي رشتن ۽ ناتن کي ڏسو.ادارن ۾ نانيءَ ويڙهن کي ڏسو.هر هنڌ اوهان کي تقسيم، تضاد ۽ اختلاف نظر ايندا. تضاد ، اختلاف ، تقسيم ۽ ڪثرت غير منطقي عمل ۽ رويا ڪونه آهن . انهن کي پنهنجي منطقي انجام تي پهچائڻ لاءِ انهن کي برداشت ڪرڻو پوندو. انهن جي مخالفت سان تضادي روين ۽ اختلاف ۾ اڃا به وڌيڪ شدت پيدا ٿيندي. پر هائو، اسان تضاد، اختلاف، تقسيم ۽ ڪثرت کي صحيح موڙ ڏئي سگهون ٿا ۽ اهڙو موڙ ڏيڻ به گهرجي. ٻي صورت ۾ اسان کي تباهي ۽ بربادي کان ڪو به بچائي نه ٿو سگهي.

صحيح موڙ ڏيڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان ٿڌي دماغ ۽ سهپ جي جذبي سان تضادن، اختلافن، تقسيم ۽ ڪثرت جي ڇنڊ ڇاڻ ڪيون. انهن جي پس منظر ، ڪارڻ ۽ نتيجن جي نشاندهي ڪيون. جيڪڏهن انهن پٺيان جائز سبب آهن ته پوءِ اسان کي تضادن ۽ اختلافن جي پٺ ڀرائپ ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪي احساس محروميون ۽ غلطيون آهن ته پوءِ انهن جو ازالو ڪرڻ گهرجي.

تضادن، اختلافن، تقسيم ۽ ڪثرت جي روين جي ڇنڊ ڇاڻ نه ڪري ، يا انهن کي صحيح موڙ نه ڏئي اسان تاريخ ۽ حالتن جا ڏوهاري ٿي پيا آهيون. ڇو ته اسان سمورن جو جڏهن مقصد ساڳيو آهي ۽ منزل ساڳئي آهي ته پوءِ واٽون ويهه ڇو ٿيون آهن؟ ڇا اها اسان جي عقل جي ڏيوالپڻي جي ثابتي آهي يا مثالي ڏاهپ جو ثبوت آهي؟

عملي طور تي اسان ڪثرت، تقسيم، تضاد ۽ اختلاف جا پوئلڳ بڻجي چڪا آهيون. ليڪن نظرياتي طور تي وري ايڪي، اتحاد، اتفاق ۽ وحدت جون ڳالهيون ڪيون ٿا. جنهن جو مطلب هي ٿيو ته وحدت ۽ ڪثرت جي فلسفي بابت اسان جو نظريو تضادن تي ٻڌل آهي. اسان جيئن چئون ٿا، تيئن ڪيون نه ٿا، ۽ جيئن ڪيون ٿا تيئن چئون نه ٿا. انهيءَ فلسفي جي حوالي سان اسان جي قول ۽ فعل، سوچ ۽ لوچ ۾ تضاد موجود آهي ، جيڪا ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي . وحدت بابت به اسان جي سوچ توڙي لوچ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.اسان وحدت غير منطقي نموني واري چاهيون ٿا. اسان مان هر ڪو ايئن ٿو چاهي ته باقي انسان هن جهڙا تي پون. اسان جهڙوڪ ٻئي جي انفراديت، انفرادي صلاحيتن ۽ لياقتن کي تسليم ڪرڻ کان نابري واري ويهون ٿا. نڪ جو ڪم سنگهڻ آهي، انهيءَ کان ڏسڻ جو ڪم وٺي نه سگهبو. اکين جو ڪم ڏسڻ آهي ان کان زوريءَ اسان سنگهڻ جو ڪم وٺي نه ٿا سگهون. بنهه اهڙيءَ ريت ڪثرتون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي اهميت ۽ افاديت رکن ٿيون. اهي سموريون ڪثرتون ملي وحدت کي جنم ڏين ٿيون. بلڪل ايئن جيئن انسان جا سمورا عضوا الڳ الڳ ڪم ڪندي مجموعي طور تي ماڻهو کي ماڻهو بڻائن ٿيون.

ڪڏهن به ۽ ڪٿي به ايئن نه ٿيو آهي ته ڪثرتن کي ختم ڪري وحدت قائم ڪئي وئي هجي. رنگت، خوشبو، ٽاري، ٻوٽو ، پتيون اهي سڀ ملن ٿيون ته گل روپ وٺي ٿو . انهن مان هر هڪ شئي جي الڳ حيثيت ۽ اهميت آهي. ان ڪري وحدت تڏهن قائم ٿيندي، جڏهن ڪثرت جو تشخص قائم رهندو . پر اسان ايئن نه ٿا سوچيون ۽ ايئن نه ٿا ڪيون. اسان جيڪڏهن محقق آهيون ته چئون ٿا ته دنيا جهان جو هر ڪو ماڻهو محقق ٿئي. اسان سياستدان آهيون ته چئون ٿا ته هر ڪو سياسي ڪارڪن ٿي پئي. وحدت خواهه ڪثرت کي ختم ڪرڻو ڪونهي. ٻنهي کي قائم رکڻو آهي ۽ گڏيل مقصدن جا ڪامن فيڪٽرس تلاش ڪري ڪثرتن، اختلافن تضادن جي انهن ۽ اهڙين صلاحيتن مان ڪم وٺڻو آهي. ان ڪري ڪنهن تي پنهنجي ڇاپ هڻڻي ڪانهي، پر تعاون ۽ سهڪار وٺڻو آهي ۽ ڏيڻو آهي. ايئن ئي اسان وحدت ۽ ڪثرت ۾ توازن به قائم ڪري سگهنداسين ته اجتماعي مقصد به ماڻي سگهنداسين.

(ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،تاريخ : 1.02.2001)

 

 

Good Wishes