شيڪسپيئر ۽ شاهه لطيف جون قومون

 

عالمي شهرت رکندڙ انگريز دانشور شيڪسپيئر 1564ع ۾ ڄائو ۽ 1616 ۾ وفات ڪري ويو. لاکيڻي لطيف جي والادت 1690ع ۾ ٿي. يعني شيڪسپيئر جي وفات کان پڪي مني صدي پوءِ ڀلارو ڀٽ ڌڻي اسان جي ڪڻي ۾ آيو. هيءَ ڳالهه هن ريت به ڪري سگهجي ٿي، ته شيڪسپيئر جنهن موڙ تي پنهنجي قوم ڇڏي ويو هئو، انهيءَ قوم پنهنجي ڏاهن جي ڏس تي پوري مني صدي سفر ڪيو هو ۽ ايترو اڳتي وڌي چڪي هئي.

شيڪسپيئر پنهنجي قوم کي ڪهڙي موڙ تي ڇڏيو هو؟ انهيءَ جو جواب سندس ئي قوم جي مشهور نقاد ۽ محقق مختصر پر جامع لفظن ۾ ڏنو آهي. هو لکي ٿو ته ” انگريز قوم، شيڪسپيئر جي زماني ۾ قتل ۽ غارت جي وحشت پڻي مان جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي .“

شيڪسپيئر جي دور جي جيڪڏهن مختصر لفظن ۾ تصوير چٽجي، ته اها هن ريت ٿيندي. خارجي ميدان ۾ فوجي فتحن ۽ داخلي طور تي ملڪ دشمن قوتن کي مات ڏيڻ وارين حڪومتي ڪوششن عوام جا حوصلا بلند ڪيا. هنن ۾ قومي اتحاد ۽ آزاديءَ جو پر سڪون احساس مضبوط ٿيڻ لڳو.نتيجي ۾ عوام، وطن دوستي ۽ قوم کي پاڻ ارپڻ وارن ڪم ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. عوام اڳين حڪمرانن جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي غربت ۽ افلاس مان جان ڇڏائيندي محسوس ڪيو. داخلي طور تي اهڙين حالتن ڪن هنڌن تي طبقاتي نظام ۾ ڀڃ ڊاهه جو عمل شروع ڪرايو. اهڙي تضاد وڏن وڏن زميندارن جي تسلط کي ٽوڙڻ شروع ڪيو. بي زمين زرعي پورهيت کيڙڻ ۽ کائڻ واري حيثيت وٺڻ لڳا. مٿئين ۽ هيٺئين طبقي جي انهيءَ ڇڪتاڻ ليکڪن کي نت نوان موضوع ڏنا. ليکڪن سماجي انصاف ۽ ڏوهه دشمنيءَ خلاف قلم ڪات ڪهاڙا کڻڻ شروع ڪيا ۽ ڏاهن ليکڪن نفسياتي طور تي مٿئين طبقي کي مفلوج ڪرڻ ۽ غريب عوام جي حوصلي بلند ڪرڻ لاءِ پنهنجي لکڻين ۾ انهيءَ تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته حادثا، خانداني دشمنيون ۽ بدقسمتيون فقط ۽ فقط مٿئين طبقي جو مقدر آهي. ظلم ۽ ڏاڍ سان هٿ ڪيل دولت، عزت ۽ حڪوت اولاد هٿان يا عزيزن جي سازشن ڪري هٿن مان ايئن هليو وڃي ٿي جيئن مٺ مان واري. ان ڪري دولت ۽ حڪومت، اختيار ۽ اقتدار جو وارث هڪ فرد يا خاندان ٿي نه ٿو سگهي. شيڪسپيئر جو ڊرامو ” ڪنگ ليئر“اهڙيءَ لکڻيءَ جو نمونو آهي. هن جا ٽريجيڊي ڊراما ساڳئي سلسلي جي ڪڙي آهن.

مني صدي پوءِ جيڪو ڀلاري ڀٽ ڌڻي کي ماحول مليو، اهو شيڪسپيئر جي ماحول کان بلڪ مختلف هئو. اسان جي سنڌ ، داخلي ۽ خارجي خطرن ۾ وڪوڙيل هئي. عام ۽ عوام جو ٽڪو مان به ڪونه هئو، نه فقط سياسي، بلڪ اقتصادي ۽ سماجي حالتون به ابتر ٿي چڪيون هيون. حالتن جو منطقي نتيجو ” غلامي“ ئي هو، جيڪو انگريز جي اچڻ سان ظاهر ٿيو.

لطيف سائين کانپوءِ به صديون گذري چڪيون آهن، هن موجوده حالتن ۾ به اسان شيڪسپيئر جي دور واري منزل کي نه پهتا آهيون. بلڪ ان جي ڀيٽ ۾ اسان اڳتي وڃڻ بدران روزانو پٺتي وڃي رهيا آهيون. شيڪسپيئر جي زماني ۾ اميرن ۽ غريبن جو اختلاف شروع ٿيو، پر اڄ اسان غريب هوندي به ڪنهن امير ۽ پير جي چوڻ تي ڪنهن جي چوري ڪرڻ ۽ ڪنهن جي قتل ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪيون ٿا. اسان مٿئين طبقي جي هٿان استعمال ٿيڻ کي ئي سڀ ڪجهه ڄاڻون ٿا. شيڪسپيئر جي زماني ۾ جو کيڙي سو کائي تي عمل ٿي چڪو هو. اسان وٽ شاهه عنايت اهڙي ڪوشش ڪئي ته سندس سسي لڻي پوءِ ساهه کنيون سين. اڄ ” کيڙي سو کائي“ بدران ڀريا مٽ ڀرجي رهيا آهن. جيڪڏهن ڪنهن جي دولت ۾ اضافو ٿئي ٿو ته امير جي دولت ۾ اضافو ٿئي ٿو، جيڪڏهن نوڪريون ملن ٿيون ته ڪوٽا جي روپ ۾ تحفي طور هلنديءَ پڄنديءَ وارن کي ملن ٿيون. ڌن، دولت، عزت ۽ شهرت جو سج مخصوص گهراڻن جي اڱڻ کي روشن ڪري ٿو. هي حالتون عوام دوست قلم ڌڻيءَ لاءِ چئلينج برابر آهن.

ڪا قوم ڪهڙي موڙ تي پهتي آهي؟ انهيءَ ڏسڻ لاءِ ان جو سرجندڙ ادبي ۽ قلمي پورهيو ئي وڏي ڪسوٽي ٿيندو آهي. قومن جي ٻالپڻي، بلوغت ۽ پوڙهائپ جو چهرو قلم ۽ مس مان جوڙيل آئيني ۾ ئي ڏسي سگهبو آهي.اسان ڪٿي آهيون انهيءَ پرکڻ لاءِ اسان کي به پنهنجو علمي ۽ ادبي خزانو ڏسڻو پوندو.

چار صديون اڳ شيڪسپيئر جي قوم قتل و غارت واري وحشتپڻي مان جان ڇڏرائي رهي هئي. چار صديون پوءِ، پاڪستان قائم ٿيڻ بعد اسان کي ليکڪن ۽ دانشورن پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڌاڙيلن ۽ بدمعاشن جا ڪردار ” مثالي ۽ آدرشي ڪردار“ بڻائي پڙهڻ لاءِ ڏنا. اهڙي فڪري تربيت، سياسي، سماجي ۽ اقتصادي محرومين جي احساس ۽ اختيار خواهه اقتدار ڌڻين هٿان استعمال ٿيڻ واري اسان جي فطرت ملي جلي ”ايم آر ڊي تحريڪ“ کانپوءِ اسان جي نصيب ۾ ڌاڙيل فيڪٽر جو زهريلو ٻج ڇٽيو ۽ ان جي نتيجي، اسان جيڪو ڀوڳيو ان جو ازالو صدين گذرڻ بعد به ٿي نه سگهندو.

دنيا جهان جي مڃيل ڏاهن ، علم ادب ۽ قلمي پورهئي ذريعي قوم کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جو طريقو ڪم آندو آهي . اسان اڃا اهڙي ڪسوٽي ڪم آندي ئي ڪونهي. وقت گذرڻ سان گڏ اها ڪسوٽي بي معنيٰ ۽ بيڪار بڻجي ويندي. ڇو ته اسان جي تعليمي ادارن مان اهڙا نسل تيا ر ٿي اچي رهيا آهن جيڪي پنهنجي والدين سميت ڪاپي ڪلچر کي پنهنجي ڪاميابيءَ جو راز ڄاڻن ٿا، جيڪي امتحان ڏيڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ گائيڊ يا ڪي نوٽس وٺي امتحان حال ۾ وڃن ٿا. اهڙي قوم ڪٿي ٿي علم ادب جو مطالعو ڪري پنهنجي رفتار، موڙ ۽ منزل بابت اندازا لڳائي سگهي.

آئون جيڪڏهن موجوده دور جي قلمي پورهئي ۽انهن جي سرچشمن جي باري ۾ راءِ ڏيان ته هنئين چوڻ مناسب ٿيندو، ته اسان وٽ هڪ ئي وقت تي منفي خواه مثبت قلمي پورهئي جون نديون وهي رهيون آهن. مثبت قلمي پورهئي جي ڀيٽ ۾ منفي قلمي پورهئي جو مقدار گهڻو آهي ۽ ان جي وڌڻ ۽ ويجهن جا ذريعا خواهه سرچشما انيڪ آهن. عوامي ادب ۽ عوام لاءِ ادب بلڪ سچو ادب اوچتي هوا جي جهوٽي وانگر ڪڏهن ڪڏهن ريڊيو ۽ ٽي وي جي کڙڪي مان اندر ٽپي پوي ٿو. صحافت پريس رليز ڪلچر جي ٻل بڻجي ڪن مخصوص گروهن جو آرگن بڻائي پئي وڃي. اسان جي اخبار ۾ مختيار ڪار ۽ صوبيدار جي بدلين جي خبرن کان سواءِ جيڪڏهن ڪو مواد شايع ٿئي ٿو ته ان جو به ڳچ حصو بيلڪ ميل ڪرڻ وارين خبرن ۽ غلط رپورٽن جي حوالي ٿي وڃي ٿو.ادبي رسالن تي ادبي گروهن جون هڪ هٽيون آهن. مذاڪرن، محفلن ۽ ڪانفرنس ۾ ڪي دانشور اسان کي ڏند ڪٿائون، ٽوٽڪا، چرچا ۽ ديومالائي قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائن ٿا. ائين ٿو لڳي ته ڄڻ اسان ٻار ۽ بي سمجهه آهيون، اسان کي ڪو به سچ ٻڌائڻ لاءِ تيار ڪونهي.ڪو به سنجيده ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. اسان به سچ ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيون. اسان ٻارن وانگر انگل ٿا ڪريون ته اسان هيءَ شئي نه پڙهنداسين ۽ هيءَ شئي نه ٻڌنداسين.اچو ته هاڻي پاڻ فيصلو ڪيون ته قومي لحاظ کان اسان ذهني ۽ فڪر جي ڪهڙي اوستا ۾ آهيون. شيڪسپيئر جي قوم ڪٿي پهتي آهي؟ ۽ لطيف سائين جي قوم ڪيڏانهن وڃي رهي آهي.

(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ، تاريخ : 14.03.1995)

 

 

Good Wishes