سيفل ته سڀئي آهيون، پر سيف الملوڪ به ته ڪو ٿئي

 

اسان جي ڀر پاسي واري ڳوٺ ۾ سيفل فقير هوندو هو. هن جي وڏڙن ته هن لاءِ چڱي خاصي دولت ڇڏي، پر پنهنجن ڦري فقير ڪري ڇڏيس. ڪنهن مئيءَ ماليءَ تي هٿ صاف ڪيس ته ڪنهن ٻني ٻاري تي قبضو ڪيس. سيفل پنهنجن جا اهي قرب ڏسي چريو ٿي پيو. لٽا ليڙون ليڙون ، وار وڏا ۽ سڄو جسم مٽيءَ ۾ ڀڀوت !کيس ڏسندي ڊپُ وٺي ويندو هو. سدائين لٺ ڪلهي تي ۽ لٺ ۾ لوٽي ٻڌل. جنهن ۾ ڏڌ، ماني، ٻوڙ ۽ ڀت پيل هوندو هئس . اکيون ڳاڙهيون ڪيو لنگ وجهي رستي تي اچي بيهندو هو . ڪو لنگهيو ناهي ۽ هن جا احوال شروع ٿي ويندا هئا . ماڻهوءَ جي پوئتان هلندو ويندو ۽ کيس سموري ڳالهه ٻڌائيندو هو. نالا وٺي چوندو هو فلاڻي مائٽ ٻني تي قبضو ڪيو ، فلاڻو سون کڻي ويو ۽ فلاڻي گهر مان ڪڍي ڇڏيو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو نه ملندو هئس ۽ واٽ ويندي ڪنهن وڻ وٽان گذر ٿيندو هئس ته انهيءَ وڻ کي به سورن جا مذڪور ٻڌائڻ شروع ڪندو هو. شام جو جڏهن جناور جهنگ چري وٿاڻن ڏي موٽندا هئا ته سيفل فقير ڪنهن نه ڪنهن مينهن، ٻڪري يا ڍڳيءَ پٺيان هلندي ان کي سڀئي سور ٻڌائيندو هو.

سيفل فقير کي اسان چريو سمجهندا ۽ چوندا هئا سين . جتي به ملي ويندو هو ته اسان لاءِ عيدون ٿي وينديون هيون. ڪو کيس ڀتر هڻندو هو ته ڪو کيس سروٽا. جڏهن هن کي به ڪاوڙ ايندي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن جو مٿو ڦاڙي وجهندو هو. ٻالپڻي ۾ اهو سمجهندا هئاسين ته سڄي ترَ ۾ هڪڙو ئي چريو سيفل آهي. پر ايئن ڪونه هو . هاڻي ٿي خبر پئي ته اسان مان گهڻي کان گهڻا سيفل آهن .ڪنهن دانشور يا مدبر سان ملو، ڪنهن امير يا غريب سان ڪچهري ڪيو، ڪنهن دفتر ۾ يا دوڪان ۾ وڃو. ڪنهن گهٽيءَ ۾ وڃو يا بازار ۾ وڃو. اوهان کي هر هنڌ سيفل ئي سيفل ملندا. بس رڳو اوهان جي پهچڻ جي دير آهي. هر ڪو اوهان کي سڄي ڄمار جا سور هڪ ئي گڏجاڻي ۽ ڪچهري ۾ ٻڌائي ڇڏيندو.ڪنهن کي اولاد نه ٿيڻ جو غم هوندو ته ڪنهن کي نا خلف ۽ نالائق اولاد تي ڪاوڙ هوندي. ڪو مائٽن کان رٺل هوندو ته ڪو دوستن تي ناراض هوندو. ڪنهن کي نوڪري جي تلاش هوندي ته ڪنهن کي پنهنجي واپار جو اونو.زبردست بالا دستن جي شڪايت پيا ڪندا ته بالادست زير دستن تي پيا ٻرندا. ڪنهن کي اديبن کان شڪايت هوندي ته ڪنهن کي صحافين کان. ڪو سياستدانن تي ڏمريل هوندو ته ڪڪو حڪمرانن جي لاک پيو لاهيندو.

اهو سڀ ڪجهه انساني فطرت جي مطابق آهي. انسان ڪنهن مان به خوش نه هوندو آهي. پر ڪنهن کان خوش نه رهڻ الڳ ڳالهه آهي ۽ هر وقت سيفل فقير ٿيڻ الڳ ڳالهه آهي. هتي ته اسان مان هر ڪو سيفل فقير آهي. ٻين کي ڇڏيو. مڃيو سين ته عام ماڻهو ايترو پڙهيل ڪڙهيل ۽ عقل جو اڪابر ۽ سوچڻ ويچارڻ وارو ڪونهي ، ان ڪري عام ماڻهوءَ جي اها فطرت ٿي سگهي ٿي. پر هتي ته لکيل پڙهيل ، سياڻن ۽ سمجهو، دانشورن ۽ مدبرن جوئي حشر اهڙو لڳو پيو آهي. اسان مان هر ڪو جو پاڻ کي سيبتو ۽ سياڻو سڏائي ٿو ، سو ستن سيفلن برابر آهي. دانشورن وٽ دنيا جهان جو ايڏو ته درد آهي جو جيڪڏهن هڪڙو ليکڪ روئڻ ويهي ته ملڪ جي سمورن ڪارخانن جو ڪپڙو به هن جي ڳوڙهن اگهڻ لاءِ ڪافي نه ٿئي.وري جيڪڏهن ڪنهن سياستدانن جا سور ٻڌبا ته ٻڌڻ وارو روئي روئي انڌو ٿي پوندو پر همراهه جي ڳالهه نه کٽندي. هاڻي هن صورتحال کي ڇا چئجي. جيڪڏهن جٿي ڪٿي سيفل ئي سيفل آهن ته پوءِ سيف الملوڪ کي ڪٿي تلاش ڪجي.

اهڙي صورتحال جا ٻه سبب آهن.انهن مان هڪڙو سبب ”نفسياتي“آهي ۽ ٻيو”نظرياتي“آهي . نفسياتي سبب اهو آهي ته ڪنهن به حاڪم ۽ حڪمران، ڪنهن به وس واري يا وسن واري، ڪنهن به دوست يا عزيز عام کي ۽ عوام کي ٻڌو ئي ڪونهي. ڪو به ڪنهن جا سور ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي. ماڻهن کي پنهنجي اندر جو احوال اورڻ ، ٻوڙوٻڌي آچار ڪرڻ ۽ پنهنجا غم هلڪا ڪرڻ جو موقعو ئي ڪونه مليو آهي . ان ڪري هر ڪو پنهنجا سور ٻڌائڻ لاءِ آتو آهي. ڪنهن کي به ڪٿي به موقعو ملي ٿو ته هو هر ڪنهن اڳيان پنهنجو اندر کولي رکي ٿو . ۽ پنهنجي مظلوميت خواهه محروميءَ جي دوا ڪرڻ جي تانگهه رکي ٿي. جيڪڏهن ماڻهن جي اندر جو بار هلڪو هجي ها ته عام ۽ عوام پاڻ کي اڪيلو، ويڳاڻو ۽ نڌڻڪو محسوس نه ڪري ها ۽ هر ڪنهن وٽ ٻين کي ٻڌڻ لاءِ وقت هجي ها، عوام جي اهڙي نفسيات ۽ ماڻهن جا اهڙا رويا اهو ثابت ڪن ٿا ته عوام ۽ عام کي صدين کان وٺي نه ٻڌو ويو آهي. حالتن ٻڌڻ وارن کان ڪن کسي ورتا آهن. ايئن کڻي چئجي ته ٻڌڻ وارن پنهنجن ڪنن ۾ ڪپهه بدران ڇهيو وجهي ڇڏيو آهي . جيڪڏهن ڪٿي به ۽ ڪڏهن به ٻڌڻ وارو ڪا ڳالهه ٻڌندو ته ٻڌائڻ وارو باقي دنيا اڳيان ڪنهن به صورتحال ۾ پنهنجا پول پڌرا نه ڪندو ۽ پاڻ کي بيوس، لاچار ۽ ڪمزور ثابت نه ڪندو. انقلابن ۽ تبديلين ۾ ايمان رکندڙ ماڻهو ههڙين حالتن کي سونهري موقعوڄاڻيندا آهن.

اهي انيڪ زبانن ۽ لاتعداد هلڪن آوازن کي منظم ڪري ان مان قوت پيدا ڪندا آهن. پر اسان وٽ ڳالهه ايئن ڪونهي. هنن حالتن ۾ جهڙوڪ ٻار کير پيئڻ لاءِ روئي ٿو. ليڪن ماءُ کيس ببوُ نه ٿي ڏئي. ڀلا ٻوڙي ۽ انڌي ماءُ کي ڪهڙي خبر ته سندس ٻار روئي رهيو آهي؟ حالتن جي بدنصيبي اها آهي ته اسان مان هر ڪو سيفل به آهي ۽ سيف الملوڪ ٿيڻ ته رهيو پنهنجي جاءِ تي پر ”مائي صفوران“ ٿيڻ لاءِ به ڪوئي تيار ڪونهي . اها ”مائي صفوران“ جيڪا پنهنجي اولاد کي ببو ڏئي ۽ کير پيئاري. حالانڪه اسان وٽ مائرن ته ڇا پر ابن ۽ اڳواڻن سڏائڻ وارن جي ڪا ڪمي ئي ڪونهي. هر گهٽيءَ ۾ ڪونه ڪو ليڊر آهي ۽ هر ڳوٺ ۾ ڪو نه ڪو رهبر آهي.

انهيءَ ”نفسياتيءَ سبب“ کان علاوه ٻيو ”نظرياتي سبب“ آهي.اسان طبقاتي نظام ۾ رهون ٿا. اسان وٽ ننڍ وڏائي ۽ ذات پات مذهب جهڙي مڃتا وٺي چڪي آهي. اسان ڌن ۽ دولت، اثر ۽ اختيار زور ۽ ڏاڍ جي بنياد تي نه فقط ٻين جو استحصال ڪيون ٿا، پر استحصال کي قائم ۽ دائم رکڻ جي به ڪوشش ڪيون ٿا. اسان ڪيترين حالتن ۾ ڦرڻ لاءِ ڦريلن جهڙيون دانهون ڪندا آهيون، ڌڪ به هڻندا آهيون ته دانهون به ڪندا آهيون. چوري به ڪندا آهيون ته چور چور به چوندا آهيون. اسان جو مٿئيون طبقو انهيءَ ڳالهه کي آسان ۽ ڪارائتو ڄاڻي ٿو ته ڪنهن غريب کي ٻڌڻ بدران هن کي ٻڌڻ تي مجبور ڪيو وڃي ، بلڪ هيرايو وڃي. هن کي ڪڏهن ٻٺپيون ٻڌائجن ته ڪڏهن ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪجن.غريب جڏهن به ڳالهه ڪندو ته پنهنجا سور ٻڌائيندو. پاڻ تي ٿيل ظلمن ۽ ذيادتين جا مذڪور کوليندو. ڪنهن مدد ۽ مهرباني جي خيرات وٺندو.ان ڪري هن جي وات تي هٿ رکي ڪنن جا پڙدا صاف ڪري ڇڏجن. جيئن هو ٻڌائڻ بدران فقط ٻڌندو رهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان وڏي ادب ۽ احترم سان پنهنجي مرشدن کي ٻڌون ٿا، سياسي اڳواڻن کي ٻڌون ٿا ۽ چڱن مڙسن کي ٻڌون ٿا.

هاڻي جڏهن اسان جو مٿيون طبقو به فقط ٻڌائڻ تي ڳنڍ ٻڌي ۽ مصيبت وري اها جو پاڻ مان پاڻ جهڙا اديب ۽ عالم، صحافي ۽ شاعر به رڳو ٻڌائڻ جو ٺيڪو کڻن، بلڪ ٻڌائڻ کي ئي زندگيءَ جو مقصد ۽ پنهنجي ڏات جو معراج ڄاڻن ته عام ۽ عوام کي ڪير ٻڌندو. پر پڪ ڄاڻو ته اسان سيفلن مان اهوئي سيف الملوڪ هوندو ۽ ٿيندو جيڪو ٻين کي به ٻڌي.

(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ، تاريخ : 31.03.1996)

 

 

Good Wishes