رئندي عمر گذاري ، يار جي خبر نه ڪائي

 

انساني فطرت ۽ نفسيات تي ، جيڪو ڪجهه اسان جي عوامي شاعرن لکيو آهي، اوترو ڪنهن يونيورسٽيءَ جي بلڪه پوري ملڪ جي يونيورسٽين جي سائيڪالاجيڪل ڊيپارٽمينٽس جي جملي پروفيسرن به ڪونه لکيو هوندو . بي شڪ دنيا جهان نفسيات جا وڏا ماهر پيدا ڪيا آهن، جن نفسيات جي موضوع تي اُٺ ڪتابن جا لکيا آهن، پر اسان جي انسان دوست عوامي شاعرن جي جتي ۾ پير پائڻ جهڙا ڪو نه آهن. علم ڌڻين جيڪو انساني نفسيات تي ڪم ڪيو آهي، ان جو اولين مقصد اهو آهي ته انسان ،سندس فطرت ۽ نفسيات کي سڃاڻي ان مان پنهنجو مطلب ڪيئن ڪڍجي. ان جي برعڪس اسان جي شاعرن انسان جي اهڙيءَ ريت مطالعو ڪيو آهي، جنهن مان جيڪڏهن ڪجهه پلئه پوي ٿو ته مطالعي ڪندڙ کي نه پر، ان جو جنهن جي نفسيات، فطرت يا طبيعت جو مطالعو ڪيو وڃي ٿو. مطالعي ڪندڙ کي وري مايوسيءَ کان وڌيڪ محبت ۽ خاموشيءَ کان وڌيڪ وري وري ڪوشش ڪرڻ جو جذبو ملي ٿو.

انسان الله تعاليٰ جي عجيب ۽ انوکي مخلوق آهي . هو جتي زندگيءَ کان وٺي موت ۽ موت کان پوءِ واري حياتي تائين هر ڳالهه ۾ الله جو محتاج آهي ، اتي پنهنجي قول ۽ فعل ۾ بلڪل آزاد، بي پرواهه ۽ بي نياز آهي. انسان جيڪڏهن چاهي ها ۽ پنهنجي ڀلائيءَ واي پيغام کي هڪ ئي وقت ۽ هڪ قسط ۾ قبول ڪري ها ته پوءِ سوا لک نبين جي اچڻ جي ضرورت پيدا نه ٿئي ها. سچ کي ساٿ ڏيڻ ۽ حق کي پنهنجو ڪرڻ ايڏو ته ڪو مشڪل ڪم آهي،جو اڪثرانسان جي فطرت ۽ طبيعت ان کي تڪڙو قبول نه ٿي ڪري . ان ڪارڻ انسان کي ڪنهن نبي يا پيغمبر جي ضرورت پئي.

هاڻي جڏهن ڪو نبي اچڻو ڪونهي ۽ ڪو پيغمبر ٿيڻو ڪونهي، تڏهن گلاب جي خوشبوءِ عطر مان ئي محسوس ٿيڻي آهي. هر قوم ۾ انسان دوست پيدا ٿيندا رهن ٿا. جيڪي انسان کي سمجهائڻ، سلجهائڻ، دڳ لائڻ ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو پيغام ڏيندا رهن ٿا . سنڌ ۾ ته صدين کان وٺي اهو تسلسل قائم ۽ دائم رهيو آهي.

سنڌ جي مٽيءَ اهڙا ته ڏاها پئي پيدا ڪيا آهن، جن انساني تربيت جو انوکو انداز اختيار ڪيو آهي. جنهن ملائيت جي ۽ ان جي انداز جي نفي ڪئي. هنن ظلم ۽ ظالم، ڏاڍ ۽ ڏاڍي سان دل کولي ٽڪر به کاڌوته عام ۽ مظلوم عوام کي ايڏي ته محبت ۽ اهميت ڏني جنهن جو ڪو مثال نٿو ملي.ٻئي کي مڃڻ خاطر ۽ ٻئي کي احساس برتري ڏيارڻ خاطر ڪنهن چيو ته ”مان جوڙ جتيءَ جي ناهيان او يار .....“ ته ڪنهن فرمايو ” هو جا پائن پيرَ ۾ ، آءٌ تنهن جتيءَ ناهه جيهي.“ هنن عام انسان ۽ عوام کي پنهنجي سوچن ۽ اکين ، دل ۽ دماغ ۾ جاءِ ڏني، ۽ انهن سان ڪڏهن به نفرت نه ڪئي. هنن نفرتن کي پري رکيو ۽ انسان کي ويجهو آندو ، سنڌ ۽ سنڌ واسين باقي دنيا کي انسان دوستيءَ جو اهو ئي ڏانءُ ڏنو.

سڀ ڪجهه هوندي بلڪه ”يار به چاڪي ۽ سينڌ به اڻڀي“ مصداق اسان جو ڇو ساڳيو حشر رهيو آهي. اسان ڇو پنهنجي اکين تي پٽي ٻڌي ۽ ڪنن ۾ ڪپهه وجهي حياتي گذارڻ جا عادي بڻجي چڪا آهيون. اسان جي دل ۽ دماغ کي ڇا ٿيو آهي جو ڪا چڱائي، ڪا نيڪي، ڪا حق ۽ سچ جي ڳالهه اثر نٿي ڪري.

يقين ڄاڻو ته اسان عجيب ۽ انوکي قوم بڻجي چڪا آهيون. اسان ڪنن سان هلون ٿا ۽ اکين سان کائون ٿا .

ڪيڏي نه تعجب جي ڳالهه آهي ته اسان خدا جي وجود جو ٻڌي ان کي مڃڻ لاءِ تيار ٿي نٿا وڃون، پر گلا ، غيبت، الزام، بهتان ۽ ڪوڙ کي ٻڌي بنا سوچڻ ۽ تصديق ڪرڻ جي اعتبار ڪري ويهون ٿا. ڪنن سان اسان ايئن هلندا آهيون.

اسان اکين سان ڪيئن کائيندا آهيون؟ ان جو مختصر جواب هينئن ڏئي سگهجي ٿو ته ڪنهن ڏي به نماڻا نيڻ کڻي ڏسو، موٽ ۾ اوهان جو اڌ هنيانءُ کاڃي ويندو. هو اوهان تي ايئن لڳندو جهڙوڪ هو اوهان کي اصل بلڪه ازل کان وٺي ڏمريو ويٺو آهي.

ڳالهه فقط اتي دنگ نٿي ڪري اوهان ڪنهن سان چڱائي ڪيو، جڏهن هٿ نه سڙيو ته مون تي ميار، ڪنهن سان محبت ڪيو، موٽ ۾ نفرت نه مليو ته مون تي ڏنڊ .

اسان جا اهي ئي رنگ ۽ ڍنگ آهن، روپ ۽ ٻهروپ آهن. جن کي ڏسي شاعر فرمايو ته ” يار جي خبر نه ڪائي، روئندي عمر گذاري“ اسان ڪيستائين ڏاهن ۽ پنهنجن خيرخواهن کي روئاريندا رهنداسين ؟

 

(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

 

تاريخ : 9.08.1994)

 

 

 

Good Wishes