مولا منهنجي پڄاءِ ، ٻيا وڃي ٻن پون

 

انسان پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ لاءِ ڪيترائي روپ ۽ حلقا جوڙي رکياآهن.انمان”ذاتي“،”خانداني“ ،”گروهي“،”اجتماعي“ ، ”قومي“ ۽ ”بين الاقوامي“ حلقا عام فهم، مقبول ۽ معروف آهن. اسان جي ڄاڻ سڃاڻ ڪهڙي حوالي ۽ ڪهڙي حلقي جي حوالي سان ٿئي ٿي ؟ اهو هڪ اهم سوال آهي۽ انهيءَ سوال جو جواب ئي اسان جي شخصي، قومي ۽ انساني قد بت ماپڻ جو واحد طريقو ٿيندو آهي.

اسان پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ هينئن ڪرائيندا آهيون ته اسان سنڌي هڪ عظيم ۽ قديم قوم آهيون. اسان ان وقت به مهذب هئا سين جڏهن باقي دنيا اڃا تهذيب جي لفظ کان به بي خبر هئي. اسان بهادر، بي باڪ، پُرخلوص، مهمان نواز مطلب ته هر ڪنهن چڱي ڳڻ ۽ لڇڻ جا خالق ۽ رکوالا آهيون. اسان کي جڏهن به غلاميءَ جو طوق وڌو ويو ته اسان ڪا ويرم ئي ڪا نه لاتي. دشمن، جابر ۽ قابض کي اهڙا ته ٽوٽا چٻاياسين جو کيس ڇٺيءَ جو کير ياد اچي ويو . مختصر لفظن ۾ ايئن چئجي ته ڏاڏي آدم کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين ، دنيا جهان ۾ جيڪا به ترقي ٿي ان کي اسان پنهنجو ڪارنامو ۽ شاندار ماضيءَ جو پڙاڏو سمجهنداسين . نه رڳو پاڻ ايئن سمجهنداسين، بلڪه دنيا جهان کي به ائين مڃرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون.

هن ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته اسان شاندار بلڪه مثالي ماضيءَ جا وارث آهيون. پر هن وقت اسان جي ڪهڙي صورت حال آهي؟ اها ڳالهه به ڪنهن کان ڳجهي ڪانهي. اسان جي ”عظيم ماضي“۽ ڏکوئيندڙ حال ۾ پاڻ کي جيڪو زمين آسمان جو فرق نظر اچي ٿو، ان جوهڪ ڪارڻ اهو به آهي ته ماضيءَ ۾ اسان جي وڏڙن جو قول ۽ فعل اجتماعي مفادن جي رنگ ۾ رتل هوندو هئو . اڳ ۾ اسان قومي ۽ اجتماعي مفادن کي اهميت ۽ اوليت ڏيندا هئاسين، جڏهن ته هاڻي قوم ۽ قومي مفادن وار لفظ زبان تي ته آهن ، پر مطلب ،غرض، طمع ۽ لالچ ذاتي نوعيت جو رنگ چڙهيل آهي. پهريون اسان پنهنجي من جون مرادون پوريون ٿيندي ڏسڻ چاهيندا آهيون ۽ پوءِ ڪنهن ٻئي جو خيال رکڻ گهرندا آهيون. نه فقط ايترو پر پنهنجو مطلب پورو ڪرڻو هوندو يا مفاد حاصل ڪرڻو هوندو ته نظرين،قدرن ۽ اصولن کي لتاڙڻ کان به ڪين ڪيٻائينداسين. اسان پنهنجي غرض پوري ڪرڻ لاءِ آدرشن ۽ ادران، تنظيمن ۽ جماعتن جو تقدس به پائمال ڪرڻ کان ڪونه ڪيٻائينداسين. ڌرتي وڃي کڏ پئي ، ڌرتي ڌڻي وڃي ٻَنِ پون ، پهريون اسان پاڻ کي ڏسنداسين ۽ پنهنجي طمع کي ڏسنداسين.

اسان کي ذاتي مفاد بي پاڙي ول جيان وڪوڙي ويا آهن، ان ڪري وطن دوستي جي روشني ۽ عوام دوستيءَ جي هوا اسان جي ذهن ۽ ضمير جي ٻوٽي کي ملي ئي ڪانه ٿي سگهي. اسان ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي محبت جو مزو ماڻي ئي ڪونه ٿا سگهون.

اسان جيڪڏهن پنهنجي مفادن سان مطلب رکون ته به ڳالهه ٺهي، پر هتي ته قصو ئي اور لڳو پيو آهي . اسان پنهنجي معمولي کان معمولي مفادن حاصل ڪرڻ لاءِ غير معمولي گناهه ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي وڃون ٿا. اهو نه ڏسنداسين ته ٻئي کي ڪو نقصان ٿو پهچي يا ٻي جي عزت يا حيثيت کي ڪو ڇيهو ٿو رسي . اسان جي هر حالت ۾ اها ئي ڪوشش رهندي ته ڀلي ته ڌرتي ڦاٽي پئي پئي، آسمان ڏري پئي، قدرن ۽ اصولن جي بيخ ڪني ٿئي پر اسان جي غرض پوري ٿئي. ذاتي غرض جي انهيءَ غلاميءَ اسان کي مثالي ظالم ،پرماريت جو ڪوڏيو ۽ ڏوهاري بڻائي ڇڏيو آهي. ان ڪري اسان سڌي ۽ سنئين رستي سان هلي منزل ماڻڻ کي برو ۽ غلط فعل ڄاڻڻ لڳا آهيون. ظلم، زيادتي، استحصال ۽ ناحق واري هن وهنوار ۾ جيڪڏهن ڪو اسان جو ساٿ نٿو ڏئي ته هن خلاف نفرت ۽ بغاوت جي باهه ڀڙڪائي ڇڏيون ٿا. پر جيڪو اسان جي اهڙن افعالن ڪري مزاحمت ڪري ٿو ته ، ان کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريون ٿا ، بلڪه ان جي وجود کي به برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نٿا ٿيون. هنن حالتن اسان کان حق ۽ سچ چوندڙ رسائي ڇڏيا آهن، قدرن ، نظرين ۽ اصولن اسان کان منهن موڙڻ شروع ڪيو آهي. ڪو به ڪنهن سان چڱائي ڪرڻ ۽ ڪو به ڪنهن کي چڱائي چوڻ جي پاڻ ۾ سگهه نٿو ساري. معاشري مان ايئن ماڻهپو موڪلائيندو پيو وڃي جو ماڻهو کوکلا ۽ مطلبي ٿيندا پيا وڃن.هر ڪو انهيءَ ڌن ۾ لڳو پيو آهي ته مولا منهنجي ئي پڄائي ۽ ٻيا وڃي ٻَنِ پون .آهي ڪو هن ڌرتيءَ جو دانشور جو قوم کي اهڙي چڪڻ مان چاڙهي؟ آهي ڪو هنن ماروئڙن جو مدبر جيڪو عوام تان اهو آزار لاهي؟ ڇا اسان فردن جي شخصيت جي تعمير ۽ تڪميل لاءِ ڪجهه به ڪري نٿا سگهون؟

 

 

(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ، تاريخ : 17.01.1995)

 

 

 

Good Wishes