اچو ته هڪ ٻئي جا ويري نه ٿيون

 

چيو وڃي ٿو ته مور جڏهن پنهنجي کنڀن ۽ پرن ڏي ڏسندو آهي ته خوشيءَ وچان ٽڙي پوندو آهي ۽ نچڻ لڳندو آهي. پر جڏهن سندس نگاهه هن جي پنهنجن ڪارين ۽ موچارين ڄنگهن تي پوندي آهي ته روئي پوندو آهي. عوام دوست انسان جي ڪيفيت به مور جي ڪيفيت جهڙي ٿي پوندي آهي. جڏهن هن کي پنهنجي چؤطرف اهڙا مانجهي مڙس مٿير نظر ايندا آهن ، جيڪي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي دکن دردن کي پنهنجو سور سمجهندا آهن . هن کي پنهنجي ماضي ۽ حال ۾ اهڙا موتيءَ جا داڻا به ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جيڪي هر وجهه کان ”آدرشي انسان“ هوندا آهن، سچ تان سر صدقي ڪرڻ ، ۽ جان جوکي ۾ وجهي ڪنهن سان چڱائي ڪرڻ جهڙا ڪرداربه هن کي هر دور ۾ نظر ايندا، پر بنهه اٽي ۾ لوڻ برابر. اهڙن انسانن جي عمل، قدرن، نظرين ۽اصولن جي اهڙي مڃتا ڏسي گل جيان ٽڙڻ جا موقعا ملي ويندا آهن.

پر انهن جي برعڪس اڪثريت کي اهڙن افعالن جي قيد ۾ قابو ڏسجي، جن ڪري انسانيت ۽ قوميت جي چهري تي بدنما داغ ٿي پون ، اهڙي صورت حال ۾ مور جو اهو روپ اکين آڏو تري اچي ٿو، جڏهن هو پنهنجي پيرن کي ڏسي روئي پوندو آهي. برائي ۽ ڀلائي هر دور ۾ موجود هونديون آهن. ڪنهن به دور ۾ ڪنهن به صورت ۾ نه ته برائي ختم ٿي ويندي آهي ۽ نه وري ڀلائيءَ جي پاڙ پٽجي ويندي آهي. البته ايئن ضرور ٿيندو آهي ته ڪڏهن برائيءَ جي بادشاهي قائم ٿي ويندي آهي ته ڪڏهن ڀلائيءَ جي بادشاهي برپا ٿي ويندي آهي.جڏهن برائي مٿو کڻي ماڻهن جي ذهنن، ضميرن ۽ عملن تي حڪمراني ڪرڻ لڳندي آهي ، تڏهن قوم جا باشعور فرد پنهنجي ماروئڙن ۽ سانگيئڙن جو توجهه ڇڪرائيندا آهن. جيڪڏهن انهن کي ٻڌو ويندو آهي ته قوم پاڻ سنڀالي وٺندي آهي، ٻئي صورت ۾ تباهي ۽ بربادي انهيءَ قوم جو مقدر بڻجي ويندو آهي. اڄ اسان انهيءَ حوالي سان انفرادي توڙي اجتماعي طور تي ڪهڙي موڙ تي پهتا آهيون؟ اهو اسان کي سوچڻ گهرجي. منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه ڪنهن کان لڪيل ڍڪيل ڪانهي ته اسان هن وقت لافاني قدرن ، نظرين ۽ اصولن کان منهن موڙڻ لڳا آهيون. شريف، سچو ، اصول پرست ۽ ايماندار ماڻهو اسان جي عذاب ۽ عتاب جو شڪار بڻجي چڪو آهي. غريب، بي پهچ، معصوم ۽ سادي انسان جي زندگيءَ ۾ اسان زهر ملائي ڇڏيو آهي. انساني زندگي اسان لاءِ ٽڪي جي به اهميت نٿي رکي. اسان اکيون بند ڪري ٻئي جو حق آسانيءَ سان هڙپ ڪري وڃون ٿا. هاڻي چوريءَ نه پر زوريءَ ڪنهن جو ڌنُ ، دولت ۽ عزت تي ڌاڙو هڻي سگهون ٿا . معاشرو ،ضمير ۽ خدا اسان لاءِ بي معنيٰ لفظ بڻجي چڪا آهن . اهڙو ته انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿيڻ جو شوق وڌي ويو آهي، جو اکين تي پٽي ٻڌي ۽ ڪنن ۾ ڪپهه وجهي اهڙا ته شهسوار بڻجي ويا آهيون جو دنيا کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿا ڪيون.

ايماندار ، رشوت کان پاسيرو، سفارش جو منڪر ۽ صلاحيت کي مان ڏيندڙ عملدار اسان جي نظرن ۾ بي فيض انسان آهي. سچو ۽ سادو انسان اسان جي سوچ مطابق احمق ۽ بيوقوف آهي. عملدار اهو سٺو جيڪو اسان جا غلط ڪم ڪري . ماڻهو اهو سٺو جيڪو اسان کي به بي وقوف بڻائي وڃي. جنهن اسان لاءِ محبت سان ڳالهايو ته ڪلهه مري ويو. جنهن اسان کي سچ چيو هن ڄڻ هميشه لاءِ دشمني کنئين. اوهان ڪنهن سان لک چڱايون ڪيو، ڪنهن کي سڄي ڄمار رت پياريندا رهو،پر جيڪڏهن ڪنهن لاچاريءَ ۽ مجبوريءَ ڪري هڪ ڪم نه ڪيو ته اوهان جي هر چڱائي رائگان وئي. جهڙوڪ اوهان هن سان ڪڏهن به چڱو پير ڪو نه ڀريو هو. هي احسانن جو قتلام ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ هي لافاني نظرين، قدرن ۽ اصولن سان قهر ڪرڻ ناهي ته ٻيو ڇاهي؟

ڳالهه اتي دنگ نٿي ڪري ، پراسان انسانيت ۽ ماڻهپي کي پنهنجي ذاتي ۽ گروهي مفادن جي پيرن هيٺيان چيڀاٽڻ شروع ڪيو آهي. ڪنهن ڊرائيور کان گاڏي ڦرڻ لاءِ هن کي گوليون هڻي اُڦٽ مارڻ اسان جي نظرن ۾ ڪو ڏوهه ڪونهي. پنهنجي ڏاڍ مڙسيءَ جي سڪي چمڪائڻ لاءِ ڪنهن شريف جي پٽڪي لاهڻ کي لازمي ڄاڻون ٿا. امتحان ۾ چڱن نمبرن ۾ پاس ٿيڻ لاءِ لٺ ۽ چٺ جو استعمال ڪرڻ ڏاهپ ڄاڻون ٿا. هر غلط ڪم ڪرڻ ۽ ناجائز طريقي سان ڪم وٺڻ ئي اسان جي ڄاڻ سڃاڻ بڻجي چڪي آهي. اسان تي ڪنهن به ڳالهه جو اثر ڪونه ٿو ٿئي . فقط ۽ فقط مفادن جو جن ڀوت اسان جي ماڻهپي ۽ وجود ۾ واسو ڪري چڪو آهي.اسان پنهنجي تشخص ۽ ماڻهپي جا قاتل بڻجي چڪا آهيون . اسان انسان ۽ قوم جا ويري بنجي چڪا آهيون . اسان جي ظلم ۽ بي رحميءَ جو ڪو مثال نٿو ملي. اسان جو جڏهن پاڻ ۾ اهڙو وهنوار آهي ته ٻي دنيا ۽ ٻيا ماڻهو اسان تي ڪهڙو رحم ڪندا؟ ڇا ايئن ته نه آهي جو غير قوم ۽ باقي دنيا جيڪو ڪجهه اسان سان ڪري رهي آهي، اهو اسان جي عملن بلڪه اوڳڻن جو نتيجو آهي؟ جيڪڏهن مذهبي حوالي سان اها ڳالهه نه کڻجي ته پوءِ ايئن کڻي چئجي ته جڏهن ڌارين ۽ غيرن کي پڪ پئجي وئي آهي ته اسان هڪ ٻئي جي ڏاڙهيءَ پٽ ۾ لڳا پيا آهيون ۽ هڪ ٻئي جا ويري بڻجي ويا آهيون ته انهن کي اسان خلاف سازشون ڪرڻ جون، اسان جي ڌرتيءَ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ۽ اسان جي مستقبل سان هٿ چراند ڪرڻ جو حوصلو ملي ويو آهي.

(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ، تاريخ : 20.12.1994)

 

 

 

 

Good Wishes