اڻ ڄاڻائيءَ جهڙو عذاب ۽ ڊپ جهڙو گناهه ٿئي ئي ڪونه

 

انسان جنهن کي اشرف المخلوقات چيو وڃي ٿو، جنهن کي خدا جو خليفو مڃيو وڃي ٿو ۽ جنهن کي ڌڻي تعاليٰ سهڻي صورت، حيثيت ۽ عظمت ڏني ، سو ڪن حالتن ۾ اهڙا ڪم ڪري ويهندو آهي، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ سندس شان ۽ مان وٽان ڪونه هوندا آهن.هو اهڙن ڏوهن ۽ گناهن جو خالق به پاڻ هوندو آهي ۽ پاڻ سان گڏ ٻين کي به اهڙن ڏوهن ۽ غلطين جي ڀوڳڻ لاءِ مجبور ڪندو آهي. اهڙي صورت ۾ هن جي غلطي هن کان وڌيڪ ٻين لاءِ عذاب بڻجي پوندي آهي.

انسان کي اهڙين خطائن کان بچائڻ لاءِ ڏاهن توڙي ڏاتر جوڳو بندوبست پڻ ڪيو آهي. پوءِ ڪي عقل جا اڪابر ٿي وڃن ٿا ته ڪن جي ترين کي تيل لڳي ئي نٿو. الله تعاليٰ سوا لک نبي موڪليا ته جيئن اسان کي اڻ ڄاڻائي جي اوڙاهه مان ڪڍيو وڃي. دنيا جهان ابتداء کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين سڀني کان وڏو انگ ۽ گهڻو تعداد هادين ، رهبرن ۽ استادن جو ئي پيدا ڪيو آهي. انهن پڻ ساڳئي ئي تند تنواري آهي ۽ اهو سلسلو قيامت تائين جاري رهندو.

”اڻ ڄاڻائي“ لفظ ، لکڻ ۽ اچارڻ ۾ ته آسان آهي پر انهيءَ مان انڌ ۽ عذاب جا ايترا ته الا اڀرن ٿا، جيڪي گهڙي پلڪ ۾ امن کي فساد، سڪون کي بي چيني، انسان دوستي کي انسان دشمنيءَ ۽ عقل کي بي عقليءَ ۾ بدلائي ڇڏين ٿا.”اڻ ڄاڻائي“ ڪري ماڻهو منطق کان وڌيڪ مفروضي کي حقيقت ڄاڻي ٿو.”اڻڄاڻائي“ اها انڌ جي گهوڙي آهي، جنهن تي جنهن به سواري ڪئي اهو نه فقط ماڻهپي کان پر ٻنهي جهانن کان نڪري ويو.

اسان پنهنجي اردگرد نظر ڦيرائينداسين،بلڪه سنڌ ۾ سنڌ واسين جو جائزو وٺنداسين ته پاڻ کي اڪثريت انهيءَ ئي انڌ جي گهوڙيءَ تي چڙهيل نظر ايندي. ائين محسوس ٿيندو ته اسان عقل کان وڌيڪ ڪنن تي ڀاڙيون ٿا. اسان کي جيڪو ٻڌايو ويندو، تصديق ڪرڻ کان سواءِ ئي ان تي ايمان آڻي ويهنداسين. نه رڳو ڳالهه ٻڌي ڳنڍ ٻڌنداسين ، پر مفت ۾ ٽپالي ٿي انهيءَ ڳالهه کي هڪ کان ٻئي هنڌ پهچائينداسين. اسان مبلغ آهيون ، پر مفروضن جا حقيقت شناسي ۽ سچائي جي تهه تائين پهچڻ جي جستجو پاڻ ۾ آهي ئي ڪو نه.اسان اهڙيءَ غلطي ڪري صدين کان وٺي سچ کي ڪوڙ ، ڪوڙ کي سچ، مظلوم کي ظالم، ۽ ظالم کي مظلوم، رهبر کي رهزن ۽ رهزن کي رهبر بڻائيندا آيا آهيون. ايئن اسان پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻي پاڻ ئي دانهون ڪندا آهيون . اسان اڻڄاڻائي جو شڪار ٿي سچ جي سسي وڍي ۽ حق جو مٿو ڦاڙي رڙيون ڪوڪون ڪندا آهيون، ته ”قهر ٿي ويو، حقدار کي حق نٿو ملي، ۽ سچ جو ڪٿي به پڙاڏو ٻڌڻ ۾ نٿو اچي.“

اسان مان هرڪو هڪ ٻئي سان انهيءَ ڪري ئي ظلم ڪري ٿو جو هر ڪو انڌ جي گهوڙي تي سوار آهي ۽ اڻڄاڻائيءَ ۾ پڪو ايمان رکي ٿو.ڪو به تصديق ڪرڻ ۽ ڪو به سچ تائين پهچڻ جي ڪوشش نٿو ڪري. اسان لاءِ فقط اهو ئي ڪافي آهي ته ڪنهن لاءِ ٻڌون ته هو نيڪ آهي ، ته هن جا چڳ وڍيامريد بڻجي پونداسين ۽ جيڪڏهن ڪنهن لاءِ ٻڌون ته هو برو آهي ته پوءِ هن جا ازلي دشمن بڻجي پونداسين . هن جهڙي جهالت ،هن جهڙي بيوقوفي ۽ هن جهڙي ذهني غلامي ٻي ٿي ئي نه ٿي سگهي . اهڙي حالت ۾ اسان جو ذهن اهو خالي توٻرو بڻجي پئي ٿو،جنهن کي هر ڪو آسانيءَ سان پنهنجي پسند واري گند ڪچري سان ڀري سگهي ٿو. اسان ڪنن جا اهڙا ته ڪچا ٿي پئون ٿا جو غلط ۽ غليظ ڳالهه جن ڀوت جيان ڪنن ذريعي واسو ڪري اسان جي وجود کي وڪوڙي ڇڏي ٿي. بي وسي ۽ بي حسيءَ جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو عالم ٿي سگهي ٿو ته اسان ايئن اڻڄاڻائيءَ جو شڪار ٿي وڃون. بلڪه اڻڄاڻائيءَ جا غلام ٿي وڃون. اسان کي ڪير سمجهائي ته اها اڻڄاڻائي بيهودن بهتانن ۽ اجاين الزامن کي جنم ڏئي ٿي. اها اڻڄاڻائي اسان کان هر روز ڪيترن جي ڪردارڪشي ڪرائي ٿي . انهيءَ ڪري اسان پاڻ کي بيوقوف ۽ ٻئي کي مظلوم بڻائيندا رهون ٿا . هر اها ڌر جيڪا سنڌ ۾ ذهني ۽ فڪري انقلاب آڻڻ گهري ٿي، انهيءَ تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته اها اڻڄاڻائي ، انڌي عقيدت، سوچڻ ۽ سمجهڻ کانسواءِ قبول ڪرڻ ۽ ٻڌُ تي ڳنڍ ٻڌَڻ خلاف جهاد ڪري ۽ پنهنجي ڀر پاسي ۾ اهڙن ماڻهن کي ويهڻ ڏئي جيڪي مفروضن ۾ نه پر منطق ۽ پرک ۾ پختا هجن.

سنڌ واسي،جنهن ٻي نفسياتي الجهن ۾ صدين کان وٺي سوگها ٻڌل نظر اچن ٿا،اهو آهي ڊپ. اسان جا ڏاها چوندا چوندا مري ويا ته ”سپ نه ماري ، سپ جو سراپ ماري .“ پر اسان سراپ کي ختم ڪرڻ بدران سدائين سپ خلاف سوٽا کڻي گهمون ٿا . اسان جو اهو انڌو منطق اسان جي علم ادب ۾ به آهي ته سياست ۾ به آهي. سماج جو شايد ئي ڪو اهڙو فرد هجي، جنهن کي اسان ”بي ڊپو“ چئي سگهون.

اسان کي اهو ڪير ٻڌائي ته ڊپ غلاميءَ کي طول ڏيندو آهي، ظلم کي پروان چاڙهيندو آهي، حياتيءَ کي موت ۾ بدلائيندو آهي، اجتماعي آپگهات ، بلڪه سماجي ۽ قومي آپگهات کي هوا ڏيندو آهي . ماڻهوءَ کي جڏهن موت کان ڊپ ٿيندو آهي ته هن جي حياتي وهه بڻجي پوندي آهي ۽ گيدي بڻجي ويندو آهي. قومن کي جڏهن ظلم ۽ تشدد کان ڊپ ٿيندو آهي ته غلامي انهن کي بي پاڙي ول جيان وڪوڙي ويندي آهي. هڪڙي فرد کي جڏهن ٻئي فرد کان ڊپ ٿيندو آهي ته پاڻ کي بچائڻ جي نالي ۾ ٻئي کي ماري وجهندو آهي . ڊپ جا اهي نتيجا ٻڌائن ٿا ته ڊپ اهڙو گناهه آهي، جنهن جو ڪو به ازالو ٿي نه ٿو سگهي. دنيا جهان ۾ جيڪي به قهر ۽ ڪلور ٿيا آهن، انهن ۾ وڏو عمل دخل ڊپَ جو ٿئي ٿو. ظالم انهيءَ ڪري ئي مظلوم جي سسي وڍي ٿو، جو کيس اهو ڊپُ هوندو آهي ته متان مظلوم پنهنجي داد رسي پاڻ ڪري.

ذهنن کي صاف ڪرڻ لاءِ، معاشري کي مثالي بنائڻ لاءِ، ۽ ماڻهوءَ کي انسان بنائڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته فردن جي ذهنن مان ڊپُ ڪوري ڪڍيو وڃي ۽ ماڻهن کي اهو محسوس ڪرايو وڃي ته ڊپُ ڪنهن به درد جي دوا ڪونهي، پر هر درد جي پاڙ آهي. پوءِ اهو درد انفرادي هجي يا اجتماعي ، پنهنجو هجي يا پرائو .

اسان جي دانشورن ۽ مدبرن کي منظم نموني”قومي نفسيات“ جي مطالعي ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ انهيءَ مطالعي جي روشنيءَ ۾ منظم نموني سان درد جي دوا ڪرڻ جي ضرورت آهي .پر افسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي ته ڪنهن کي به درد پڙهڻ ۽ پروڙڻ جي ضرورت محسوس نٿي ٿئي. ڪنهن به علمي ،ادبي، نظرياتي ۽ سياسي تنظيم وٽ اهڙي گنجائش ڪونهي ۽ ايترو وقت ڪونهي جو قوم جي سماجي ،سياسي، ثقافتي، نظرياتي ۽ نفسياتي مسئلن تي غور ڪري . بس اسان مان جيڪو ڄمي ٿو ، اهو اکيون ٻوٽي قوم کي مريض ڄاڻي ٿو ۽ چئي ٿو ۽ پوءِ پنهنجي پسند مطابق دوا تجويز ڪري ٿو. بس اسان اهي انڌا اونڌا ويڄ آهيون جن کي مرض جي خبر ناهي، پوءِ به مريض مٿان ڪات ۽ ڪهاڙا ڊڀ ۽ ستيون کڻي بيٺا آهيون . جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته سنڌ جي ڪنهن ڪنڊ ڪرڇ مان ڪا تنظيم ڪر کڻي ڪوڪ ڪري ها ته اسان دڳ ۽ پيچري سان آهيون .اسان کي ”اڻڄاڻائي“ جي اٻهرن نتيجن جي خبر آهي ۽ ”ڊپَ“ جي منفي اثرن کان باخبر آهيون . اسان ڄاڻون ٿا ته اڻڄاڻائي جهڙو ڪو عذاب ڪونهي ۽ ڊپَ جهڙو ڪو گناهه ڪونهي ۽ اهي ٻئي ڳالهيون اسان سنڌ اسين ۾ وڏي پيماني تي موجود آهن.

(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ، تاريخ : 16.04.1996

 

 

 

Good Wishes