ٻ واٽي تي بيٺل قوم ۽ غيب جو مسئلو

 

انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ڪن کان اک جو ۽ اک کان وات جو ڪم وٺي نٿو سگهجي. پر جسم جو ڪهڙو به حصو هجي، هر ڪنهن ۾ هڪ ڪامن فيڪٽر ٿئي ٿو. هر ڪو حصو ڪيترين ئي حالتن ۾ هڪ جيترو ۽ هڪ جهڙو ردِ عمل ڏيکاريندو آهي. مثال طور گرمي يا سخت سردي لڳڻ يا محسوس ڪرڻ سان هر ڪو عضوو ساڳيءَ ريت ردِ عمل ڏيکاريندو آهي. هن جي معنيٰ اها ٿئي ٿي ته هر ڪو عضوو پنهنجي انفرادي حصثيت به رکي ٿو ۽ اجتماعي يڪسانيت به رکي ٿو. جسم وحدت جو ۽ ان جو هر هڪ عضوو ڪثرت جو مظهر ٿين ٿا.

بنهه اهڙيءَ ريت سياستدان جو بنيادي ڪم سياست، قلمي پورهيت جو بنيادي ڪم لکڻ پڙهڻ، استاد جو بنيادي ڪم پڙهائڻ، شاگرد جو بنيادي ڪم پڙهڻ ۽ واپاريءَ جو بنيادي ڪم واپار ڪرڻ آهي. پر ڪيترين ڳالهين ۾ سندن” ڪامن فيڪٽر“ به ٿين ٿا ۽ انهن شعبن ۾ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ”اجتماعي رنگ“ ۽ ”وحدت جو روپ“ متاثر ٿيندو.

”گڏيل ماضي“ ۽ ”اجتماعي مستقبل“ سڀني جو هڪ جهڙو ٿئي ٿو. ثقافت سمورن جي هڪجهڙي ٿئي ٿي. قومي قدر ، نظريا ۽ اصول هر ڪنهن جا هڪ جهڙا ٿين ٿا. اهڙي نموني ڪي ڪم اهڙا ٿين ٿا، جن ۾ سمورن کي هٿ ونڊائڻو پوندو آهي. اهي ڪنهن هڪڙي طبقي ۽ گروهه جي بلي ڪري نه ٿا سگهن.تاريخ دوستي ۽ تاريخ سازي جو عمل به انهن مان هڪ آهي. اهي قومون جيڪي پاڻ لاءِ ڪراماََ ڪاتبين نه ٿينديون آهن. پنهنجي عملن جو رڪارڊ نه ٺاهينديون آهن ۽ پنهنجي تجربن خواهه مشاهدن جو رڪارڊ نئين نسل ڏانهن منتقل نه ڪنديون آهن، عملي طور تي انهن جو وجود ختم ٿي ويندو آهي ۽ اهي فقط نالي ماتر قومون بڻجي وينديون آهن. جيئن اسان جي سنڌي قوم هاڻي نالي ماتر قوم رهي آهي. اسان ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه نه رهي آهي جنهن مان اسان پاڻ کي زندهه، قائم ۽ دائم قوم چئي سگهون. اسان فقط ٻٽاڪن جي ڏڍ تي پاڻ کي قوم سڏيون ۽ سڏايون ٿا.هونئن نه ته حقيقت هي آهي ته اسان ذاتين ۽ گروهن جي ڏرن ۾ لڪا پيا آهيون. اسان مان اڪثر ذاتيون پنهنجو رشتو ڌرتيءَ سان ڳنڍڻ لاءِ اڄ به تيار ڪونهن. ڪو پنهنجي وڏن کي افغانستان ۽ ايران ۾ ثابت ڪري ٿو ته ڪو پاڻ کي نج عربي نسل جو سڏي ٿو. اهڙي ريت اسان جي نظرين ۽ قدرن جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ کتل هئڻ بدران ڪڏهن اولهه ۾ ٿين ٿيون ته ڪڏهن اتر يا اوڀر ۾ .

اسان جي هن نظرياتي ڀونچال ۽ سماجي خلفشار جي ذميواري فقط ۽ فقط سياسي نظام ۽ سياسي شعبي تي عائد ٿئي ٿي. اسان جي سياست اڪثر ڪري اجتماعي ڀلائي بدران اجتماعي آپگهات جو ڪارڻ رهي آهي. اسان جي سياست عوام جي تعليمي ادارن، تعليمي ماحول ۽ تعليمي معيار کي تباهه ڪري ڇڏيو . پبلڪ اسڪول، گرامر اسڪول، ۽ ڪيڊٽ ڪاليج جن ۾ ڌن ڌڻين جا ٻار پڙهن ٿا ، انهن ۾ استادن ۽ شاگردن جون اسٽرائيڪون به نه ٿين.ڪلاشنڪوف يا ڪاپي ڪلچر جو تصور به نٿو ڪري سگهجي.انهن ۾ نه ته استادن جي کوٽ نه وري سامان جي ڪمي. ان جي برعڪس اسان جي سياستدان جيڪڏهن ڪنهن کي تجربيگاهه بڻايو ته اهي اسان جا ، بلڪه عوام جا تعليمي ادارا آهن. ڪهڙو ڪافر انهيءَ ڳالهه بلڪه شاگردن جي حقن جو منڪر ٿيندو ته ادارن ۾ شاگردن جو وجود ئي نه هجي. پر ڪهڙو اهڙو عوام دوست ماڻهو اهو ثابت ڪندو ته عوام جي لولن لنگڙن تعليمي ادارن ۾ سرگرم تنظيمن جي اڪثريت مٿئين ۽ هر دور جي سماجي خواهه سياسي حڪمران طبقي جي مفادن جي رکوال نه آهي.اتفاق سان اسان جي سياست، سياسي نظام ۽ سياسي تنظيمن جا جوڙيندڙ مٿئين طبقي جا ماڻهو ئي آهن ۽ اسان انهن جي ترجماني يا غلامي ڪندا آهيون.

اسان جو تعليمي نظام ڏسي وائسي ايترو ته ابتر ڪيو ويو آهي.جو هڪ طرف تعليم پرائڻ بي سود بڻجي چڪي آهي ته ٻئي طرف تعليم دانن ۽ تعليمي ادارن ۾ عوام جو اعتماد ئي نه رهيو آهي. سرڪار تعليمي ادارا ته ٻار سنوارڻ ۽ سڌارڻ بدران کارڻ جو ذريعو بڻجي ويا آهن. انهن ادارن ۾ اڄ انسان کي ٽين اک ته ڪانه ٿي ملي پر ظاهر جون ٻه اکيون به ٻوٽجي ٿيون وڃن. شايد ڏهه سال به وڏا آهن. انهيءَ کان اڳ ئي سرڪاري تعليمي ادارا پنهنجي اهڙي ۽ ايتري ساک وڃائي چڪا هوندا جو ماڻهو انهن بدران خانگي تعليمي ادران ڏانهن رخ ڪندا. يعني اڳتي هلي تعليم تي ڌن ڌڻين جي هڪ هٽي قائم ٿي ويندي.

سڃيو، مسڪين ۽ غريب نه ته تعليم جو خرچ برداشت ڪري سگهندو ۽ نه وري تعليم وٺي ماڻهو مان انسان ٿي سگهندو. هو غريب ۽ غلام ٿي ڄمندو ۽ مفلس خواهه محڪوم ٿي مرندو.انهيءَ صورتِ حال ڏانهن اسان کي اسان جو سياسي نظام ئي وٺي وڃي رهيو آهي. عام سياسي ڪارڪن انڌي عقيدي ۾ اهڙو غرق ٿي چڪو آهي جو ايندڙ طوفان کي ڏسي ۽ محسوس نه ٿو ڪري سگهي.

اسان تاريخ جي انهيءَ نازڪ موڙ تي اچي بيٺا آهيون، جتي ”انتهائي تباهي“ ۽ ”انقلابي تبديلي“جو ٻه واٽو شروع ٿئي ٿو. اسان ڏٺو وائٺو ”انتهائي تباهي“ طرف وڌي رهيا آهيون. هن رستي تي هلندي اسان آدرش ۽ اصولن سان فريب ڪرڻ کي عيب نٿا ڄاڻون ۽ قومي استحصال کي برو نٿا ڀائنيون پر ان جي برعڪس ”اجتماعي آپگهات“ کي چڱو عمل ڄاڻون ٿا . اسان ايترا ۽ اهڙا ته ڏاها بڻجي ويا آهيون جو ڏاهپ جي ڪا به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهيون.

هي اهو نازڪ موڙ آهي جتي شاهدين گڏ ڪرڻ ، عملن جي رڪارڊ ٺاهڻ، تجربن ۽ مشاهدن جي نچوڙ ٺاهڻ جي سخت ضرورت آهي. اهڙي ڪرت اسان کي ”انتهائي تباهي“ ۽ ”انقلابي تبديلي“ جي ٻه واٽي تي تباهي خواهه تبديليءَ وارين ٻنهي صورتن ۾ ڪارائتي ثابت ٿيندي.جيڪڏهن اسان پاڻ ڌريج ۽ عقل سان انهيءَ رڪارڊ جو مطالعو ڪيو ته تبديلي ممڪن ٿي پوندي، پر جيڪڏهن پاڻ کي اهڙي توفيق نه ملي ته ايندڙ نسلن لاءِ اهو رڪارڊ اسان جو آئينو ٿي پوندو.

انهيءَ ڪرت کي جيڪڏهن تاريخ دوستي ۽ تاريخ نويسي چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو پر اهو ڪم اڪيلي سر ڪو محقق يا مورخ ڪري نٿو سگهي. جيڪڏهن عوام دوست ۽ تاريخ دوست سياسي ڪارڪن ٿورو توجهه ڏيندا ته گهڻو ڪم ٿي پوندو، ڇو ته اسان جو قلم ڌڻي ، محقق يا مورخ اسان جي نظام ۾ اهڙي حيثيت رکي ئي نه ٿو جو کيس ڪا سياسي تنظيم پنهنجو تعاون ڏئي ۽ مواد خواهه معلومات جي ميڙي چونڊيءَ ۾ هن کي مدد ڏئي، هينئن ته ٿي سگهي ٿو ڪو قلم ڌڻي، محقق يا تاريخ نويس شعوري يا لاشعوري طور تي ڪنهن تنظيم جو منشي بڻجي وڃي ، پر هن لاءِ اهو مشڪل آهي ته هو ڪنهن به پارٽيءَ جي ڪنهن عهديدار يا ڪارڪن کان سندس نالو يا پيءُ جو نالو پڇي ۽ معلوم ڪري سگهي.

پر جيڪڏهن پارٽيون، ان جا عهديدار يا ڪارڪن پاڻ کي عوام جو ۽ عوام لاءِ ثابت ڪرڻ واسطي ٽه ماهي يا ڇهه ماهي ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ شايع ڪن ته هوند اهي اڃا به عوام جي وڌيڪ نزديڪ اچي سگهن. هاڻي ته صورتِ حال هي آهي جو پارٽيون ڇا ٿيون ڪن؟ ۽ ڇو ٿيون ڪن ؟ انهيءَ جي خبر هڪڙي الله کي ٻي انٽيليجنس وارن کي. ويچارو عوام بلڪ پارٽي جا اڪثر ڪارڪن اهڙي معلومات کان وانجهيل ٿين ٿا. سڀني جي چڱائي انهيءَ ۾ آهي ته انهيءَ غيب جي خبر سڀني کي هئڻ گهرجي.

 

(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

تاريخ : 13.02.1996)

 

 

Good Wishes