نهنجي ماتر ڀوميءَ جي موجوده دور جي ماڻهن جي، بلڪه فعال ۽ ساڃهه-وند ماڻهن کي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ قسم انهن ماڻهن جو آهي. جيڪي ”پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرين جي“ مصداق ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ-ڌڻين جي روشن مستقبل لاءِ سوچن ۽ لوچن ٿا. اهي ڪا وڏي تبديلي هن ڪري آڻي نه ٿا سگهن ته انهن مان ڪي ماضيءَ جي مزارن جا مجاور آهن ته ڪي ماضيءَ جي قدرن، نظرين ۽ اصولن جي وقت ۽ حالتن مطابق ٻيهر وضاحت، تشريح ۽ انهيءَ تي عمل ڪرڻ جي ڏات کان عاري آهن. ان ڪري اهي بهتر مجاوري ته ڪري سگهن ٿا، ليڪن سائنسي بنيادن ۽ دور جي تقاضائن مطابق روشن مستقبل آڻڻ لاءِ نيون ريتون ۽ رسمون جوڙ ي نه ٿا سگهن. اهي نه ته انهيءَ چڪڻ مان چڙهندا ۽ نه وري پنهنجي روين، عملن ۽ نظرين جي نظرثاني ڪندا.

ٻيو قسم وري اهڙن مکڻ ماڻهن تي مشتمل آهي، جيڪي حال ۾ مگن آهن ۽ انهيءَ حوالي سان وڏا ڪارناما به سرانجام ڏين ٿا. اهي ماڻهو ئي علم، ادب ۽ ثقافت جا ٻوٽا سڪڻ نه ٿا ڏين، سدائين وتن ٿا انهن جي آبياري ڪندا، اهي ڪم ته سٺو ڪن ٿا، ليڪن تاريخ ۽ مستقبل جون تقاضائون پوري ڪرڻ ۾ ايڏي دلچسپي نه ٿا وٺن، مثال ڪري وٺو، شاهه، سچل ۽ قلندر جا ميلا ٿين ٿا. اتي جيڪي به علمي، ادبي ۽ ثقافتي ڪم ٿين ٿا، انهن جي ڊاڪيومنيٽيشن ٿئي ئي ڪو نه ٿي. فقط اهڙن موقعن تي سيمينارن ۾ پڙهيل مقالا ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائڻ ڪا مڪمل ڊاڪيومينٽيشن ناهي. ٿيڻ ائين گهرجي ته انهن جي مڪمل ڊاڪيومينٽري ٺهي، جيڪا مارڪيٽ ۾  موجود هجي، انهن بزرگن جي نالن تي ويب سائيٽون هجن جن تي اهو ۽ اهڙو ٻيو مواد رکبو هجي. جيڪا شئي شاهه، سچل ۽ قلندر بابت سندن عرس يا ميلي کان پوءِ لکي وڃي. ڪئي وڃي، پوءِ اها ڪنهنجي به هجي، ان کي ويب سائيٽ تي آندو وڃي.

هي ته هئا سرڪاري سرگرمين جا مثال، پر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ بزرگن، پيرن فقيرن جا عرس ملهائجن ٿا ۽ سال دوران ڪيترا ميلا ٿين ٿا.اهي به ثقافتي ۽ روحاني سرگرميون هئڻ باوجود جهڙوڪه ڍنگهرن تي اٽي هارڻ برابر آهن. انهن مان به ڪنهن جي  ڊاڪيومينٽيشن نه ٿي ٿئي، ڪي ڪيسٽون تيار نه ٿيون ٿين ۽ ڪي ڪتاب شايع نه ٿا ٿين.

هاڻي ته سٺي ڳالهه هيءَ ٿي آهي ۽ ٽين روايت اها پئي آهي ته شخصيتن جي نالن تي به ميلا ٿين ٿا. جن شخصيتن جي زندگيءَ ۾ مڃتا نه ملي، انهن کي اڄوڪو نسل جڏهن هاڻي ياد ڪري ٿو ته ڄڻ اڳئين نسل جي ڪوتاهين جو ڪفارو ٿو ڪري. هي ڳالهه هر وجهه کان تعريف جوڳي آهي، هيءَ روايت شخصيت-فهميءَ جا نو ان طريقا ڏسي ٿي. اهڙن روايتن جي آجيان ڪرڻ گهرجي. پوءِ ڇو نه اهي ”نانيءَ-ويڙ هن“ جي اصولن تي قائم ڪيون وڃن.  اهڙن واقعن ۽ موقعن تي سمورن شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن کي گهرائڻ ناممڪن آهي، ظاهر آهي ته هم خيال دوست ئي گڏ ٿيندا. ان ڪري اهڙي عمل جي آجيان ٿيڻ گهرجي پر وري انهيءَ ڳالهه جي به نشاندهي ٿيڻ گهرجي ته ڪارنامن جهڙن انهن واقعن جي ڊاڪٽومينٽري ٿيڻ گهرجي. ڪتاب ڇپجڻ گهرجن ۽ سي ڊيون تيار ٿيڻ گهرجن ته جيئن اهو تجربو ۽ اهو عمل نه فقط همعصر ماڻهن تائين پهچي، پر تاريخ جون تقاضائون پوريون ڪندي، ايندڙ نسلن ڏانهن به منتقل ٿيندو رهي. هونءَ نه ته هر ڪو بهتر ڪم پاڻ کي خوش ڪرڻ ۽ ڍنگهرن تي اٽي هارڻ برابر ٿيندو رهندو.

ڪنهن به قوم کي پڙهڻ ۽ سمجھڻ لاءِ انهن جا رويا ۽ عمل وڏي مدد ڪندا آهن ۽ خبر پوندي آهي ته قوم ڪهڙي ۽ ڪيتري پاڻي ۾ آهي. ڪنهن به قوم کي اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ لاءِ هڪ ئي وقت تي پنجن عملن ۽ مرحلن مان گذرڻو پوندو آهي. اهي عمل يا مرحلا آهن: تخليق جو عمل، جنهن ۾ قوم نئين ڳالهه، ندرت سان ايجاد ڪندي آهي، ٺاهيندي آهي. پوءِ اهو عملي ڪم هجي، يا قلمي ڪم هجي، اهو نظرياتي ڪم هجي يا سماجي، اهو سائنسي هجي يا تعليمي ۽ تخليق قوم جي ترقيءَ جي ضمانت ٿيندي آهي. ٻيو مرحلو يا عمل آهي تحقيق جو. هن عمل مان مراد اها هوندي آهي ته قوم ماضيءَ ۽ حال جي سائنسي بنيادن تي ڇنڊ ڇاڻ ڪري، قوم واقعن جي پس منظر ۽ پيش منظر جو مطالعو ڪري ڪي اصول ۽ دڳ پيچرا ٺاهي ته جيئن ان تي هلي روشن مستقبل لاءِ جاکوڙ ڪري سگهجي. ٽيون عمل يا مرحلو آهي مشاهدو ڪرڻ ۽ ان مشاهدي جي آڌار تي باقي ماڻهن کي اجاين تجربن کان بچائڻ، مثال طور ٻين قومن ۽ ٻولين جا لکيل ڪتاب جڏهن ترجمو ڪندا آهيون ته اسان جهڙوڪه مشاهدو ڪري ٻين قومن جا تجربا ۽ ڪم، قدر ۽ نظريا پنهنجن ماڻهن تائين پهچائيندا آهيون. چوٿون مرحلو يا عمل آهي ”اداره-سازي“. هن جو مطلب آهي ته وقت ۽ حالتن جي تقاضائن مطابق نيون تنظيمون ٺاهڻ ۽ ادارا جوڙڻ ته جيئن هم خيال ماڻهن کي ڪو پليٽ فارم مهيا ڪجي ته اهي پنهنجي اجتماعي لياقتن ۽ صلاحيتن سان پنهنجي حال ۽ حالتن کي سڌارڻ ۽ روشن  مستبقل کي سنوارڻ لاءِ هٿ پير هڻن. چوٿون عمل يا مرحلو آهي. ”سرگرميون“. هن جو مطلب آهي ته جيڪي ادارا يا تنظيمون جوڙيون وڃن، انهن کي فعال رکيو وڃي. پنجون عمل يا عمل اهو آهي ته اسان پنهنجو احتساب ڪريون. فقط ٻين تي تنقيد نه ڪريون، بلڪه پاڻ تي پنهنجي قول ۽ فعل تي تنقيد ڪري، پنهنجا جھول ۽ پنهنجون غلطيون ڪڍي انهن کي سڌاريون.

هاڻي انهيءَ ڪسوٽيءَ تي پاڻ ۽ پنهنجي قوم کي ڏسون ٿا ته پاڻ ۾ ڪيتريون ئي اوڻائيون نظر اچن ٿيون. پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته اسان انهن سمورن مرحلن ۽ عملن ۾ توازن قائم ڪونه ڪري سگهيا آهيون ۽ ڪن مرحلن ۽ عملن کي اسان نهايت محدود ڪري ڇڏيو آهي يا سمجھيو آهي.

مثال طور ”تخليق“ جي عمل کي اسان فقط شعر ۽ شاعري ڪرڻ ۽ ڪتان لکڻ تائين محدود ڄاتو سمجھيو آهي. سائنسي تخليق جو اهو حشر آهي ته اسان توتري به ڪونه ٺاهي سگهيا آهيون. موبائيل،ٽيليويزن، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، تان جو جهازن ۽ راڪيٽن ٺاهڻ ۾ اسان جو ڪو به عمل دخل ڪونهي. اسان انهن گهرن کي ڪنهن نئين انداز سان ٺاهڻ بدران صدين کان ساڳي طرز تعمير تي جوڙيون ٿا. اسان ”تنقيد“ کي ٻئي جي پٽڪي ڊاهڻ ۽ ٽنگون ڇڪڻ جو فن ڪري ورتو آهي. ان ڪري هن مان برائيون ۽ غلطيون ته دور نه ٿيون ٿين، پر دشمنيون ٿين ۽ وڌن ٿيون، تنظيمن ٺاهڻ ۾ اسان کي فقط هڪ سر جي مسجد ٺاهڻ جو ڏانءُ آهي. اهي انا ۽ قيادت ڪري هڪ مٿان ٻي پيا ٺاهينداسين. ادارا ٺاهڻ اسان جي وس جي ڳالهه ڪانهي. البته ادارن کي ڏاڪڻ طور ڪم آڻي پنهنجي قد ۽ قامت وڌائڻ ۾ اسان جو مٽ ٻيو ڪوئي ڪونهي. ها، هڪ ڳالهه ۾ بادشاهه آهيون، اهي آهن اسان جون سرگرميون، جن ۾ ثقافتي ۽ ادبي سرگرميون، سياسي ۽ سماجي گرميون چوٽ چڙهيل آهن. پر اهي فقط پاڻ لاءِ آهن. نانيءَ ويڙهن لاءِ آهن. انهن کي اسان تاريخ ۽ ايندڙ دور جي نسلن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون

 

Good Wishes