ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ

سر شاهنواز ۽ سکر بئراج ۽ ٻيون ڪجهه ڳالهيون

مجموعي طور تي سنڌ جي سمورن دورن جا تاريخ، مواد ۽ معلومات جي اڻاٺ ۽ تاريخ نويسيءَ جي فني لوازمات کان اڻ ڄائپ ڪارڻ ڏند – ڪٿا بڻجي پئي آهي. انگريزن جو دور، جنهن تي مواد ۽ معلومات به موجود آهي ۽ تحقيق جا طريقا به سمجهي ۽ سمجهائي سگهجن ٿا، اهو پڻ انهيءَ ڪري اوجهل ٿيندو پيو وڃي، جو ڪنهن سرڪار کي هوش نه آيو ته انهيءَ دور جي رڪارڊ کي فني ۽ سائنسي بنيادن تي گڏ ڪري، ترتيب ڏئي عوام اڳيان آڻجي. سرڪار رڪارڊ ۽ ڪتابن جا گدام ته ٺهرايا، پر تاريخي تحقيق جو ادارو جوڙي، انهن ۾ جان نه وڌي.

سرشاهنواز ڀٽو ماضي قريب جي سياسي شخصيت آهي. ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي شهيد راڻي تائين کيس لائق وارث به مليا. پر سرشاهنواز ڀٽي جي شخصيت، خدمتن ۽ قومي ڪردار تي تحقيقي ڪم نه ٿيو. پيپلز پارٽيءَ سان لاڳاپيل ڪن ليکڪن ۽ مداحن هڪ اڌ سوونيئر ضرور ڪڍيا، پر اها ڪاوش ”ميڙي چونڊي“ ته ضرور هئي، ليڪن نه شخصيت سان انصاف ٿيو ۽ نه وري تاريخ نويسيءَ سان ڀلائي ٿي. ويتر ڪيترن ئي غلطين کي تاريخ جو روپ ملي ويو.

سرشاهنواز ڀٽي تي پهريون معياري مضمون مرحوم سائين جي ايم سيد لکيو، جيڪو سندس ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ شامل ڪيو ويو. ان کان پوءِ جنهن به سرشاهنواز ڀٽي تي لکيو آهي، اهو ”جنب گذاريم جن سين“ کي آڏو رکي لکيو ويو آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ جيڪي پروفن جون غلطيون رهجي ويون، انهن کي باقي ليکڪن به ورجايو آهي. مثاطور انهيءَ ڪتاب ۾ لکيو ويو آهي ته ”سرشاهنواز ڀٽو 1920ع ۾ ضلعي لاڙڪاڻي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو، جنهن عهدي هو مسلسل 1933ع تائين رهيو“. اهي سال پوءِ ٻين به ورجايا. جيڪي غلط آهن. اهڙيءَ ريت جنم تاريخ سائين جي ايم سيد ۽ سندس ڪتاب تان نقل ڪندڙن 2 مارچ 1888ع ڄاڻائي آهي. هن وقت هي مضمون / مقالو لکڻ لاءِ مون جيڪي دستاويز اڳيان رکيا آهن، انهن ۾ سنڌ مدرسي جي جنرل رجسٽرڊ جي ان صفحي جي فوٽو ڪاپي به آهي، جنهن ۾ سرشاهنواز جو شاگرد طور ذڪر ٿيل آهي. انهيءَ سر شاهنواز جي ولادت جو سال 1892ع لکيل آهي.

سائين جي ايم سيد سنڌ جو اهو واحد سياستدان محقق هئو، جنهن مواد گڏ ڪرڻ ۽ لکڻ جا انداز محققانه هئا. سائين مرحوم شخصيتن جا سوانحي خاڪا ٻڌ تي ڪو به لکيا آهن. مون کي ذاتي خبر آهي ۽ مون اهو کانئس به پڇيو هئو. مرحوم خاص طور تي سوانح بابت مالڪ کان يا سندس پونئيرن کان لکت ۾ معلومات وٺندو هئو. ان ڪري جيڪڏهن اسان پروفن جي غلطي نه به چئون ته، ان ۾ سائين جي ايم سيد جي تحقيقي انداز ۽ سچائيءَ تي حرف نه ٿو اچي. پر ان ۾ اسان سنڌين جي هڪ عجيب نفسيات جو عمل دخل آهي. اها نفسيات هي آهي ته اسان جي ڪيترن وڏيرن ۽ پيرن، يا کڻي چئون ته وڏن گهرائڻ مان تمام گهڻن جي اها سوچ هوندي آهي ته جيڪو مئو سو ڇٽو، جيڪو سياسي يا روحاني گاديءَ تي ويهندو ته اهو فقط پنهنجي ڳالهه ٻڌڻ چاهيندو ۽ پنهنجو نالو روشن ڪرڻ گهرندو.

سرشاهنواز ڀٽي سائين جي ايم سيد جيڪا معلومات ورتي هوندي، ٿي سگهي ٿو ته خانداني روايتن واري رڪارڊ ۾ سندس جنم جو سال 1888ع هجي. اهڙيءَ ريت عهدن، رتبن، نوڪرين ۽ ٻين ڳالهين جا سن ۽ سال پونئيرن جي وس ۾ ئي نه هوندا ته اهي ياد رکن. ان ڪري اتان سڀ سن ۽ واقعا اندازي ۽ اوٽ تي ٻڌايا لکيا ويندا.

چيو ٿو وڃي ته سرشاهنواز ڀٽو 1920ع ۾ لوڪلبورڊ جو صدر ٿيو. منهنجي تحقيق مطابق سيپٽمبر 1920ع تائين هو ميمبر به ڪونه ٿيو هو. 13 سيپٽمبر 1920ع تي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي جيڪا گڏجاڻي ٿي آهي، ان وقت بورڊ جو صدر انگريز ڪليڪٽر اي.ايس.وي.اڪاٽ (A.S.V Acott) هئو. هن گڏجاڻي وقت جيڪي ميمبر هئا، ۽ گڏجاڻيءَ ۾ شامل به ٿيا، انهن مان ٽي اڪيس آفيشو ميمبر هئا ۽ باقي پندهن چونڊيل ۽ ٿاڦيل ميمبر هئا. سمورن جا نالا آهن: چئنراءِ (ڊپٽي ڪليڪٽر، ميهڙ)، ڏيارام(ڊپٽي ڪليڪٽر، لاڙڪاڻو)، صاحب زادو(ڊپٽي ڪليڪٽر، سيوهڻ)، راءِ صاحب مولچند سخاوتراءِ، سيٺ هاسومل ڪشنچند، چڀڙسنگ لڪاسنگ، سرائي حاجي امير علي لاهوري، خانصاحب غلام محمد اسراڻ، سرائي رب رکيو لاکير، سرائي علي حسن هڪڙو، وڏيروخداداد خان انڙ، خانبهادر ڌڻي بخش جتوئي، وڏيرو دوست محمد ٿيٻو، وڏيرو علي محمد ٿيٻو، سيٺ ورومل ولرمل، وڏيرو پيربخش تنيو ۽ وڏيرو چاڪر خان.

بينظير ڀٽو کي جنهن شام شهيد ڪيو ويو، انهيءَ رات سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بئنڪن، خاص ماڻهن جي ملڪيتن ۽ سرڪاري ادارن کي باهيون ڏنيون ويون. اها اهڙي ته انوکي سوچيل سمجهيل سازش هئي جو ڪيترن عمارتن کي سيڪو زور آيو، پر انهن بدران رڪارڊ سڙي رک ٿي ويو. باهه جو اهو انداز ڪنهن فني ۽ جنگي مهارت واري باهه کان گهٽ نه هئو. ائين لاڙڪاڻي جي ضلعي لوڪلبورڊ کي به باهه لڳي، جنهن ۾ سمورو رڪارڊ سڙي ويو. ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته 1920ع جي آخر ۾ چونڊون ٿيون هجن ۽ سرشاهنواز ڀٽو ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو ميمبر ٿيو هجي، ۽ اڳتي هلي ان جو صدر ٿيو هجي. پر اها پڪي ڳالهه آهي ته 1933ع ۾ به سرشاهنواز خان ڀٽو لوڪلبورڊ جو صدر ۽ حاجي اميد علي لاهوري نائب صدر هو. جولاءِ 1934ع ۾ لوڪلبورڊ جي نئين صدر جي چونڊ ٿي آهي. ان لاءِ 9 جولاءِ تي جيڪا گڏجاڻي ٿي آهي، ان ۾ سرشاهنواز ڀٽي جو ميمبر يا صدر طور نالو شامل ڪونهي. هن اجلاس ۾ چوويهن ميمبرن شرڪت ڪئي آهي. اجلاس ۾ پيربخش کهاوڙ رٿ پيش ڪئي ۽ عبدالهادي ٻگهئي ان جي تائيد ڪئي ته محمد ايوب کهڙو لوڪلبورڊ جو صد ٿئي. جڏهن ته پرڀداس رٿ ڏني ۽ علي گوهر خان لاهوريءَ ان جي تائيد ڪئي ته نبي بخش خان ڀٽو لوڪلبورڊ جو صدر ٿئي. تڏهوڪي نائب صدر علي حسن هڪڙي ووٽنگ ڪرائي ته ٻنهي اميدوارن کي هڪ جيترا ووٽ مليا. پوءِ نائب صدر پنهنجو ووٽ نبي بخش خان ڀٽي کي ڏنو ۽ نتيجي ۾ هو ضلعي لوڪلبورڊ جو صد ٿي ويو. هاڻي جڏهن نئين صدر جي چونڊ جولاءِ 1934ع ۾ ٿئي ٿي ته ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته نئين صدر چونڊجن يعني جولاءِ 1934ع تائين سرشاهنواز ڀٽو ڊسٽرڪٽ لوڪلورڊ جو صدر رهيو هوندو.

لوڪلبورڊ جو ذڪر ڪرڻ ان لاءِ ضروري هئو، جو لوڪلبورڊ ۽ سکربئراج جي حوالي سان هڪ وڌيڪ تاريخي غلطي کي ميسارڻو آهي. ڪن حلقن ۾ اها ڳالهه مشهور آهي ته تڏهوڪي وائسراءِ جنهن جو نالو پوءِ سکر بئراج تي رکيو ويو، تنهن کي هڪ سنڌ جي وڏيري نڪ ۾ دم ڏنو. هي اهي ڏينهن آهن جڏهن شاهنواز خان ڀٽي تي پريشانيءَ جا ڏينهن آيل هئا. ڇو ته تنهن زماني ۾ هن عشق جي ٻي شادي ڪئي هئي. انهيءَ شاديءَ ڪري خاص طور مٿس هندو برادري چڙهيل هئي. ان ڪري وائسراءِ ۽ سرشاهنواز خان ڀٽي هڪٻئي جي مدد ڪئي. ٻنهي سک جو ساهه کنيو ۽ سکر بئراج جي افتتاح ٿيڻ کان اڳ لاڙڪاڻي ضلعي ڪائونسل ٺهراءُ پاس ڪري، حڪومت کي تجويز ڏني يا گهر ڪئي ته سکر بئراج جو نالو وائسراءِ جي نالي پٺيان رکيو وڃي.

جيئن مون شروع ۾ عرض ڪيو آهي ته اسان ڪنهن ڇنڊڇاڻ ڪري، ڳالهه يا واقعي تي تحقيق ڪرڻ بدران ٻڌل ۽ من گهڙيل ڳالهين جي آڌار تي تاريخي واقعا لکي، يا تاريخ مرتب ڪري، تاريخ کي ڏند ڪٿا بڻائي ڇڏيندا آهيون.

سرشاهنواز خان ڀٽي ۽ هندوستان جي وائسراءِ جي هڪ وقت پريشان ٿيڻ، ٻنهي پريشان ماڻهن جو هڪٻئي کي بچائڻ جو معاهدو ڪرڻ ۽ لاڙڪاڻي لوڪلبورڊ مان سکر بئراج جي نالي رکڻ وارو ٺهراءُ پاس ڪرائڻ، اهي ڳالهيون سڀ عجيب ۽ من گهڙت لڳن ٿيون.

چيو ٿو وڃي ته سکر ڊسٽرڪٽ بورڊ به اهڙي ئي قسم جو ٺهراءُ پاس ڪيو هئو. هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته لاڙڪاڻي مان ٺهراءُ جيڪڏهن هڪ سمجهوتي سان مشروط هئو ته سکر ضلعي ۾ ڪهڙي واردات ٿي هئي جو اتان جو لوڪلبورڊ به هڪ سمجهوتي ڪري يا خوشامد ڪرڻ لاءِ اهو ۽ اهڙو ٺهراءُ پاس ڪيو؟

انگريز ته فيل مست سمجهيا ويندا هئا. اسان جي وڏ-گهراڻن، پوءِ اهي روحاني شخصيتون هجن يا سياسي، انهن ته انگريزن جي واکاڻ ڪندي اڇا وار ڪيا. انهيءَ اهڙيءَ صورتحال ۾ سنڌ جو ڪو وڏيرو وائسراءِ جي تڪ ۾ دم ڏئي، اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي. انهن فيل مست ظالمن ته پيرپاڳاري جهڙي، باقي ٻين پيرن ۽ وڏيرن کان برجستي ماڻهوءَ کي به برداشت نه ڪيو. اهي حڪمران ڪيئن ٿا هڪ وڏيري کان ڊڄي وڃن ۽ سرشاهنواز خان ڀٽي سان بچڻ ۽ بچائن جو معاهدو ڪن.

ٻي اهم ڳالهه، جيڪا هنن زباني روايتن ۽ ٻڌ جي ڳالهين ۽ مفروضن کي رد ڪري ٿي، اها هي آهي ته سکربئراج جو افتتاح 13 جنوري 1932ع تي ٿيو. جيڪڏهن سرشاهنواز ڀٽي، مانهن جي چواڻيءَ 1930ع ڌاري هندن جي دٻاءَ کان بچڻ لاءِ وائسراءِ کي خوش ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي لوڪلبورڊ مان بئراج تي نالي رکڻ وارو ٺهراءُ پاس ڪرايو ته پوءِ 1930ع يا 1932ع وارا سال سرشاهنواز ڀٽي لاءِ مصيبت ۽ هندن جي دٻاءَ وارا سال ڪيئن ٿا ٿين؟ جڏهن انهيءَ مان کيس 1928ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ڄمي ٿو. بي شڪ 1927ع وارو سال لاڙڪاڻي لاءِ هندو مسلمانن جي جنگ جو ميدا هئو. شاهنواز خان ڀٽي انهيءَ سال ٿورو اڳ هندو عورت کي مسلمان ٿيڻ کان پوءِ وني بڻايو ته 1927ع ۾ ڳيريلي، ضلعي لاڙڪاڻي مان هندن هڪ مسلمانياڻيءَ مائي کي اغوا ڪري، يا سندس راضپي سان شادي ڪيو هو. انهن واقعن کي تاريخ جي ورقن مان اوجهل ڪيو ويو آهي. 1927ع ۾ سڄي هندوستان ۾ ”لاڙڪاڻي – ڊي“ ملهايو ويندو هو.

انهيءَ پسمنظر ۾ اهو مفروضو غلط ثابت ٿئي ٿو ته سرشاهنواز ڀٽي هندن جي عتاب کان بچڻ لاءِ سمجهوتو ڪري سکربئراج جو نالو وائسراءِ جي نالي پٺيان لائڊ / لاڊ بئراج تجويز ڪيو. هيءَ ڳالهه سا برابر ٺيڪ آهي ته سکر بئراج ٺهرائڻ ۾ اڪيلي سر نه به، پر سرشاهنواز ڀٽي جو وڏو عمل دخل آهي. هن 9 جون 1923ع تي بامبي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سکر بئراج ٺهڻ جي حق ۾ تقرير ڪئي هئي، ان ۾ اهو ساڳيو ئي هڳاءُ آهي، جيڪو هن وقت ڪالاباغ ڊيم جي خدشن بابت عام سنڌيءَ جو آهي. هن سان گڏ ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سنڌ مان ديپچند اوجها، بي. جي. پهلاجاڻي، غلام حسين شيخ ۽ صوفي قلندربخش به ميمبر هئا ۽ انهن به چڱو پاڻ ملهائيو. 8 جون سرچمن لال اسيمبليءَ ۾ بئراج بابت ٺهراءُ پيش ڪيو هو، جنهن جي حق ۾ انهن سمورن ڳالهايو هو. سکر بئراج جي ٺهراءُ واري ليجسليٽو ڪائونسل جي ڪاروائي گل حيات ۾ محفوظ آهي ۽ فقط اتي موجود آهي، جيڪا ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائي سگهجي ٿي.

سرشاهنواز ڀٽو سنڌ جي تاريخ جو ”آدرش“ نه، پر هڪ ڪردار آهي، جنهن جو چوٿون نسل سياست ۽ اقتدار ۾ اچي رهيو آهي. هن جي سياست جو بنياد ۽ اصول، انگريز – دوستيءَ تي ٻڌل هئو. هن سنڌ محمدن ايسوسئيشن، امن سڀا، سنڌ اتحاد پارٽي ۽ سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ واري تحريڪ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، ان تي هڪ کان وڌيڪ ڪتاب لکي سگهجن ٿا. سندس سياسي زندگيءَ ۾ عجيب قسم جا لاها چاڙها آئيا. هن ئي سڀ کان اڳ ۾ ”سنڌ پيپلز پارٽي“ ٺاهي ۽ سندس پٽ ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي پارٽيءَ جي اهو ئي نالو رکيو. هن جي صدارت وارن ڏهاڙن ۾ سنڌ محمدن ايسوسئيشن مسلمانن جي ترجماني ڪئي ته انگريزن سان وفاداري به ڏيکاري. سندس ڪوششن سان ۽ انگريزن جي چوڻ تي هن جي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ ”خلافت تحريڪ“ جي مخالف ۾ ”امن سڀائون“ قائم ٿيون. 1937ع ۾ جيڪي نئين صوبي جي حيثيت ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون، ان ۾ سنڌ اتحاد پارٽي جي ٻنهي بانين، ٻنهي سر يعني سرشاهنواز ڀٽي ۽ سرحاجي عبدالله هارون هارايو هو. سرشاهنواز ڀٽي کي مذهب جي آڙ ۾ ۽ حاجي عبدالله هارون کي ذات پرستيءَ جي ڏڍ تي هاريو ويو. اشتهار ڇپرايا ويا ته سرشاهنواز ڀٽي جو مخالف شيخ عبدالمجيد سنڌي کٽيندو ته ”هزارين هندو مسلمان ٿيندا“. ڪراچي ۾ اشتهارن ۾ لکرايو ويو هو ته ”بلوچن جي غيرت جي تقاضا آهي ته بلوچ کين ووٽ ڏيڻ ۽ نه ڪي حاجي عبدالله هارون کي“.

پاڪستاني سياست جي حوالي سان سرشاهنواز ڀٽي ۽ سندس پٽ ذوالفقار علي ڀٽي تي کوڙ سارا الزام لڳا. سرشاهنواز ڀٽي تي اهو الزام لڳايو ويو ته هو جڏهن جهونا ڳڙهه اسٽيٽ جو ديوان هئو ته انڊيا کي اسٽيٽ تي قبضي ڪرڻ جي هشي به ڏنائين ۽ مدد به ڪيائين. جڏهن ته انهيءَ جي برعڪس تاريخ جا ورق اها به شاهدي ڏين ٿا ته جڏهن هن کي پڪ ٿي وئي ته انڊيا جهونا ڳڙهه تي قبضو ڪندي ته هن اتان ڳچ خزانو پاڪستان حڪومت حوالي ڪيو هئو. سندس پٽ ذوالفقار علي ڀٽي تي وري اهو الزام هنيو ويو ته هن اوڀر پاڪستان کي ٽوڙائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. هن حوالي سان تاريخ وري اها شاهدي ڏئي ٿي ته ان کان گهڻو وقت اڳ اولهه پاڪستان ۾ هڪ مخصوص گروهه اوڀر پاڪستان مان جند ڇڏائڻ جو فيصلو ڪري ورتو هئو. شيخ مجيب الرحمان جن ڇهن نڪتن تي گهڻو زور ڏنو ۽ ان جي بنياد تي ملڪ ٽٽو، ان بابت هاڻي اها ڳالهه پڌري ٿي چڪي آهي ته انهن جو ماسٽرمائينڊ ۽ ليکڪ الطاف گوهر هيو. اهڙيءَ ريت بنگلاديش جو جهنڊو به ڪراچيءَ ۾ تيار ٿيو پر ان ڪهاڻي جي شروعات اسائنمينٽ کان ٿي ۽ پڄاڻي انڊپيڊنس سان ٿي.

This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.  

 

Good Wishes