Menu
Подробнее на сайте: https://newsmoment.ruhttps://branchnews.ruhttps://newsrecent.ruhttps://calmnews.ru
https://newsnight.ruhttps://newsaim.ru https://targetnews.ruhttps://bordernews.ru https://news720.ruhttps://exactnews.ru https://newsinit.ruhttps://newsquick.ruhttps://newsabc.ruGo to top of pagehttps://sidenews.ru https://rawnews.ru

پنجين سنڌ پراونشل ڪانفرنس ڪراچي

تاريخ 30 مارچ 1928ع

پهرين ڏينهن جي ڪاروائي اٽڪل هڪ بجي مهل شروع ٿي،

پهريائين آنربل مسٽر هرچندراءِ مرحبا ڪاميٽيءَ جي چيئرمين پنهنجي آجيان جي ايڊريس پڙهي.

آنربل مسٽر هرچندراءِ جي ايڊريس پڙهڻ کان پوءِ چيئرمين صاحب. مسٽر غلام علي چاگا! کي پريزيڊنٽ جي مانرريءَ لاءِ رٿ پيش ڪرڻ جي آگيان ڏني، مسٽر غلام علي چاگا! رٿ پيش ڪئي ته مسٽر مرليڌر جيرامداس پريزيڊنٽ چونڊيو وڃي، جنهن کي راءِ بهادر مسٽر هيرانند ڪيمسنٽ ٽيڪو ڏنو ۽ مسٽر ويرومل بيگراج، مسٽر لالچند نولراءِ، مسٽر لوڪامل چيلارام پٺ ڀرائي ڪئي.

 

ٺهراءُ چوٿون

ڊاڪٽر چوئٿرام... گهڻي ڳالهائڻ ڪري نري پئجي ويئي اٿم گهگي نري سان هندي ڳالهائي ڪين سگهندس، قابل لائق صاحبن مون کان اڳي تقريرون ڪيون آهن، ڪائونسلن ۾ اسان جا چار پنج ميمبر آهن، ڀارا ڀتا خرچي ويندا آهن، ڊبل فرسٽ ڪلاس ملندو اٿن، اتي پنج ڏهه رپيا روز ملندو اٿن، گهڻا ڏاڍي محنت ڪن، مهينو ٻه اڳي سوال ڏياري موڪلين، هن ڀيري مسٽر ڀرڳڙي 338 سوال موڪليا، 20 سوال موڪلين، پندرنهن ڏينهن اڳي پوءِ به جواب ملين ته پڇا پئي ڪجي يا پڇا ڪا نه ٿي آهي، سوال عام مد نظر لاءِ نه آهي، هن سوال جي پڇا ڪرڻ ۾ تڪليف گهڻي ٿيندي۽ فائدو ٿورو، ڪيترن جو جواب ملي، هائو نه، مطلب ته گونگن ٻورن سان ٿا ڳالهين، رٿن تي اچو ته سرڪاري ميمبرن جي صف ٺهي وڃي، سرڪار جا ٺاهيل ميمبر پيا گورن ڏي نهارين، بروڪرسي جي ڪرپا سان ڪرسي ملي اٿن، آنربل ميان پير بخش رسائي بابت چوي ته سنڌ ۾ رسائي اصل ڪانهي، ديوان ٽيڪچند سوال ته اصل پڇي ڪو نه، هن کي سوال ئي ياد ڪو نه پوي، مسٽر ڀرڳڙي چيو ته سنڌ جي اخبارن جا ترجما بمبئي سرڪار جي ڌيان تي اچن ٿا ته ديوان ٽيڪچند چوي ته نه، اچو هاڻي شاهي ڪائونسل ۾، مسٽر سرمارٿ آندي ته نشو بند ڪجي، سرڪار جي پاران ميمبر چيو ته اسان ڀنگرين جي ڀنگ ٿو ڦري وڃين يا هن غمگين دنيا کي وڌيڪ غمگين ٿو ڪرين، مطلب ته ساڳيو حال، ڄهرائن جي به اهڙيا حالت، هنن کي چمڙي ڪچي آهي ٿڌي هوا جي ڪري ۽ اسان جو گرمي ڪري رنگ پڪو ٿي ويو آهي.

مسٽر لارينس گهڻي خيال کانپوءِ آنرري مئجسٽريٽن جي پلٽڻ ٺاهي آهي، چٿر گڏهه هندواسي ۾ پڙهيو هوندو، گهمندي ڪنهن شهر ۾ وياسين، هڪ آنرري مئجسٽريٽ سان ملاقات ڪئي سين، چيائينم ته هڪ مائٽ چيم ته توهان کي ڪجهه ملندو به آهي؟ چيومانس سير نه ڏيڍو. لاڙڪاڻه ۾ زوري هائوس ٽيڪس ٿي پوي، مسٽر بولس جي بهادري۽ لياقت پيني بمبئي تاءُ بکي، زميندارن چيوسين ته ڪرسي جو آزار آهي، ڊپٽي گورو کي وياسين ڏسڻ، ٻه ڀائر وياسين هن وٽ، وڏي کي ڪرسي جو پروانو ڪو نه هو، هيڏي ڍل ڀريندو هو ته به هن کي ڪرسي ڪانه ڏنائين، اها آهي لياقت. هيڏانهن سوراج جي گهر، هيڏانهن سنڌ ۾ ههڙي هلت، عملدارن جي دلين تي سخت ڪٽر ويٺل آهي، و اسان کي ڪا به اختياري ڪا نه ڏيندا. چون ٿا ته لڙائي هن واسطي آهي ته ماڻهن کي سندن مڙني موجب حڪومت ڏجي پوءِ ڇو ٿا هندستان سان ڍلائي ڪن، لڙائي ۾ اسين مدد ڏينداسين، اسان جون دليون ٺريل هجن ته لڪها لشڪر تيار ٿي سگهن، اسان کي انجام ڪن ته اسان کي سوراج ملندو ته آءُ پهريون پهريون ئي لشڪر ۾ داخل ٿيندس. سي آءِ ڊي کي کپي ته اهو پيغام سرڪار جي ڌيان تي آڻين. هندستان جو سلطنت سان ڏيڍ سو ورهين کان ناتو آهي، هنن کان مدد نه وٺن پر جپلن کان! اها ڳالهه بروڪريسي لاءِ شرم جي آهي.

مسٽر عبدالرحمان... ڳالهائڻو باقي ڇا آهي، مسٽر چاگا! به سچ کولي پڌرا ڪيا دليلن سا، رعيت جي به خيرخواهي ڪئي اٿس ۽ سرڪار جي به. سوال هيءُ آهي ته اسان کي خوراج ڇو ملي ، ان لاءِ توهان کي سبب مليا آهن، اسان جا دليل ورهين کان ساڳيا آهن، سچ يا عمر ساڳيو رهندو، ديوي دمينتي چيو ته زالن کي مردن اٻلاچي چئي اٻلا ڪري ڇڏيو آهي، تيئن سرڪار به اسان کي هيڻو هيڻو چئي هيڻو ڪرڻ گهريو پر اسين هيڻا آهيون ئي ڪين. خيال ڪريو ته ماڻهن ۽ حاڪمن جي وچ ۾ خيالات ٿيئي ڪين، جڏهن بادشاهه رعيت جا عرض روبرو ٻڌندو هو، اسان جي حاڪمن ۾ گهڻيون خوبيون هيون، پهرين ڪهڙي بهاني آيا تن جو هاڻي ذڪر ڪو نه ڪرڻو آهي، پوءِ نيٺ جڏهن يورپ جي ٻين قومن سندن سئو ٽن پڇين تڏهن چيائون ته ويا آهيون هند واسين کي سڌارڻ، ولايت ۾ انگريز ڪهڙا نه آزاد خيال آهن، هتي منجهن ڪيتري نه ڦير آهي، هتي وڃ ڪنهن يورپي آفيسر کي ڏسڻ ته پهريائين ته پٽيوالي جو هٿ ڪوسو ڪر پوءِ صاحب پاڻ اسان جهڙن ولايت مان آيلن کي پاڻ وڌيڪ ترسائين، ولايت ۾ وزير اعظم کي ڪارڊ موڪل ته هڪدم گهرائيندو جي ڪنهن سبب ڪري نه گڏجي سگهندو ته هو افسوس ظاهر ڪندو ۽ لکندو ته ڪنهن ضروري ڪم ڪري توهان کي ڏسي نٿو سگهان، ولايت ۾ هڪ هندستاني پارليمينٽ ويو گهمڻ، اتي هڪ يورپي ملاتي نڪ مٿي ڪري چيو ته تون انهي ملڪ جو ماڻهو آهين، جنهن کيپنهنجي حڪومت ڪانهي، مان توسان ڪين ڳالهائيندس. Sense of self respect (آپ مان) اسان ۾ پيدا ٿيو آهن اهو نابود ٿي ڪين سگهندو، ٻانڀڻ سمجهندا آهي ته مسلمان گهٽ آهن، پر انگريز اسان کان اڳي گهڻو گهٽ ها، مسٽر ڀرڳڙي توهان کي ڪالهه کولي ٻڌايو، مان کان پڇو زميندارن جا حال هلڪي ۾ هلڪي زميندار کي عريضون ٿيون ڏيڻون پون حاڪمن کي، ڪائونسلن ۾ ڪير ٿو ٻڌي. واپاري اڳي ڪانفرنس ۾ شريڪ ڪين ٿيندا هوا، اڄ شڪارپوري ڀائر ڪيئن نه شريڪ ٿيا آهن، تعليم کي وڌايو. مهاراڻي وڪٽوريا صاحبه ايشور کي سا کي سمجهي اشتهار ڪڍيو ته هند واسين کي انگريزن جهڙو سمجهيو هند جي حاڪمن به اهو بحال ڪيو. ان تي عمل ڪيو اٿن؟ ان نظر سان هندواسين کي ڏسن ٿا؟ 20 ورهين کان هندستان ۾ اهو ايڪٽ پاس ٿيو، جنهن مان ثابت ٿيو ته رنگ روپ جو ڀيد آهي، اهو هو هٿيارن جو ايڪٽ، ادنيٰ يورپي جو هند واسين کان گهٽ آهي، اهو جرمن جنهن بابت انگلينڊ جون اخبارون الاجي ڇا جو ڇا پيون لکن، تنهن کي به هندستان ۾ هٿيار کڻڻ جي اختياري هئي ۽ راجڀڳت هند واسي کي گهر بچائڻ جي لاءِ هٿيار کڻڻ جي موڪل نه آهي. اڄ انهي ڪري اسان جي هي دردشا ٿي آهي. اڄ به فرانس جي رڻ ۾ شير بلوچ سو ربيرسکه آهن جن کي سڌ ڪانهي ته جنگ جي ميدان مان پٺي ڪيئن ڏجي. 24 مئي جي جمع جي ڏينهن افسوس جو 1904ع ۾ انهي سڳوري ڏينهن اهو قاعدو پاس ٿيو ته هندستان جي ماڻهن کي وڏيون نوڪريون نه ڏجن. افسوس! جي اسان جي سرڪار ساري دنيا ۾ زور وٺي ته هندواسين ۾ اعتقاد رکي هندواسين کي سوراج ڏئي راضي ڪري سندن دليون پاڻ ڏي ڇڪي وٺي ته هندواسي سلطنت جي لاءِ سر صدقي ڪرڻ لاءِ هر دم تيار رهندا. اسانکي اڄ سوراج ملي ته پنجن ڏهن ورهين جي اندر جرمن ڇا پر ساري دنيا هندواسين سان ڪين پڄي سگهي.

ڪرٽس جي تجويز ----- ٺهراءُ پنجون

هن ڪانفرنس جي هيءَ راءِ آهي ته جيڪا رٿ سڌارن جي مسٽر ڪرٽس جي نالي سڏجي ٿي اها هندستان جي ماڃي ڪندي ۽ اها به مثل پوٿي جي آهي ۽ تنهن ڪري هن ڪانفرنس بلڪل سخت اعتراض ٿي وٺي ته اها رٿ سنڌ سان اصل نه لڳائي وڃي.

مسٽر ڄيٺمل پرسرام.. مون کي هي ٺهراءُ مليو آهي اهو ٺهراءُ بلڪل ننڍرو آهي، هندواسين جي دلين ۾ ڪهڙا جذبا ۽ خيال آهن سي اسان ٻڌا، هوم رولر جوان ڇتا ڪين ٿيا آهن، پر بزرگ ۽ وڏا به ڇتا ٿيا آهن، مسٽر ڪرٽس جي رٿ ڪهڙي آهي، مسٽر ڪرٽس جو نالو توهان ٻڌو هوندو، هن جي ٽنگ هندستان جي نصيب ۾ اچي اري آهي، هنجو مطلب آهي ته ڪالو نيز اها گهر ڪئي آهي ته حڪومت کين ضابطو ملي يعني هندستان هيئرن پنجن ئي پئنچن جي هٿ هيٺ رهي، پرسڻگون لڳي ويئون ۽ اتفاق سان پنو پڌرو ٿي پيو، ٻارهن مهينا هن حضرت ڪرٽس جو نالو ڪو نه ٻڌوسين، اسان ڀانيو ته ڇٽاسين پر هن مان ڇٽڻ ڪونهي، اهڙو ڀڀڪرو ڏئي نڪتو ۽ مانٽيگو جي اچڻ وقت ڇايا وجهي ڪن بنگالين کي برغلائي باز آندائين، خيال دل ۾ نه ڪريو ته هڪدم اسان کي بيوروڪريسي سوراج ڏيندي؟ ڪرٽس وائسراءِ ۽ وڏي عملدارن جي رنٻ رنٻ کي سهي ڪري رهيو آهي، سو اهي ۽ اهڙا ٻيا هن سان شامل آهن، گڏيل علائقن ۾ ليفٽنٽ گورنر ۽ پوليس عملدارن هن سان شامل هئا. 20 آگسٽ تي هي ڦيرو ڦريو، هو چوي ٿو ته هندستان کي سوراج ضرور ڏيڻو آهي ۽ چوي ٿو ته اسان کي بادشاهه سلامت جي چوڻ موجب سوراج ڏبو، پوءِ تڏهن اسين وٺڻ لاءِ تيار نه آهيون ڇا؟ چوي ٿو ته توهين لائق نه آهيو، توهان کي ڌيمي ڌيمي سوراج ڏبو، ڏسون ته تجويز جو بنياد ڪهڙي ڳالهه تي ٻڌل آهي. بنياد جون ٻه چار سٽون توهان کي پڙهي ٿو ٻڌايان. چوي ٿو ته جيڪو ٿورو سوراج جو ذرو ڏينداسين انهي جون واڳون هندواسين جي هٿ ۾ نه رهنديون، پر انگريزن جي پارليمينٽ جي ماڻهن کي جيڪي وڻندو سو توهان کي ڏيندا، جي متو پورو آهي ته نتيجا به پورا هوندا. اهو متو بادشاهه سلامت کي نه ٿو وڻي، طرفين جي ڪائونسل ٺهراءُ ڪيو آهي ته سڀني ملڪن ۾ سندن مرضي موجب حڪومت ڏجي، اتي جرمن جي بئنڪن جو سوال اٿيو. جرمن بئنڪن ۾ جابلو جهنگلي ماڻهو آهن، اهي بئنڪون انگريزن کي مليون آهن، انگريزن چيو آهي ته بئنڪن جي ماڻهن کان پڇجي ۽ انهن جي مرضي موجب کين حڪومت ڏجي ڇو هو چون ٿا ته اهي ماڻهو جرمن جي فائدي ۾ اصل نه آهن، جهنگلي قومن کي پنهنجي حڪومت سندن مرضي موجب ڏني ويندي ته پوءِ افسوس آهي مسٽر ڪرٽس لاءِ جو هو هندواسين کي جهنگلي ماڻهون جهڙو به نه سمجهي! پارليمينٽ جا ميمبر هندستان جي حالت کان اڻ واقف آهن، هندستان جي سوال مهل 10-15 ميمبر مس حاضر هجن، ان ڪري پاڻ چئبو ته انگريزن کي هندستان جي اصل خبر ڪانهي، اهڙن جي هٿ ۾ هندستان جي حڪومت جو فيصلو ڇڏڻ واجب ڪين آهي، هينئر هندستان ۾ ٽن قسمن جي حڪومت آهي، هڪ سملي جي جبل تي رهي ٿي، پر انهيءَ حڪومت کان پوءِ پرڳڻن جي حڪومت آهي، جهڙوڪ بمبئي سرڪار جنهن جو مکيه اسٿان آهي مها ڀليشور. ٽين حڪومت آهي ميونسپالٽي يعني خود مڪاني حڪومت. هندستاني اڃ ڇا گهري رهيا آهن، اسين ائين ڪو نه ٿا چئون ته گورا هڪدم ٽڪٽ وٺي لنڊن م وڃن، پر اسين چئون ٿا ته نوڪر شاهي حڪومت مان اسين ناراض آهيون، اها اسان کي ڪا نه گهرجي. مسٽر ڪرٽس چوي ٿو ته شاهي سرڪار جي حڪومت کي هٿ به نه لايو، يعني هندسرڪار ۾ تبديل اصل ڪا نه ٿي سگهندي ان ۾ هٿ نه لائبو، پر هند سرڪار بابت ميسوپوٽيميا ڪميشن جو چوڻ اهي ته لائق ڪين آهي. بغداد جي لڙائي ۾ انگريزن پهريائين مارايو. خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو هنن پوءِ وري موٽي کٽيو، پر سولين (فرشتن) جي حڪومت جي مارائڻ ڪري انگلنڊ جي شاهي سرڪار کي تعجب لڳو سو ڪميشن مقرر ڪئي جن چيو ته اهو حڪومت جو سرشتو جهونو آهي، انهي ۾ ڦيرگهير ٿيڻ گهرجي، مسٽرڪرٽس جو ٻيو چوڻ آهي ته هند سرڪار ۾ توهان جو واسطو به ڪو نه رهندو، اسين چئون ٿا ته پريس ائڪٽ تلوار، هند جي بچاءُ جو ائڪٽ، انڪم ٽيڪس جو ائڪٽ سڀ هند سرڪار پاس ڪيا آهن، پوءِ تڏهن اسان کي ڪهڙو سؤراج ملندو، مسٽر ڪرٽس چوي ٿو ته هند سرڪار کي ڇڏي ڏيو، باقي پرڳڻن جي سرڪار کي وٺو، مسٽر ڪرٽس کي هڪ شاباس هجي جو چوي ٿو ته ليجسليٽو ڪائونسل جو نمونو بيوقوفي جو آهي، انهن ۾ سرڪاري ميمبر چوندو آهي ته هي ٺهراءُ پاس ٿئي يا ناپاس ٿئي، جنهن ڪري سرڪاري ڪامورن کي پتلن وانگر ڪنڌ ڌوڻڻو آهي، ڀل اتي ميمبر چونڊيل وڃن تڏهن ڪئن ٿو چوي ته اسان کي ان سرڪار جي فيصلي تي راضي رهڻ گهرجي، ڪاروباري ڪائونسل جا ميمبر هو اصل نه ٿين، پرڳڻي سرڪارين تي هاڻي اچون، بمبئي سرڪار ۾ پڻ هندستانين جو واسطو هئڻ نه گهرجي، شاهي ڪائونسل وانگر ايگزيڪيوٽو ڪائونسل م هندواسين کي پير پائڻ نه گهرجي. چوي ٿو ته بمبئي جي پريزيڊنٽي کي جدا ڀاڱن م ورهايو. مثلاً سنڌ جي پرڳڻي کي سوراج ڏيئي ڇڏيو. بمبئي کي هٿ نه لايو، هندستان کي هٿ نه لايو، هر هڪ ڀاڱي کي جدا جدا سوراج ڏيئي ڇڏيو، چوي ٿو ته ڪمشنر کي گورنر بنايو، بمبئي سرڪار وانگي سنڌ جي ڪمشنر کي شاهي وزارت ڏيو، اڳي هو بنا وزارت بادشاهه هو، هاڻي هو وزيرن سان بادشاهه ٿيندو، روينيو، جنگي، عدالتي، ڀنگ چرش، تعليم وغيره جا جدا جدا وغيره ڏيوس، بمبئي جي ڪائونسل ۾ به چار پنج وزير آهن، مسٽر ڪرٽس اسان کي اهي سڀ اختياريون ڏئي ته اسين ڏاڍا خوش ٿيون، پر هو ڪو نه ٿو چوي ته سنڌ جي ماڻهن کي وزير ڪجي، چوي ٿو ته سوراج جا اسين لائق نه آهيون، تعليم جي کاتي مان يونيورسٽي ۽ ڪاليجون ۽ هاءِ اسڪول سنڌين کي هلائڻ ڪين ايندا، وزير کي الف جي ۽ ٻي جي ڏيوس، ڏيڍ سو ورهين ۾ انگريزن ڪهڙي ترقي ڪئي، سندس منهن ڦڪو به نٿو لڳي، چوي ته هندستانين کي ميونسپل حڪومت سموري ڏيو، ڪسيون صفا ڪرائڻ جون اختياريون هند واسين کي ڏيو، ان لاءِ اسان کي سوراج ڏيو، ڪسين جو وزير! حيرت جي ڳالهه آهي، اسان جي ڳوٺ ۾ شمعدانن کي اڳريون ٿڳريون لڳل هيون، اها آهي سندن ڪاميٽي جي لائقي، هڪ وزيري ڪين جي، ٻي روشنائي جي، ٽين لوڪل بورڊن جي رستن جي، چوٿين الف بي انهن مان هو وزيراعظم بنائيندو. اسين حيدرآبادي پهنجي سڳوري ميمبر کي وزير ڪري موڪلينداسين، خدا ڪري ميان پير بخش وزير اعظم ٿئي، ست سال وات مان هڪ لفظ به ڪو نه ڪڍڻو پوندو. 1932ع ۾ بيو سوراج ڏبو، پوءِ هڪ ڪميشن مقرر ٿيندي، آلو نور جئن اڳين ڪميشن وانگر مقرر ٿيندي، پوءِ هاءِ اسڪولن جي تعليم توهان کي ملندي، ستن سالن کانپوءِ توهان کي ڀنگ چرش جو وزير ملندو، وري ٻين ستن سالن کان پوءِ اهڙي طرح ستن ستن سالن کانپوءِ وينداسين، توهان کي وڌيڪ اختياريون ڏيندا، مسٽر داس چيس ته ندوري C.I.D جنهن اسان جي رڳن کي به ساري ڇڏيو آهي ۽ پوليس جي اختاري ڏيو انهيءُ تي مسٽر ڪرٽس جي ننڊ ڦٽي آهي، خبر نه آهي ته ڪڏهن اسان کي سوراج ملندو، چوي ته شاهي خزاني مان ڪجهه پئسا توهان کي ملندا پر نه وڌيڪ پڇوس ته اسان جي سنڌ ڇو اچي ياد پئي آهي. اسان جي بدقسمتي آهي، اُٿو سنڌ کي سجاڳ ڪريو، نه ته ڪمشنري سوراج سديو توهان تي قائم رهندو.

مسٽر لولا... هي رٿ اها آهي، جنهن تي اسان جو هميشه جو مدار آهي، هندواسين جي سرتئي وڏو بوجو آهي ته اسين ڪئن ٿا پاڻ ملهايون، اهڙي وقت اسين ڇا ٿا ڪريون تنهن بابت اسان جي آزمائش ٿيڻي آهي، بادشاهه سلامت جو به چوڻ آهي ته هندستان کي سوراج ڏيو، اسين ڇا ٿا گهرون، تنهن کان بروڪريسي کي چڱي طرح واقف ٿين گهرجي، اسان کي جوابدار حڪومت کان گهٽ اصل نه گهرجي. سوال آهي ته اها حڪومت ڪنهن سان جوابدار ٿيندي، ڪاروبار حڪومت ليجسليٽو حڪومت جي جوابدار ٿيندي، تڏهن چئبو ته اسان کي جوابدار حڪومت آهي، ان ۾ اسان جا چونڊيل ميمبر ٿيڻ گهرجن. ڪرٽس رٿ ۾ اسان کي ڪجهه به ڪين ٿو ملي.

مسٽر نهالچند.. ڪرٽس رٿ جون خاميون مسٽر ڄيٺمل ظاهر ڪيون آهن، ارڪان آهن ته اسان جي سرڪار اها رٿ سنڌ جي نسبت قبول ڪري ٿي، ارڪان هي آهن ته وائسرائي ۽ گورنر ۽ ليفٽننٽ گورنر سان گڏ مسٽر ڪرٽس کي به نينڊ ٿي، ٻيو ڪو به غير عملدار ڪو نه ويو هو، مسٽر چنتامني ان بابت سوال پڇيو ته هو اتي ڪيئن آيو، ئ هن گورنرن کي گهڻي وقت کان صلاح پئي ڏني آهي، وائسرائي جي ڪائونسل ۾ به جيڪي تقريرون ٿيون آهن، انهن مان به ڪرٽس جي رٿ جي بانس پئي اچي، هاڻي اسان تي فرض آهي ته ماڻهن کي خبردار ڪريون ته ان رٿ ۾ ڇا آهي ۽ ڪو به ديسي ماڻهو ان رٿ ۾ شامل نه ٿئي ۽ ڪو به درجو نه وٺي

ٺهراءُ ڇهون : سنڌ ۾ هائوس ٽيڪس

هي ڪانفرنس نهايت زور سان عملدارن جي انهيءَ نموني کي نندي ٿي، جو هنن ڪيترين نامينيٽيڊ (مقرر ڪيل) ميونسپالٽي ۾ زوري ۽ عام خلقت جي نهايت رنجيدگي ۽ ناراضپي هوندي به هائوس ٽيڪس مڙهي آهي ۽ حضور جن جنهن نموني ۾ لاڙڪاڻي، روهڙي ۽ مانهند جي ميونسپالٽين ۾ هائوس ٽيڪس وڌو ويو آهي تنهن تي هن ڪانفرنس جي سخت اعتراض آهي، هي ڪانفرنس هند سرڪار کي هي ڳالهه ذهن نشين ٿي ڪرائي ته اهڙي زبردستي جي هلت ڪري عام ماڻهن جو اعتقاد انگريزن جي آزاد کي پسند خيالي ۾ گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي.

مسٽر ڀوڄسنگه ........ ڪراچي ۾ جيڪي صاحب رهو ٿا ۽ جن کي ڪليڪٽر جي هتي جي ايتري خبر ڪانهي، تن کي خبر ڪانهي ته ڪيئن سنڌ جي ڪيترن ننڍن شهرن ۾ هائوس ٽيڪس ڪامورن جي زبردستي ڪري پوي ٿي، لاڙڪاڻي ۾ ڪمشنر ڪليڪٽر کي حڪم ڏنو آهي ته جي ميمبر قبول نه ڪن ته زوري انهن کي هائوس ٽيڪس قبول ڪرائجي سا ڳالهه ثابت ٿي ڪري ته مڪاني حڪومت نه ٿي، لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر اخبار ۾ لکيو ته هائوس ٽيڪس پوڻ گهرجي، تنهن تي سڀ ماڻهو پئنچاتون ڪري وٽس ويا جنهن ڪري هن ڪمشنر صاحب کي لکيو ته هتي هائوس ٽيڪس نه پوي. پر مٿان حڪم آيس ته ضرور پوي، پراڻن شهرن ۾ مسواڙ ڪانهي، ملڪيت جو اگهه وڏو آهي، مسوار آنو سو تي ڪو نه ٿي ملي، اتي ملڪيت جي قيمت تي هائوس ٽيڪس وڃن ٿا، يعني ڪه گروي جو وياج ڏيڻو آهي، ميونسپالٽي جي ميٽنگ ۾ عيوضي ڪليڪٽر وٽ ويا، شهر جي ميمبرن استعيفا ڏني، هنن ٻيا ميمبر مقرر ڪري هائوس ٽيڪس جي رٿ بحال ڪئي، اهڙي حالت روهڙي ۾ ٿي، اهڙي حالت مانجهند ۾ ٿي، لاڙڪاڻه ۽ روهڙي کي چونڊيل ميونسپالٽيون جلد ملڻيون هيون، ماڻهن ڪمشنر صاحب کي چيو ته چونڊيل ميمبر اچن پوءِ هائوس ٽيڪس جو سوال اچي پين، اها ڳالهه نه قبول ٿي، هاڻي وري انهن تي سرڪاري ڪامورا چيف آفيسر مقرر ڪيا، وڃن سکر جي درٻار ۾ ڪمشنر صاحب چيو ته سنڌ ۾ ڪي حرڪتي ماڻهو آهن، جي ماڻهن کي پيا گمراهه ڪن ته هائوس ٽيڪس پوڻ نه گهرجي، پر اها ڪمشنر صاحب جي HOBBY ٿي رهي آهي، سرڪار کي ميونسپالٽين کي خاص گرانٽون ڏيڻيون آهن، سرڪار ڪسين ۽ نلن لاءِ هميشه پئسا ڏيندي آهي، پوءِ به زبردستي ڪري ماڻهن تي سندن مرضيءَ جي خلاف هائوس ٽيڪس وجهڻ نه کپن، ان بابت بمبئي ۽ هند سرڪار کي استدعا ڪرڻ گهرجي.

مسٽر لعل چند نولرائي....... هن رٿ تي منهنجي مرضيءَ نه هئي ته مان ڪجهه چوان، ڇو جو مان ان دردناڪ ملڪ مان آيو آهيان، پر صاحبن جو مطلب هو ته مون کي ذاتي خبر آهي، تنهن ڪري مان توهان کي سچي حقيقت مان واقف ڪريان، هي سوال هائوس ٽيڪس جو نه آهي، پر سوراج سان تعلق رکندڙ آهي، مڪاني حڪومت جي مول متي خيال ويٺو ته ميونسپالٽين کي وڌيڪ چونڊيل ميمبر ملندا، تنهن ڪري هنن کي پنهنجو پريزيڊنٽ چونڊڻ جو حق ملندو، تنهن ڪري چڱو ٿئي جي سرڪاري ڪامورو چيف آفيسر ميونسپالٽي ۾ رکجي، اها رٿ سندس من ۾ ئي رهي، پر طاهري سبب اهو ئي ڏيڻ ۾ آيو ته شهر ۾ سڌارا ڪبا، انهي لاءِ هائوس ٽيڪس وڃجي، چيف آفيسر جو 150- 200 اسسٽنٽ جو، 70- 100 پگهار باقي ڇا رهندو، هائوس ٽيڪس مان ٽي هزار اپت ٿيندي روهڙيءَ مان.

مسٽر سنتداس.... ننڍري هوندي ڪن تي پرلاءُ ٻڌو هوم ته ”هائوس ٽيڪس“ پوندي، پڇيم ته اها هائوس ٽيڪس ڇا آهي، چيائون ته جن گهرن ۾ رهو ٿا تن تي محصول ڀري ڏيڻا پوندا، هائوس ٽيڪس جي متا اصل خراب ڪين آهن، مون کي پاڻ انهن مان ڪي پسند آهن، پر خود مڪاني حڪومت جي متي موجب ماڻهن جي مرضي موجب ٽيڪس ٻڌڻ گهرجي، منهنجو اعتراض آهي ته ٽيڪس تي پر جنهن نموني تي اها ٻڌڻ ۾ ٿي اچي، تڏهن چئبو ته عملداري حڪومت آهي، نه خود حڪومت، مانجهند ۾ ڏاڍو ظلم آهي، پراڻيون ڀونگيون آهن، پهرين هائوس ٽيڪس بحال ڪا نه ڪيائون وري ٿوري مهل کان پوءِ اها رٿ اتي جو اتي آئي، جن وري هائوس ٽيڪس جي رٿ ۾ ووٽ ڏنو، تن کي زمينون امداد ٿيون آهن، ان بابت سول ڪورٽ ۾ دعويٰ هلي.

مسٽر عبدالرحمان ...... منهنجي همدردي لارڪاڻه سان آهي، مان پهريائين لاڙڪاڻه ۾ ويٺل هوس، ڳالهه اصول جي آهي، ٽيڪس ڪهڙي متي تي پوي، جنهن شهر جي فائدي لاءِ ٽيڪس وجهجي ان لاءِ ماڻهن کان پڇي ڍل وجهجي، مسٽر ڀرڳڙي رٿ پيش ڪئي ته سيس ٽيڪس اسان جي فائدي ۽ تعليم لاءِ ڍل وجهو، پر سرڪار چيو ته اسين زوري ڍل نه وجهنداسين، جڏهن پاڻهي پيا سر ڏين ته نٿا وٺن پر جڌهن ماڻهو ناراض تڏهن هنن جي مرضي جي بر خلاف هائوس تيڪس وجهڻ ڪامورن جي شان جي خلاف آهي، آفيسرن جي مهربانين جي امتحان جو سرٽيفڪيٽ هن جلد پاس ڪيو، ٻيو مسلمان دوست جنهن ڪانفرنس وقت اسان جي ڏاڍي مدد ڪئي، سڌارو به ڪو نه ڪري سگهجي، پئسو به پيدا ڪو نه ٿئي، مسوار تي ميمبر آڻي انهن کان واقف ووٽ وٺي هائوس ٽيڪس وٺي ٽڪيس مڙهڻ مان ڇا فائدو، اسان جي هٿ ۾ علاج ڪو نهي، پر اخلاقي متو آهي، سرڪار جي ان ڪرڻي تي پنهنجو رايو ظاهر ڪرڻو آهي، لاڙڪاڻه جو ڏکه سنڌ جو ڏکه آهي.

ٺهراءُ ستون : ڪمين جي پارٽي جو شڪر ادائي

هي ڪانفرنس انگلينڊ ي ڪمين جي پارٽي جي نهايت شڪرگذار آهي، جو هنن ڀارت ڀومي کي هوم رول ملڻ ۾ تجدلي مدد ڪئي آهي ۽ پرن ڪيواٿن ته هو پارليمينٽ جي اندر خواهه ٻاهر مدد ڪندا.

 

ٽيون ڏينهن : 1 اپريل 1918ع

1 بجه مهل ڪاروائي شروع ٿي، پهرين ”ڀارت همارا ديس هي“ راڳ پوءِ ٻيو راڳ ڳايو.

ٺهراءُ اٺون : قومي تعليم

هي ڪانفرنس قومي تعليم تي واڌاري لاءِ برپا ڪيل سوسائٽي سان تهدل همدردي ظاهر ٿي ڪري ۽ جيڪي متا ۽ مرادون ان سوسائٽي جا آهن تن سان هي ڪانفرنس بلڪ يڪراي آهي، هي ڪانفرنس سنڌ جي سڀني ماڻهن ۽ مجمونن کي وينتي ٿي ڪري قومي تعليم جي واسطي وڏي دل سان هر طرح پيسي جي مدد ڏين ۽ قومي تعليم واسطي مقرر ڪيل هفتي جي محفائي ۾ هرئون توڙي ورئون دل و جان سان مدد ڏين.

مسٽر سنتداس منگهارام .... هي رٿ لنبيري آهي، تنهن ڪري انگريزيءَ ۾ نٿو پڙهان.

صاحبو. جيڪڏهن هن رٿ جي هڪ هڪ فقره جو بيان ڪريان ته ڪلاڪ به پورو ڪين پوندو، پهريون اصول آهي ڌرمي وديا يعني تعليم جنهن کان سواءِ انسان حيوان سمان آهي، جنهن ۾ ڌرم نه آهي، سو پسونءِ سمان آهي، نورالهي آتما کانسواءِ انسان حيوان آهي، ٻيو اصول آهي انسان. 1. آتما. 2. دل. 3. مغز. 4. جسم. آتما جو قوت آهي ڌرمي وديا، دل جو قوت آهي اخلاقي تعليم ۽ ديس ڀڳتي. دماغ جي تعليم ۾ به رولا پيا آهن، ڪن جو خيال آهي ته ڪتابي وديا پاڙهيو، ڀارت جي بکه هنرن ۽ واپار مان ئي لهندي، پهرين تجارتي هنري کيتي جي وديا قومي تعليم وارا ڏيندا، اسين ڪتابي وديا جي بر خلاف ڪو نه آهيون

اتم کيتي... ڏسو حال مئٽرڪيوليشن ڇوڪرو پڙهيو ته در در پني خط وٺي نوڪري ڪندو، پنڻ اختيار ڪرڻ کي اڃا سڱ ٿيندا آهن ڇا؟ اسان کي اهي جوان کپن جي ڪارخانا کولين، ملس کولين، نوڪرن جو مان به گروي آهي، ڪرٽس قبول ٿو ڪري ته خود گورن عملدارن کي به وويڪ انوسار ووٽ ڏيڻ جو اختيار ڪو نهي، ڪي چون ٿا ته اها تعليم ته چڱي پر ان ڪري اسان کي نوڪري ته ڪا نه ملندي، مان پڇان ٿو ته اسان کي سديو نوڪرئي رهڻو آهي؟ ڇو اسين حاڪم ڪين ٿينداسين ڇا؟ حاڪمي ملندي واپار ۽ کيتي مان بدني ورزش جو بلڪل ضرور آهي، قومي تعليم جي ترقي لاءِ سنڌ قومي ڪاليج برپا ڪيو ويو آهي، ڪاليج جي ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ سڀ ماستر ۽ وديا رٿي گڏجي هندو نموني ۾ فرش تي ويهي ايشور جي آر ڌنا ڪن ٿا. ڌرمي تعليم هر هفتي ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ ڏني وڃي ٿي، مهراج تلڪ، گانڌي، گورو نانڪ صاحب ۽ ٻين اهڙي ست پرشن جا جيون چرتر ٻڌائي هنن ۾ ديس ڀڳتي ۽ ديس قرب ڏنو وڃي ٿو. رسائين وديا.Chemistry پاڙهڻ ۾ اچي ٿي، قومي تعليم جي اها مراد ڪانهي ته اسين مولوي ۽ پنڊت پيدا ڪريون، مغرب جي وديا جي نموني تي وديا ڏني وڃي ٿي، تجارت جو پروفيسر به خاص وديا ڏئي ٿو، ضرور انهي ڪاليج کي اچي ڏسجو، ساري سنڌ لاءِ اهو ڪاليج آهي، گڏيل علائقن ۽ احمد آباد مان به شاگرد آيا آهن، ٻين هنڌان به درخواستون اچن ٿيون، انهن کي داخل ڪريون ٿا، پيسي جي مدد حيدرآباد چڱي ملي، مکي ڄيٺانند 5100، ڀرڳڙي 5000، ٻن هفتن ۾ پنجاهه هزار مليا، ڪراچيءَ پاڻ چڱو موکيو آهي، شڪارپور ۾ بيماري سبب ڪين مدد گهري سين، هاڻي هو وڏي دل سان مدد ڏيندا، خاص ڪانفرنس ۾ نئشنل ڪاليج جا شاگرد والنٽيئر ها، سيٺ نصروانجي جي ملس ۾ باه وقت شام 5 کان 12 بجي رات تائين ڪم پي ڪيائون، هن ڪانفرنس ۾ هو شيوا پيا ڪن، اهي شاگرد هتي موجود آهن، ساراهه ڪرڻ نٿو چاهيان، ديس ڀڳتي ۽ شيوا جا انگ منجهن پيا وجهون، ماتر ڀومي اسان جو اشت آهي، ڌرم آهي پهريون فرض، وديا آهي ٻيو فرض، اهي ٻئي فرض اسان ۾ هوندا ته ڇو ته اسان جو مان مٿي ٿيندو، پيسو ڏيو ادار چت ٿيو، مانجهند هڪ ڏينهن ۾ 400 رپيا ڏنا، قومي هفتي ۾ بندوبست تحسين جوڳو آگهي، حيدرآباد ۾ پليگه آهي هو هفتي ايندا، سڀني شهرن جا ماڻهو ان ۾ مدد ڏين، ان هفتي ۾ سڀ ڀائر ورت رکن، بلغفولي جي خرچ جي بچت اسان کي ڏين، موٽرن ۾ نه چڙهن، پيٽرول جي بچت اسان کي ڏين، حيدرآباد جا ٻالڪ اسان کي هفتي ۾ پنهنجي خرچي مان پيسا ڏين ٿا، توهين مدبر به اسان کي اميد ته وڏي دل سان ڏيندا.

مسٽر جمشيد مهتا....... جيڪي قومي تعليم بابت چوڻو هو سو مسٽر سنتداس چيو آهي هاڻوڪي تعليم ڪري ماڻهو من جو غلام ۽ سرڪار جو غلام ٿو ٿئي، قومي تعليم جو مکيه متو آهي ته ديس شيوا، ماءُ پيءُ جي شيوا، ڪٽنب جي شيوا سيکارجي، قومي تعليم ڪري غلام گيري مان ڇٽجي ٿو، ماڻهو هاڻوڪي تعليم ڪري آفيسر ڏسي غلام ٿي پنهنجا سڇا خيال ظاهر نه ٿا ڪن، هنن جي راءِ سان ها ۾ ها ملائن ٿا، قومي ڪاليج جا شاگرد ديس شيوا سکن ٿا، هوم رول جو پهريون ڏاڪو ديس شيوا آهي، حيدرآباد جي ڪاليج خاص حيدرآباد لاءِ نه آهي، ڳجهه ڳجهه ۾ اهڙا اسڪول ۽ ڪاليج کولبا، ڪراچي ۾ بسنتي اسڪول کليو آهي، ان کي به مدد ڪريو.

مسٽر نارائڻداس وشنداس.... توهان صاحبن مان گهڻو نئشنل ڪاليج ڏٺو هوندو، گذريل هفتي مون پاڻ اهو وڃي ڏٺو، ان جو خاص متو آهي ته هندستان جي ڇوڪرن کي هندستاني بنايون، هاڻوڪي وديا موجب اسان جا ڇوڪرا وديشي ٿين ٿا، هاڻوڪي وديا ڪري اسان کي ديس جي ٻولي قوم، ملڪ ۽ ڀڳتن لاءِ پيار ڪونهي، قومي تعليم ڪري انهن سڀني لاءِ اسان ۾ پريم ۽ اتساه وڌي ٿو، ضرور انهي ڪري قوم لاءِ فڪر ٿ يندو جنهن ڪري اسان کي هوم رول ملندو، اها نئين وديا نه آهي، منوسمرتي پڙهي ڏسو ان موجب وديا ڏئي ماڻهوءَ کي ماڻهو بنائن ٿ ا، ڌن جي مدد بلڪل ضرور آهي، تنهن ڪري اميد ته ڌني پرش وڏي دل سان مدد ڪندا.

مسٽر عبدالرحمان..... وقت تنگ هجڻ ڪري بلڪل ٿورو چوندس. متان ائين چوڻ ۾ اچي ته قومي تعليم فقط هندن لاءِ آهي، مون اها ڪاليج وڃي اکين سان ڏٺي اهي، اتي خاص پڇا ڪيم ته خاص مسلمانن لاءِ مذهبي تعليم لاءِ ڪهڙو بندوبست رکڻ ۾ اچي ٿو، جهيڙا اسان ۾ فقط ڌرمي ڳاليهن ڪري ٿين ٿا، مسلمان ڀائر چوندا ته هتي مدرسه آهي، اسان کي مسلماني ڪاليج کولڻ جو ارادو آهي، پوءِ تڏهن ڇو ٿا هندن سان شامل ٿيڻ گهرو، انهيءَ جي جواب ۾ ٿو چوان ته اسين سنڌي آهيون، سنڌ جي سڌاري لاءِ خاص ڪوشش ڪرڻ گهرجي، مسلمانن جو تعداد سنڌ ۾ گهڻو آهي، کيتي جي تعليم به مسلمانن لاءِ فائدي واري آهي، جئن تعليم وڃي ٿي وڌندي تنهن ڪري اسان کي ڪوڙي تعليم ۽ هٺ ڪري گهرجي، حلج ڪرڻ کان لچ ٿي اچئيون پوڙي ڪري گهر ۾ پيسو هجين يا نه، يورپ ۾ لارڊ گهرجون شيون وڃي ٿا خريد ڪن، اسان کي ڇو ٿي لڄ اچي تنهن ڪري توهان کي عرض ٿو ڪريان ته سجاڳ ٿيو، جاڳو ۽ ملڪ جي انتي لاءِ سعيو ڪريو.

سيٺ لوڪارام........ سوراج جي رٿ ڪالهه پيش ٿي، اڄ قومي تعليم جي رٿ پيش آهي، سوراج جو پهريون مول آهي قومي وديا، قومي وديا ڪري آزادگي ۽ مردانگي پيدا ٿئي ٿي، جنهن وقت اوديا ۽ جهالت دنيا ۾ هئي، جنهن وقت ماڻهو ڌرم ڪرم کان ڪريل ها، تنهن وقت هندستان ۾ ڏيئو ٻريو ٿي، يعني مذهبي علميت جي ڪري اوديا جي اونداهه نورت ٿي، انهي ڪري يورپ جون بادشاهتون ڊوڙنديون آيون هندستان ۾، اهو ڀارت جنهن ساري دنيا کي روشن ڪيو ٿي سو اڄ اوديا جي ڪري اونداهه ۾ غلطان آهي، هنر چٽ ٿي ويا آهن، اڄ مئنچيسٽر جي ڪپڙي لاءِ اسين پريشان آهيون، اهو ان ڪري جو ڪاريگريون ۽ هنر ناس ٿي ويا آهن، سنيون ۽ ٽاچنيون به ٻين وٽان اسان کي ملن ٿيون، قومي تعليم جي نه هجي ته وياس و شوا متر جهڙا رشي جيڪر نه پيدا ٿي سگهن ها، اڄ به انهن جي نالي ڪري اسان کي فخر پيو آهي، جي وري قومي تعليم تي زور رکيو ته وري به ڀيم ۽ ارجن پيدا ٿي سگهن ٿا.

زوري ابتدائي تعليم

ٺهراءُ نائون

هي ڪانفرنس لارڊ ولنکڊن جي سرڪار جي شڪرگذار آهي جو هنن آنربل مسٽر پٽيل جي ائڪٽ جي پٺڀرائي ڪئي، جنهن ائڪٽ موجب ميونسپالٽي جي حدن اندر زوري ابتدائي تعليم جاري ڪري سگهجي ٿي، پر سرڪار جي ڌيان تي هي ڳالهه آڻجي ٿي ته انهيءَ ائڪٽ جا متا ٻهراڙيءَ ۾ به عمل ۾ آندا وڃن ۽ جنهن ميونسپالٽيءَ ۾ زوري ابتدائي تعليم جو ائڪٽ لڳايو وڃي تنهن جي زوري تعليم تي خرچ جون ٻه ڀاڱي ٽي پتيون سرڪاري ڏئي، هي ڪانفرنس سڀني وڏين ميونسپالٽين جي مشيرن کي استدعا ٿي ڪري ته هو پنهنجن پنهنجن ميونسپالٽين اندر زوري ابتدائي تعليم جاري ڪن ته پنهنجي خرچ جي حصي ڀرڻ جو بندوبست ڪن.

آنرايبل مسٽر هرچندراءِ.......... منهنجو ارادو ڪونهي هن ٺهراءُ تي تقرير ڏيڻ جو، 1. انهيءَ ڪري جو مون ان تي ڪيتريون تقريرون ڏنيون آهن، 2. ڪيترن کي ان تي ڳالهائڻو آهي، پريزيڊنٽ صاحب کي مون خاص استدعا ڪئي ته منهنجو نالو ڪڍي ڇڏي، پر هنن جو چوڻ هو ته ڪراچي ميونسپالٽي جي پاران مان ظاهر ڪريان مان چوان ٿو ته ڪراچي ميونسپالٽيءَ ۽ ڪراچي جا ماڻهو ان لاءِ قرباني ڪرڻ لاءِ تيار آهن، مسٽر پٽيل جي بل جي پٺ ڀرائي ڪرڻ لا3 سڀ ڪو راضي آهي، وديا بابت ڪيترو چئي ٻڌايون، سڀ خرابيون اوديا جي ڪري ٿين ٿيون، سڀ چڱايون وديا جي ڪري ٿين ٿيون، وديا کان سواءِ ماڻهو پسون سمان آهي، اسين سڀ قومي تعليم جي فائدي ۾ اهيون، پر جيستائين ايتري قومي وديا ڦهلجي تنهن وچ ۾ اسان کي کپي ته اسين زوري مفت تعليم جو قلم لاڳو ڪريون، نئون ٽيڪس وجهي به قرباني ڪريون پر ٽيڪس ماڻهن جي مرضيءَ موجب پوڻ گهرجي، سوراج جي معنيٰ ئي آهي ماڻهن جي مرضي، اسان جو ڌرم آهي ته ماڻهن جي مرضيءَ موجب ٽيڪسون پون، اسان جا دشمن چون ته توهين اڻ پڙهيل جاهل آهيو انهن کي جواب ڏيڻ لا3 قرباني ڪرڻ گهرجي.

مسٽر چاڳلا.......هي رٿ جا آنربل مسٽر هر چند راءِ پيش ڪئي آهي، تنهن بابت مون کي چوڻو آهي ته جيڪڏهن سوراج جي هل چل ايتري نه ٿي هجي ها جنهن ۾ ڳالهائيندڙن ائين نه ڏيکاريو هجي ها ته اسين سرڪار جي غفلت ڪري اوديا جي اونداهه ۾ آهيون ته جيڪر مسٽر پٽيل جو بل پاس نه ٿئي ها، گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي ته بمبئي سرڪار اهو بل پاس ڪيو، پر جيستائين تعليم تعليمي کاتي جي هاڻوڪي رستي موجب هلندي تيستائين اسان کي بلڪ ٿورو فائدو رسندو، هيءَ تجويز عمل ۾ اچي پوءِ هر ڪنهن ميونسپالٽيءَ کي کپي ته تبديليون تعليم کاتي جي ڌيان تي آڻن ۽ اهي عيب نورت ڪرائين. ٻي ڳالهه اها آهي ته قومي تعليم جيتوڻيڪ هاڻي عمل ۾ آئي آهي ته به مسلمان مسلم يونيورسٽي کولڻ کان ان جي فائدي ۾ ها، پر افسوس جو اها يونيورسٽي اسان جي مرضيءَ موجب نه برپا ٿي، تعليم اسان جي مرضيءَ ۽ گهرجن موجب ملي ته عملدارن جي.

مسٽر مولچند پيسومل...... معزز صاحبن هن رٿ تي جيڪي چيو آهي تنهن کان وڌيڪ مون کي هي چوڻو آهي ته بمبئي سرڪار هاڻي بل پاس ڪري هيءَ سهنج اسان کي ڏنو آهي تنهن حالت ۾ سنڌ جي سڀني ميونسپالٽين کي هن جو وجهه وٺڻ گهرجي ۽ تڪليف ۽ قرباني ڪري به زوريءَ ۽ مفت تعليم جو قلم پاڻ سان لاڳو ڪرڻ گهرجي، سڀ مدد سرڪار نه ڏيندي ۽ پاڻ تي تڪليف سهي فائدو وٺون، هڪ آنربل ميمبر چيو ته اسان کي بل جي لاڳو ڪرڻ ڪري نوڪر ملندائي ڪين اها کل جهڙي ڳالهه آهي.

مسٽر نارائنداس نندجي (گجراتي ۾) ...... رٿ جي ترجيح ڪئي ۽ چيائين ته جيتري ان رٿ جي لاءِ ڪوشش ڪجي اوتري ٿوري آهي، هندستان جا هيترا پرش ۽ استريون لکي پڙهي نه ڄاڻن انهن سڀني جي پاڙهڻ جو اونو اسان کي هئڻ گهرجي ۽ انهن جي پاڙهڻ لا3 بندوبست اسان کي ڪرڻ جڳائي، سرڪار لڙائي تي هيڏو خرچ ٿي ڪري، اسان جي اوديا نورت ڪرڻ لاءِ جي انهن کان گهڻو گهٽ خرچ ٿئي ته اسين سڀ پڙهي سرڪار کي دعائون ڪريون. انڊين سول سور ۽ انڊين پوليس سروس ڪري هندستان ۾ تعليم ۽ صفائي تي ايڏو خرچ سرڪار ڪري نه ٿي سگهي، ڇو جو سرڪار انهن کان وڏا پگهار ٿي ڏي.

ڊاڪٽر چوئٿرام...... سکيا جو سوال وديا جو پرشن سڀ کان ڀاري آهي، سڀ سڌريل قومون ڳالهه جي ضرورت سمجهن ٿيون، مفت زوري تعليم جو قلم جت ڪٿ لاڳو آهي، هر ڪنهن ديس ۾ اهو نيم آهي ته سڀ ٻالڪ ۽ ٻالڪيون علم پڙهن، برودي ۽ ميسور ۾ به اهو قلم لاڳو آهي، سرڪار کي اهو اڳي کان ڪرڻ کپندو هو، پر گورا عملدار وڏيون ڀلون پيا ڪن، آنربل مسٽر گوڪلي جي بل جي برخلاف وديا هاڻي مسٽر پٽيل جي بل جي پٺ ڀرائي ڪئي اٿن، هاڻي اسان کي کپي ته ميونسپالٽين ۽ لوڪل بورڊن کي ان باري ۾ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. مسٽر ڪرٽس جو چوڻ آهي ته توهان جا ووٽر اڻ پڙهيل آهن، اسان جي ديس ۾ وڏا واپاري آهن، اسين جهنگلي نه آهيون، پر سڌريل آهيون، ته به اسان کي گهرجي ته اهو قلم لاڳو ڪريون، ڪراچي پهرين وکه کنئي آهي، حيدرآباد جي ڪمبختي آهي اسان کي ميونسپالٽي ڪانهي، جڏهن ملندي تڏهن اسين ضرور اهو قلم لاڳو ڪنداسين، سکر، شڪارپور ۽ ٻين ميونسپالٽين کي به اهوڪم ڪرڻ گهرجي، جي پيسو نه هجي ته محصول وجهجي، ان مان به پورائي نه ڪري سگهون ته چندا ڪريو. سيٺين وٽ وڃو ته جي پيسا ڏيندا ته توهان جي پتا جي نالي تي اسڪول کولينداسين.

مسٽر ڏيپچند........ هن رٿ جا ٻه ڀاڱا آهن، جئن ته سرڪار ميونسپالٽين کي زوري ابتدائي علم جو قلم ڪن اسان کي گهرجي ته ننڍن ڳوٺن ۾ به اهو قلم لاڳو ٿئي، جي سرڪار جواب ڏئي ته اسان وٽ جنگ جي ڪري خرچ ڪري نه سگهندي ته کيس استدعا ڪجي ته انگلڊن ۾ جيئن تعليم تي وڏي دل سان خرچ ٿو ڪرڻ ۾ اچي، تئن هتي به ٿئي، ابتدائي تعليم ڪري سڀ پاڻ ۾ کير ٿي وينداسين، پوءِ اسين سڀ سوراج جي ڪوشس ڪنداسين، هاڻي سو مان ڏهن کي فقط وديا ملي ٿي، جي سون کي ئي وديا ملي ته سوين گوڪلي ۽ تلڪ پيدا ٿيندا ۽ سوين سرلا ديويون ۽ سرو جني نئدو پيدا ٿينديون، پرهيلن جو اولاد به سپاتر ٿيندو، اسان کي ان ڪري ضرور سوراج نصيب ٿيندو.

مسٽر نرسنگه لعل.... هندو ڌرم شاستر موجب وديا بند ڪرڻ مها مچا آهي، محصول هر ڪنهن تي 8 آنا ٿو پوي، پوڻا ٽي آنا تعليم تي خرچ ٿا ٿين، ڇو نه سڀ پئسا ٿي سرڪار اسان جي تعليم تي خرچ ڪري، ولايت ۾ هن مهاڀاري جنگ جي وقت به هيڏي وڏي دل سان رچ ٿو ڪرڻ ۾ اچي، هندستان ۾ ڇو تنگدلي ٿي ٿئي، اسان سان لڳي ماءُ وانگر ڇو ٿي هلت ٿئي، هڪ راجا حڪم ڪيو هو ته جيڪڏهن منهنجي ملڪ ۾ ڪو به شاستري نه پڙهندو ته هن کي ملڪ مان تري ڪڍندس، سڀ ماڻهو بلڪ پاڻي ڀرڻ وارا به شاستري پڙهي پيا، سکيا اهڙي ڏيو اکه تي مکه، نڪ تي چپ.

مهاتما گانڌي وانگر سرڪار کي تنگ ڪري پيا تعليم لاءِ وٺو ته اسان جا ٻيرا پار.

 

ٺهراءُ ڏهون : پريس ائڪٽ

هاڻوڪي بي جوابدار حڪومت کي جو پريس ائڪٽ هيٺ ايڏيون وڏيون اختياريون سونپيون ويون آهن، تنهن جو نتيجو اهو ٿيو آهي جو هندستاني اخبارن ۽ گورين اخبارن جي وچ ۾ گهڻي پاس خاطري ٿي ٿئي، تنهن ڪري هن ڪانفرنس جي پڪي رائي آهي ته انهيءَ ايڪٽ مان هندستاني اخبارن جي آزادگيءَ کي فڪرو آهي ۽ اهڙو ائڪٽ خود انگريزن جي متن جي برخلاف آهي ۽ يڪدم رد ٿيڻ گهرجي، هي ڪانفرنس انهيءَ ڳالهه کي نندي ٿي جو انهيءَ پريس ائڪٽ هيٺ ڪنهن به واجبي سبب کان سواءِ نيو ٽائيمس، هوم رولر ۽ واپار سماچار ۽ هند واسي کي نما نيت ورتي وئي آهي.

مسٽر درڳداس....... صاحبا ٿوري وقت هئڻ ڪري مان رٿ کي ٽن ڀاڱن ۾ ٿو ورهايان، اخبارن جو خاص ڪم آهي سرڪار جي ڪمن مان نڪته چيني ڪڍڻ، نوڪر شاهي ڪاروبار جا حاڪم ضرور چوندا ته اخبارن کي پنهنجي چنبي هيٺ رکون، ٻين ملڪن مان پريس ائڪٽ هينئر نڪري ويو آهي، پر هتي لوهه جي نورين وانگر آهي، ائڪٽ اخبارن کي ويڙهي ويا آهن، 1857ع ۾ بلوه وقت پريس جي آزادگي بند هئي، پوءِ لارڊ لٽن پريسکي آزادگي ڏني، 1910ع ۾ يعني 20 صديق ۾ وري پريس ائڪٽ پاس ڪيائون، جو ماڻهو حق گهرڻ لڳا، لارڊ منٽو ڏٺو ته اخبارن جي دوران جو سوجهرو ملي ٿو، سو بند ڪجي، پريس ائڪٽ جا قلم بلڪل سخت آهن، جنهن ڪري اخبارن سان گهڻي سختي آهي، انگلنڊ، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ پريس ائڪٽ ڪونهي، رومانيا جهڙي ننڍي ملڪ ۾ اهڙو ائڪٽ ڪونهي، عام خاص طرح پريس کي قبضي هيٺ ڪو نه ٿا رکن، خراب طرح سان اهو ائڪٽ ڪتب آڻين ٿا، ائڪٽ پاس ڪرڻ وقت سرڪار چيو ته اهو ائڪٽ عام خاص طرح سان ڪم نه آڻبو، پر جزوي وري اخبارن سان لاڳو ڪبو، پر هاڻي اهو عام طرح ڪتب آڻن ٿا، ان ڪري اخبارون بند ٿيون آهن، اهو ائڪٽ نڪرڻ گهرجي، پر اهو ائڪٽ رد نٿا ڪن، جيستائين هوم رول نه ملندو، تيستائين اهڙا ائڪٽ رد ٿي ڪين سگهندا، هوم رول ملڻ شرط اهي سڀ ائڪٽ منسوخ ٿيندا.

مسٽر سنتداس......اڄ مان آيو آهيان، انهيءَ ائڪٽ تي ڳالهئاڻ جنهن کي ٻوٿ ٻڌڻ جو ائڪٽ يا زنجير جو ائڪٽ چئجي ته ٺهي وڃي، انهيءَ ائڪٽ هيٺ هند واسي تي ڪاروائي هلي، جاچي پڙهيو اٿم ته ڏسان ٿو ته ڪهڙو به راجڀڳت وفادار اخبار نويس هن ائڪٽ جي چنبي ۾ اچي ٿو سگهي، ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جي مرضي تي سڀ ڪي منحصر آهي، قلم 3 ۾ هن کي اختياري آهي ته ڪو به ماڻهو جو پريس کولي ان کان هو ضامن وٺي جي معافي نه وٺي ته سبب ڏجي، جئين 110 قلم هيٺ سڀني بدمعاشن کان معافي وٺبي آهي، تيئن سڀني پريسن کان وٺي، جهونيپريسک ان به ضامن وٺي ٿا سگهن، جي ثابتي هجي ته ڪو راجد وهي ڪري ٿو ته قلم 124 الف هيٺ مقدمو هلائي، مقدمو ثابت ٿيڻ کان پوءِ هن جي پريس ضبط ڪجي ته حرڪت ڪانهي پر ائين آهي ئي ڪونه، ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ کي ڪلي اختياري آهي، هند واسي اخبار توهان سڀني پڙهي ته ڏٺي آهي، ڪامورن جي نڪته چيني ڪرڻ گويا سرڪار جي ٺٺولي ڪئي وڃي ٿي، آئيني بيسنت کان پهرين ضامن نه ورتائون، اسان کي ڊسٽرڪٽ مئجستريٽ چيو ته مان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي سان ٻڌل ڪو نه آهيان، فقط ماڻهو ٻڌل آهن، پريس ائڪٽ جي ڪري ماڻهن جي لاءِ ڪا به ڳالهه نه ٿي ڪري سگهجي، مسٽر ڄيٺمل لکيو ته ڪاميٽي ته فلاڻي طرح پئسا خرچ ڪري ٿي، ڪليڪٽر لکي موڪليس ته اها خبر ڪٿان تو کي ملي، جواب ڏنائي منهنجو خاطو معتبر آهي، هن پوري خبر مون کي ڏني آهي، جي اها پوري نه هجي ته مون کي خبر ڏيو ته مان درستي ڪريان، جواب آيس ته جنهن صورت ۾ تون نالو نه ٿو ڏين، تنهن صورت ۾ سمجهجي ٿو ته اها خبر ڪنهن جي ڪوڙي آهي، توکي خبردار ٿو ڪجي ته اهو حڪم ڪنهن ڪڍيو؟ ڪليڪٽر جو ڪاميٽي چيئرمين به هو، وري جي ڪو ڪامورو درٻار ڪري سان کي گاريون ڏئي انهي تي اعتراض وٺجي ته لڳايو پريس ائڪٽ، ڳالهه ڪين طلم، رڳو راجڊوهين سان اهو ائڪٽ لاڳو ٿيڻ گهرجي، ڪو ڪو نه چاهي ٿو ته راجڊوهي زور وٺن. پر ماڻهن جي تڪليفن جي پوري پرور ڏيڻ اخبارن جو ڪم آهي، گورن وٽ فقط اهي ٿا وڃن جن جو منجهن ڪم آهي، ڪراچي ۾ هيڏي ڪانفرنس ٿي، آهي ڪو عملدار جو اچي ٻڌي ته ڇا ساڻن اهنج آهي. نٿا پاڻ اچن، نٿا اخبارن کي لکڻ ڏين، باقي رکي اٿن C.I.D هوءِ ڇا ڪري سگهندي، هند واسي کان ضامن وٺڻ ڪري شڪارپور جي پئنچات ڀائرن ڪالهه هن کي پنج هزار ڏنا، ٽي هزار اٿن، ٻه هزار ڏيندا. بمبئي جي شاگردن پنهنجي خرچي مان 40 رپيا ڏنا اٿ، سرڪار هند واسي سان پاڻ مهرباني ڪئي، جو هن کان ضامن گهڙيائون.

مسٽرڪرمچند گرمکداس....... هن رٿ جي ترجيح ڪرڻ ۾ مون کي گهڻو چوڻو نه آهي، پريس ائڪٽ هڪدم رد ٿيڻ گهرجي، انهيءَ لاءِ قومي سبب ڏنا ويا آهن، پريسون هڪ قسم جي روشنائي آهي، اخبارون نه هجن ته سرڪار کي خبر ڪانه پوي، اونداهه ۾ ٿاڦوريون هڻي،ا ڳي ڏيئا هيون، هاڻي بجلي آهي، اخبارون بجلي جي روشني آهي، هو رعيت جا اهنج ڀلي ڀت ظاهر ٿيون ڪن، جي ڪو اڙهه زوراوري ڪري ته ماڻهن ۾ هن جو قدر ڪو نه ٿيندو، پر جنهن اخبار ۾ ماڻهن جو اعتقاد آهي، ان تي سختي ڪرڻ نه جڳائي، يورپي اسان نڪي رلن ٿا نڪي ملن ٿا، پوءِ اسان جي هنن کي ڪئي سچي خبر پوندي، ڪارلائيل چيو آهي ته ماڻهن جون رڳون جاچڻ ڪري ماڻهن جي سچي پروري پوي ٿي، پريس انگريزن جي سلطنت جي بچاءُ لاءِآهي، پريس هنن جي برخلاف اصل ڪانهي، مسٽر مانٽيگو جي رٿن تي اخبارن کي نڪته چيني ۽ رايا ظاهر ڪرڻ جو پورو وجهه ڏيڻ گهرجي، للي ڇپي ڪرڻ ڪري سرڪار کي پوري سڌ ڪا نه پوندي، راجڊو هي قلم ۽ ٻيا ڪيترائي قلم اخبارن لاءِ آهن، پريس ائڪٽ جي چاٻي ڇو ٿا رکن، اهو آهي ڄاڻي واڻي پنهنجي اکين ۾ ڌور وجهڻ. پريس ائڪٽ هڪدم رد ٿيڻ گهرجي.

مسٽر ويرومل بيگراج........ جي ٿو سور سليان ته جبل سڀ جلي مرن، مون کي هتي آگيا مڃي اچڻو پيو آهي، مون چاهيو ته منهنجا ڀائر هن رٿ تي ڳالهائن، مسٽر سنتداس حيدرآباد جي اوستا ڪري ٻڌائي هن نشڪام سيوا ڪري هند واسي جو ڪيس هلايو، اپر سنڌ سان ته قاعدوئي نيارو آهي، اپر سنڌ ۾ هڪ اخبار تي بنا دوش نالي ڦيرائڻ ڪري هڪ هزار جي چٽي پئي، جي اخبار تي بنا ڏوهه ٻڌائڻ جي پنج سئو چٽي، جوابدار ڄمي ئي نه اڳ ۾ ئي ڏوهي. اهو جوابدار آهي ڇا پخانن وارو، يا ته چغلي جو ڪم پاڻ تي کڻي يا ديس ڀڳتن کي گاريون ڏئي، اهو پريس جي آپدا کان ڇٽي، ٻيو ڪو نه ڇٽي، اخبار جا آزاد رايا واري هجي سا انگلينڊ ۾ زور، اسان وٽ زور اها جا چغلي جو ڪم چست ڪري، اسان وٽ قلم خبردار ٿي کڻڻو ٿو پوي، پهريائين پنهنجي کيسن ڏي نهاري هلائڻو ٿو پوي، اپر سنڌ جي اوستا بلڪل خراب آهي، واپار سماچار کي ڏوهه نه ٻڌايو ويو، ضلع جي اخبار جي ضرور ضلع جي حاڪمن سان چٽا ڀيٽي هلندي، جي ڪو ڪنياءُ ڪري ته ان کي ٽٻي ڀيدا ڪالجي، فٽ بال کي لت هڻي ڊسٽرڪٽ مئجستريٽ پاڻ پوءِ وٺي ضمانت، نيازڪار انگريز سرڪار کي گهرجي ته اخبار وارن کي ڇوٽ واڳه ڏئي هنن سان ضامن جو قلم نه لاڳو ڪجي، پريس سان سختي ڪري اندر مان آهه نڪرندي، جا ضرور انگريز سرڪار کي سجاڳ ڪندي ۽ هو ڪرپا ڪري اهو ائڪٽ رد ڪندا، ايترو ٿيو آهي جو لوڪن ۾ اتساهه ٿيو آهي، سيٺين اڍائي هزارن جي بدران پنج هزار ڏنا آهن، ديس جي آڌار اخبارن کي اميد آهي ته ساهتا ڪندا، اخبارون آزاد ته توهان سڀ آزاد.

ٺهراءُ يارهون

هي ڪانفرس سرڪار جي شڪر گذار آهي جو سنڌ ۾ رسائي لاپي ۽ ڇپر جي مصيبتن نسبت جاچ ڪرڻ لاءِ ڪميشن مقرر ڪئي وئي آهي ۽ هن ڪانفرنس جي راي آهي ته اهي مصيبتون اڃان تاءُ زور آهن ۽ انهي ڪميشن جا گهڻا ميمبر غير عملدار هئڻ گهرجن، جن ۾ ماڻهن جو اعتقاد آهي، هن ڪانفرنس جي اها به راءِ آهي ته سرڪار اهڙو اشتهار جاري ڪري ته خود سرڪار جي مرضي آهي ته انهن تڪليفن بابت سچي طرح خبر ملي ۽ سرڪار اهڙو بندوبست ڪندي جو جيڪي به شاهد انهن ڳالهين بابت شاهديون ڏيندا تن کي مڪاني عملدار تڪليف نه ڏين.

مسٽر نارائڻداس وسنداس...... جيڪي اخبارون پڙهن ٿا تن کي معلوم هوندو ته رسائي جي دانهن ورهين کان پئي هلي آهي، سرڪار جي ڪن تاءُ به وئي آهي ۽ سرڪار قبول به ڪئي آهي، هن ڏائڻ کي ڌيئر ۽ پٽ لاپو ۽ ڇير به آهن، رسائي چئجي ڇا کي، آفيسرن جي لاءِ بندوبست ٿا ٿين، رستا ٺهي وڃن ٿا، ڀاڄيون وغيره اچن ٿيون، شڪار جو بندوبست ٿئي ٿو، هر ڪنهن تعلقه ۾ مختيارڪار جي نظر هيٺ فنڊ ڪٺو ٿئي ٿو، ڳوٺن ۾ زميندار خرچ ڀرين ۽ تعلقه هيڊڪوارٽر ۾ ان فنڊ مان، جيتوڻيڪ فنڊ جا پئسا به زميندارن مان وصول ٿا ٿين، رسائي ڪري تپيدارن کي پگهار ڪو نه ملي اهو ڏين رسائي جي خرچ لاءِ پوءِ هو ڪٿان گذر ڪندا. لاپو ٿا وٺن، گورا عملدار يا چشم پوشي ڪن ٿا، يا بي خبر آهن، مسٽر ميهو، مسٽر ماني، مسٽر بئري جي ڏينهن ۾ رسائي بلڪل گهت هوندي هئي، سبب اهو هو جو هو صاحب رسائي جي بر خلاف ها، تنهنڪري ننڍا عملدار وڏن جو رخ ڏسي رسائي تي خرچ ڪن ٿا، جڏهن ڏسن ٿا ته عملدار رسائي ڪري خوش ٿا ٿين ته هو رسائي ڪن ٿا، هڪ گوري عملدار هڪ لڱا مختيارڪار کي چيو ته عجب جي ڳالهه آهي ته اسان کي تپيداري ڦري ٿو، چيائين سائين اهو ڪيئن؟ جي حيدرآباد ۾ اسا کي ساڍي ٽين رپئي مڻ چڻن جو ملندو آهي ۽ هتي چار ٿو وٺي، ان مان مختيارڪار ڪين سمجهندو ته صاحب کي رسائي ٿي وڻي. ٻيو ڪو مثال. هڪ عملدار مختيارڪار کي چيو ته رسائي بند ٿئي، تپيدار هفتي لاءِ 40 رپين جو بل ڏنو، صاحب اچي ڪاوڙيو، پوءِ تپيدار گهٽائي 20 رپيا ڪيو، هاڻي ان مان ثابت آهي، رسائي جو بار ڪنهن تي پوي ٿو، جيستائين گورا عملدار سخت نظر نه ڪندا، تيستائين رسائي بند نه ٿي سگهندي، ڪرنل مينو وانگر حڪم ڪڍن ته گشت وقت سندن بٽريل ۽ ڪلارڪن جا نوڪر سڀ شيون بازارمان خريد ڪن يا بمبئي جي طرف جئن دستور آهي ته پٽيل گشت وقت سڀ شيون پهچائين ۽ بل ڏئي پئسا وٺن، ڪميسن جيڪا ٿيڻي آهي، ان تي فقط گورا عملدار ٿيندا يا خوشامند ريا مقرر ٿن، ان رٿ پاس ڪرڻ لاءِا سين سرڪار جا شڪر گذار آهيون.

مسٽر لعچند نولرائي....... هي رٿ اکين ڏٺي صاحب پيش ڪئي آهي جو مسٽر نارائنداس ڪجهه وقت مختيارڪار هو جنهن رسائي ڪئي هوندي، رسائي هلي ٿي، سا ڪمشنر صاحب به قبول ڪئي آهي، هاڻي جيڪا سرڪار ڪاميٽي مقرر ڪندي ۽ اهڙا ميمبر مقرر ڪيائون ۽ سرڪار علاج ڪندي ته اسين سرڪار جا تهدل شڪر گذار رهنداسين، لاڙڪاڻه موٽو متارو ملڪ آهي، جنهن جا زميندار وڏا آهن، اتي رسائي به گهڻي ٿي ٿئي، چئجي ڪري ته اتي Scandal آهي، لاڙڪاڻه ۾ هڪ بٽلر رسائي گهري هئي، جنهن کي هاڻي صاحب موقوف ڪيو آهي، اڳين کان گهٽ آهي يا نه، لاڙڪاڻه ڪانفرنس ۾ مسلمان زميندار بلڪل گهڻا آيا هئا، قسمين قمين جون رسايون هنن کي ڪرڻيون ٿيون پون، هاڻي پاڻ رسائي وڏي آهي، ڪن ڪن هنڌ مختيارڪار حد ڪري ٿا چڪن، تنبوءَ جي پهرين ڪلي هڻن لاءِ هڪ سئو رپيا ڏيڻا ٿا پون، بٽلر کي هڪ سئو نه مليا ته يا تنبو نه هڻندو يا جي هنيائين ته فڙسن هيٺان پٿر وجهي ڇڏيندو، جنهن ڪري صاحب اچي ڪاوڙجي، اتان ڪوچ ٿيو، ٻي هنڌ ته اتي مختيارڪار پهرين تعلقه ۾ خاص ماڻهو رسائي جو بندوبست ڏسڻ لاءِ موڪليندو، پوءِ پاڻ ٻه راتيون وڌيڪ رسائي ڪندو، ڪميسن جا ميمبر جي واسطيدار هجن جي بي ريا ٿي شاهديون وٺن ٿا ماڻهن جي اهنجن جي سچي خبر ٻڌائن ۽ شاهدن جي شاهدي تي بندش نه هجي جي هنن کي ڪو ڊپ مليو ته ڪو به شاهد شاهدي نه ڏيندو، مختيارڪارن يا ڊپٽي ڪليڪٽرن کي تسلي ملي ته جيڪر هو سچ چئي ٻڌائن بلڪ خان بهادر ميان پير بخش کي ڀو يا ڊپ نه هجي ته هو به سچ اچي ٻڌائي، زميندار کي لالچ ۽ ڊپ آهي، تنهن ڪري هن تي رسائي جو ڪم نه رکجي، 1. گشت جو معياد گهٽائجي، 2. گشت وقت ننڍڙن ڳوٺن ۾ آفيسر منزولون نه ڪن، ميهو صاحب وڏن شهرن ۾ وڃي منزلون ڪندو هو ۽ اتان گهوڙي تي چڙهي وڃي ڳوٺن مان ڏسي ايندو هو، ٺيڪيدار تي آفيسرن کي رسائي وٺڻ جو ڪم رکجي، اهو ضلع جو ماڻهو هجي، آرڊر بڪ تي هن کان شيون وٺن ۽ بل موجب هن کي پئسا ڏين، پوءِ اها دانهن نورت ٿي ويندي، سرڪار جي شڪر گذاري ڪرڻ گهرجن، آنربل مسٽر ڀرڳڙي جا تهدل ٿورا مڃڻ گهرجي جو هن اها رٿ پاس ڪئي.

مسٽر ميوارام..... مختيارڪار ۽ وڪيل توهان کي ٻڌائي ويا آهن ته رسائي مان ڪهڙا رنگت ٿا ٿين، رسائي ضرور ٿيڻ گهرجي، ڇير جو به ضرور آهي، رسائي اصل ميرن ۽ ڪلهوڙن جي صاحبي کان آهي، هو زميندارن کي سيرهون ۽ معافيون ڏئي ڇڏيندا ها، هو رسائي ڪندا ها ۽ پئسا وٺندا هئا، يا موڌي خانو تيار ڪندا هئا ۽ پئسا وٺندا هئا، ايامن کان رسائي هلندي ٿي اچي، ڳوٺن ۾ شيون موجود نه ٿيون ٿين، ڪامورن لاءِ ميوه ۽ برف ڪٿان اچي؟ تنهن لاءِ ٺيڪيدار مقررڪجي، گورن عملدارن کي خوش ڪرڻ لاءِ ننڍا عملدار هنن جي رسائي ٿا ڪن، پنهنجي لالچ لاءِ، زميندار خطاب ۽ ڪرسين جي لالچ ڪري هنن جي رسائي ٿا ڪن، گورا رسائي تي اصل هريل نه آهن، تنهن ڪري اسان تي به فرض آهي ته اسين رسائي نه ڪريون، جي اسان وٽ بيضه کير مکڻ ڪونهي ته گورا ڇا ڪن، هڪ ڀيري هڪ گوري هڪ زميندار وٽ منزل ڪئي، هن واڱڻن جو فصل پوکايو، گوري جو بٽلر گهري کير ته مليس واڱڻ، مکڻ لاءِ به واڱڻ، هر ڪنهن شيءِ لاءِ واڱڻ ڏنائين. زميندار چيو ته مون وٽ آهن واڱڻ ئي واڱڻ. جي سڀ زميندار هن وانگر هلت ڪن ته رسائي بند ٿي وڃي، ملڪ جو فائدو سمجهون ته اسين پاڻ رسائي بند ٿا ڪريون. ٺيڪيدار به زميندار کان گهرندو ته ڏي ته صاحب کي چوندس ته هي تو ڏنا آهن، پاڻ تي واهبو ۽ مضبوط ٿي سائي بند ڪبي ته اها بند ٿيندي، ڳالهين مان ڪي ڪين ورندو.

ديوان نارائنداس موٽا رام.... مان توهان کان پڇان ٿو ته اسان جي گڏ ٿيڻ جو موقعو آهي ۽ توهان سڀني کي گڌ ڇا چئجي ۽ ان تي ڪم ڪهڙو آهي، بابو سرند راناٿ بئنرجي جو چوڻ آهي ته ”توهان کي Bar of Public Opinion چئجي، تهمتي ڪير آهي؟ هڪڙيون سڌارن جي پيدا ڪندڙ رٿون ٻيون خرابي ناس ڪندڙ رٿون، توهان تي فرض آهي ته خرابي ناس ڪندڙ رٿن تي سزائون مقرر ڪريو، سرڪار اهڙين رٿن کي ڦاسي ڏئي ٿي، آنربل مسٽر ڀرڳڙي رسائي تي ڦاسي چارهڻ ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪئي، اسان جي ڪانفرنس ٺهراءُ ڪيو آهي ته اسان کي سوراج کپي ته ماڻهن کي آزادگي ملي ۽ مان شاهي نوڪرن جو ميمبر ٿي رهيو آهيان ۽ مون کي پهرين درجي ثابتي موجود آهي، منهجي شاهدي تي ڪنهن به قسم جي سزا مقرر ڪرڻ توهان جي اختيار ۾ آهي، ڇاپخانن جو ائڪٽ آزادگي لاءِ وڏو خطره آهي، چوڻ گهرجي ته رسائي سنڌ ۾ دهقاني مخلوقات جي آزادگي ناس ڪندڙ آهي، ڪن مطلبي ماڻهن چيو اهي ته سملمانن کي هوم رول مان نقصان رسندو، رسائي بند ٿيڻ ڪري مسلمانن کي ئي وڏو فائدو رسڻو آهي، رسائي برابر ميرن جي صاحبي کان هلندڙ آهي، ديد خرچ لاءِ هيترو وٺبو، مول اصول هي هئڻ گهرجي ته آسمان ڪري پوي ته ڪري پوي پر انصاف نرور ڪرڻ گهرجي. وڏا عملدار ۽ ننڍا عملدار منشي سڀ رسائي مان فائدو وٺن ٿا، سعدي چيو ته جي رعيت جي باغ مان عملدار وڻ مان صوف کائيندا ته ڇوٿا ڪامورا سڄو وڻ گيهي ويندا، رسائي اهڙي شيءِ آهي جا رسائي ڪندڙ عملدار کي ٺاهي ۽ ٻين کي ڊاهي، مان پنهنجي آزمودي مان شاهدي ٿو ڏيان، گشت وقت جڏهن تنبو لڳن ٿابٽلر گهرن تنبو هڻائي، آخرڪار هاڻي سو رپيا تنبو هڻائي مقرر ٿي آهي، مون چيومانس ته تنبو هڻين نه هڻين مان پاڻي نه ڏيندس. هن کي ڊرپ ٿيو، تنبو هنيائين پر هو پوءِ ٻيون لچايون ڪن ٿا، صاحبلوڪن کي برائنڊي ۾ ڪنا بيضا وجهي ڏين ٿا، جنهن ڪري صاحبلوڪ (گورو گورو چئو) رنج ٿين ٿا، جيڪڏهن ڪو همٿ وارو مختيارڪار ٿيندو ته گوري کي پڪ ڪرائي سگهندو، صاحب هي جيڪا رسائي آهي تنهن لاءِ ٻه هزار ڪٺا ٿيا آهن، هو چوندس ته مان تنهنجي ڳالهه تي وزن نه ٿو ڏيان. جي مختيارڪار همٿ وارو هوندو ته چوندس تون ٻڌل آهين، مون تي اعتبار ڪرڻ لاءِ، پر جي مختيارڪار هوندو خود مطلبي ته چوندو ته صاحب کائيندو ته مان به کائيندس، بٽلرن جا اهڙا مثال ٻڌو، مختيارڪار هن سان اٿي بيهي گڏجي هٿ هٿ ۾ ڏئي گڏجيس. سيوهڻ ۾ مان مختيارڪار هوس ان وقت بٽلر جيڪو سڀني کي رنج ڪندو هو سو اتي آيو منزل تي، مون تپيدارن کي چئي ڇڏيو ته هن کي ڪجهه نه ڏجو، پوءِ اچي مون وٽ پٽ تي ويٺو ۽ چيائين سائين مان ٻانهي جو ٻار آهيان، ان مان ثابت آهي ته همٿ وارا جتي ڪٿي کٽن ٿا، لاڙڪاڻه ۾ مان دفتردار هوس، مسٽرليوڪس ڪليڪٽر هو، مون رسائي بند ڪرائڻ لاءِ ڏاڍيون ڪوششون ڪيون، اسان سرڪيولر ڪڍيو ته جيڪو زميندار رسائي ڪندو يا لاپو ڏيندو ته ان تي اسان جو ناراضپو ٿيندو، جتي ڪٿي زميندارن کي گڏ ڪري هو چوندو هون ته اسان کي بلڪل ناراضپو ٿيندو جي توهين رسائي ڪندا، تپيدار لاپو وٺن ٿا پنهنجي لالچ ڪري، ماڻهن جو گذران ڏاڍو مشڪل ٿيو آهي، سندن پگهار مان سندن پورت نه ٿي ٿئي، شڪر آهي جو هاڻي سندن پگهار وڌايو ويو آهي، اميد آهي ته انهي سڄي ڳالهه جو پورو بندوبست ٿيندو، پر ڪاميٽي ۾ خود مختيار ۽ همٿ وارا ميمبر ٿيڻ گهرجن، سوراج ملندو ته هڪدم فائدو ٿيندو.

ٺهراءُ ٻارهون : مسٽر محمد علي ۽ مسٽر شوڪت جي ڇٽڻ جي رٿ.

مسٽر جمشيد مهتا ......

As the President has explained, this resolution is the most important. This conference has met to ask for right. Our brothers are suffering not for any thing they have done but because they are asking for their rights. As for Mr. Mohamed ali, his paper was suspended as soon as papers in England welcomed its loyal tone. Rightly the Cawnpore mosque affairs had more to do with the internment of the two brothers.

The noble mother who stands unique today writes. “My sons have no particular sympathies with Turkey as with China.” It is my perfect belief because in their veins runs the blood of the noble mother who has been a Home Ruler sirtee her birth.

As soon as Mrs. Besant was relieved we all hoped and were led to believe that our two brothers would be relieved. But it was not to be so.

مسٽر ڄيٺمل پرسرام..... پريزيڊنٽ حڪم ڪيو آهي ته جمشيد مهتا جي لفظن جو مطلب ٻڌايان، هن جي دل مان جو دکهه جو آواز نڪتو سو مان به ظاهر ڪريان. هيترا مهتا لنگهي ويا آهن، 33 ڪروڙ محمد علي ۽ شوڪت علي جي آزادگي لاءِ پڪاريو پر سرڪار اعليٰ اهو عرض نه ٻڌو، محمد علي ۽ شوڪت علي کي اصلي اڳواڻ ڪري ٿا ليکيون، جنهن فرمان پيدا ٿيون سي ڪير آهن، هنن جي ماتا جي مون کي درشن نصيب ٿيو، چوڻ ۾ اچي ٿو ته جڏهن هن کي خبر مي ته C.I.D آفيسر اچي سندس پٽن کي ريجهايو ته ههڙي ڪ ههڙي قسم جون زبانون ڏيندا ۽ ههڙيون ڪ ههڙيون قبول ڪندا ته اوهان کي آزادگي ملندي ته تڏهن سندن ماءُ چيو ته خبردار جي بزدل ٿيا آهيو، اهڙي ماءُ ڪنتي هئي، جنهن چيو اهڙا پٽ منهنجي پيٽ مان پيدا ٿين جي رڻ ڀوم ۾ سر ڏين، اهڙي قسم جو دکه هندستانين کي آهي، هر ڪنهن ڳالهه ۾ فائدو آهي، مون کي اميد آهي ته اسان جي هندن ۽ خاص مسلمانن جون اکيون جلد کلنديون ۽ هو ڏسندا ته هوم رول ئي هندستان جي ڀلي لاءِ آهي، هتي جي عملدارن کي هي ٺهراءُ ڪو نه موڪلڻو آهي، سا خوشي جي ڳالهه آهي، هي ٺهراءُ بادشاهه سلامت جي سرڪار ڏانهن وڃي ٿو. ”رڊماري هندستان جي عملدارن لاءِ چوي ٿو ته Sundried ٺوٺ اهن، سڀئي نه پر ڪي ڪي، خاص C.I.D جي. هندستان جي سج ۾ رهڻ ڪري هنن جي چمري ٺوٺ ٿي وئي آهي ۽ هنن جي دماغ جي چمري به سخت ۽ ٺوٺ ٿي وئي آهي، گرو ڪندو ته هو به ٺهي ويندا، شڪر جو هي ٺهراءُ لنڊن ۾ وڃي ٿو، سپن وانگر اسين وات ڦاري ٿا وهون، هن بونڊ جو ڦرو اسان جي وات ۾ پوري پر پوري يا نه اسان کي جڳائي ته جيسين محمد علي ۽ شوڪت ڇٽن تيسين سکه نه سمهون، سنڌ ۾ گهڻو آدم مسلمان آهن، اسان جا هو رڳو رت آگهن، منجهائڻ گهڻا اڻ پڙهيل آهن، اسان کي کپي ته هنن جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪوشش ڪندا رهون ته اسان جون دليون پاڻ ۾ ڳندبيون.

 

ٺهراءُ تيرهون: هاگرد ۽ راجنيتي مجلسون

هن ڪانفرنس جي راءِ آهي ته سرڪار جا بندش شاگردن نسبت ڪئي آهي ته هو ڪنهن به راجنيتي مجلس ۾ نه وڃن تنهن ڪري انهن جي دلين ۾ وطن جي حب پيدا ٿي ڪين سگهندي ۽ هيءَ ڪانفرنس سرڪار جي ڌيان تي آڻي ٿي ته اهو ٺهراءُ رد ڪيو وڃي.

 

ٺهراءُ چوڏهون : انڪم ٽيڪس

مسٽر مولچند پيسومل.... اڳي جيڪا هن ٽيڪس بابت دانهن هئي تنهن کان ٻن سالن جي نموني تي جي اعتراض نه وٺبو ته خبر نه آهي ته الاجي هن کان پوءِ ڇا ٿئي، بمبئي مان هڪ مختيارڪار ڪچو دپٽي ڪليڪٽر ڪري موڪليو اٿن جنهن کي پڪي ڊپٽي ٿيڻ جي خواهش آهي، هن کي سنڌ جي واپار جي خبر ڪانهي، تسلي جوڳي جاچ ڪا نه ٿو ڪري پنهنجي مرضي تي اها ٻڌي ٿو، 43000 هزارن مان، شڪارپور ۾ 173000 رپيا ڪئي اٿس، شڪارپور ۾ اڃا اپيلون ڪين ٿيون اهن، پهريائين جاچ ڪندڙ عملدار حساب ڪتاب جاچي ٿو، انڪم ٽيڪس قسم تي چڱن ماڻهن جا اظهار ٿو وٺي پوءِ به پنج ڇهه هزار رپيا گهٽايائين، سواءِ جاچ جوچ جي ڪليڪٽر صاحب حڪم ڪري پاڻ ڪن جي ٽيڪس اڳين کان وڌائي، انصاف جي ڪورٽ ۾ اپيل ڪا نه ٿي ٿي سگهي، بست ڪندڙ آفيسر به پاڻ ۽ اپيلون ٻڌندڙ به پاڻ، امان اسان جو مطلب آهي ته چڱي طرح تپاس ڪري پوءِ ڍل ٻڌجي، يورپي ڪمپنيون انگ موڪلين اهو بحال، اسان جا واپاري انگ موڪلين اهو نابحال.

مسٽرلڻيداس...... انڪم ٽيڪس نسبت پهرين پڪار اها آهي ته جيڪو آفيسر ٽيڪس ٻڌي ٿو هڪ طرفي جاچ ڪري ٿو ۽ جنهن تي ٽيڪس ٻڌجي ٿي سو جي بيان به ڏئي ٿو ته به هن تي اعتبار ڪو نه ٿا ڪن، اين پڪاريون ٿا پر ٻڌڻ وارو آهي ئي ڪو نه، ڪچي عملدار کي پاڻ پڪي ڪرائڻ لاءِ هو سرڪار جو راضپو حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي ٿو ڍلون وڌائيندو، شڪارپور ۾ ٻه ٽي سال اڳ پنچائت جي مکيه ماڻهن کان جاچ ڪري مختيارڪار ٽيڪس بست ڪندو هو ۽ هنن جي چوڻ تي وزن ڏيڻ ۾ ايندو هو، نون عملدارن کي ماڻهن جي ڪمائي يا آسودگي جي ڪهڙي خبر؟ ڪيئن هو انصاف ڪري سگهندا؟ مکيه مکيه واپارين کي گهرائي انهن سان صلاح ڪن ته جيڪر ڪنهن سان به ڪنياءُ ڪو نه ٿئي، بست ڪندڙ عملدارن کي ٻنڌن هئڻ گهرجي ته مکيه ماڻهو گهرائي هنن کان جاچ ڪري، هاڻي ته دڙڪا پيا ملن ته ٻئي سال اڃا به ٽيڪس وڌندي، جن سان ائڪٽ موجب ڪا به ائگريمنٽ ڪيل آهي جن موجب مٿن ٽڪيس بست ڪيل آهي انهن مان گهڻن کي نوٽيس آيو آهي ته وهيون کڻي اچي ڏيکاريو ته توهان کي ڪيتري اپت آهي جڏهن هنن جو قاعدي جو قلم ڏي ڌيان ڇڪايو ويو تڏهن هنن چيو ته سپر ٽيڪس ٻڌڻ لاءِ وهيون ڏيکاريو. دانهون انهيءَ ڪري ٿيون ٿين جو رعيت سان صلاح مصلحت ڪا نه ٿي ڪرڻ ۾ اچي، نوڪر شاهي حڪومت کي خودمختيار اختياريون ملڻ ڪري پرجا سان سختيون ٿيون ٿين، انهن جون اختياريون گهٽجڻ گهرجن.

سيٺ چئنراءِ واپاري...... نه مان انگريزي پڙهيل آهيان نه مان قاعدي مان واقف آهيان، اسين آهيون واپاري اسين آفيسرن جي پاڇي کان پيا ڊڄون، انڪم ٽيڪس آفيسر پليگ کان به وڌيڪ اسان کي ڊيڄاريو آهي، پنجن ستن سالن کان اسان جي اها پڪار آهي، اسان کي اها خبر ڪانهي ته ڇو نه ٿا هيڏن دانهن هوندي ٿا گهٽائن، پڪارن جو نتيجي جو اسان کي خبر ڪا نه ٿا ڏين، انڪم ٽيڪس جي پليگ سنڌ ۾ وڃي ٿي وڌنڌي. شڪارپور ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ بربادي ٿي آهي، اهڙين سختين جي وقت ۾ سرڪار کي اسان سان همدردي ڪرڻ گهرجي، اسان جو شهنشاهه عادل آهي، اسان جون پڪارون هن جي ڪن تاءُ نه ٿيون پهچن، نوڪر شاهي جا حاڪم اسان کي نه ٿا ٻڌن، 31 ڪانگريس به گذري ۽ 8 سنڌ ڪانفرنس به گذري. جهڙي طرح هندستاني بادشاهه کي ايشور موڪيل سمجهندا ٿا اچن تهڙي طرح بادشاهه جي نوڪرن کي گهرجي ته رعيت کي اولاد سمان سمجهي انهن سان هلت ڪن، ماڻهو پليگ ۽ بيمارين ڪري دربدر ٿيا آهن. گهر ڇڏڻ ۽ ڀڄڻ ڪري ڪيڏا نه خرچ ۽ تڪليفون ٿيون آهن، انهي هوندي به انڪم ٽيڪس وهن ٿا ورائيندا، سنڌ واسين تي ڪيتري نه تڪيلف ئي آهي پوءِ به هيڏي وڏا ٽيڪس! انهن ڳالهين مان اسان کي سمجهڻو آهي ته اسان جون پڪارون ڪڏهن ايشور ٻڌي، راجا سلامت جي ڪن تي جڏهن اهي پڪارون اينديون تڏهن اميد ته نورت ٿي وينديون، وچ وارا عملدار ته پاڻ وڃن ٿا سختيون وڌائيندا، ان ۾ اسان جي ماڻهن جو ڏوهه آهن، اسان جي خوشامدرين جو ان ۾ ڏوهه آهي، آفيسرن جي اسين پرجا آهيون، اسان جا ماڻهون لالچ ۾ لاڀ ڪري ڪوڙيون سچيون ڳالهيون ٻڌائي اسان تي سختيون ڪرائين ٿا، اسان جيڪو ڪم کنيو آهي، سو اسين مرني تاءِ نه ڇڏينداسين، مطلب ڪهڙو آهي جو اسان جي ڳالهه دير سان ٿي ٻڌڻ اچي سبب اهو اهي ته ڌرم اسان کان وسري ويو آهي، وشوامتروششٽ مهراچ سان ڌرم يڌ ڪندو هو، وششٽ نياءُ کان پري ڪو نه ٿيو ۽ ان ڪري گهڻا نقصان سٺائين پر وشوامتر کي برهم رشي نه سڏيائين، جنهنڪري وشوامتر اهڙو يوگد ۽ تپ ڪيو جو نيٺ ديوتائين به هن کي برهم رشي سڏيو، پوءِ تڏهن ڪئين نه جي اسين هيترا سڀ موهه ڇڏي آيو تياڳ ڪري ڀارت کي گهر سمجهي ڪوشش ڪنداسين ته ضرور سوڀارا ٿينداسين، ڀارت جي ماڻهن مان گهڻن کي روٽي کائڻ لاءِ ڪانهي، انهن جي لاءِ پنهنجون ڌن ارپن ڪجي ۽ ڀارت جي ڀلي لاءِ تن من ڌن ارپن ڪري سوراج حاصل ڪبو.

 

ٺهراءُ اوڻيهون :سنڌ جي حڪومت ۾ سڌارا

هن ڪانفرنس جي اها پڪي راءِ اهي ته جنهن نموني ۾ سنڌ جو چرخو هينئر هلي ٿو جو سنڌ جي ڪمشنر کي گورنر در اجلاس جون گهڻون ڪري سڀ اختياريون آهن، مگر ڪاروباري ڪائونسل جي مٿس ڪا به نظر نه آهي جنهن ڪري سنڌ جو ڪمشنر ماڻهن جي ضابطي هيٺ بلڪل ڪونهي انهي سرشتي جي ڪري سنڌ ديش گهڻين ڳالهين ۾ پٺتي پيل آهي.

هن ڪانفرنس جو تنهن ڪري رايو آهي ته 1868ع وارو ائڪٽ ۽ ٻيا قاعدا جنهن موجب سنڌ جي ڪمشنر کي مڪاني سرڪار جون اختياريون سونپيل آهن سي سڀ رد ڪيا وڃن ۽ سنڌ جي حڪومت سڌي طرح بمبئي سرڪار جي هيٺ رهي.

هن ڪانفرنس جي راءِ آهي ته جيئن ته هند جو وزير جلدي هندستان جي حڪومت ۾ سڌارن بنسبت رٿ ظاهر ڪرڻ وارو آهي، تنهن ڪري هيٺين ڪاميٽي مقرر ٿي ڪجي جا انهيءَ تي خاص سنڌ جي سڌارن بنسبت ويچار ڪري پنهنجي رپورٽ سنڌ پراونشل ڪانگريس ڪاميٽي ڏي موڪلي جا هڪ خاص سنڌ پراونشل ڪانفرنس ڪوٺا.ئي.

 

ٺهراءُ ويهون: سنڌ جي اخبارن جا ترجما

گذريل بمبئي ڪائونسل جي ميٽنگ سنڌ جي اخبارن جا بمبئي ۾ ترجمن ڪرڻ واري سوال بنسبت جيڪو بمبئي سرڪار جو رخ هو ان تي هن ڪانفرنس کي سخت اعتراض آهي ۽ هن ڪانفرنس جي راءِ آهي ته سنڌي اخبارن مان ترجمن ڪرڻ واسطي بمبئي ۾ جدا بندوبست نه رکڻ لاءِ ڪو به واجبي سبب ڪونهي.

 

ٺهراءُ ايڪيهون: اخبارن تي بندش

هي ڪانفرنس سنڌ ۾ جا عملدارن سنڌ جي قومي اخبارن تي اجائي بندش ڪئي آهي جنهن موجب مڪاني سرڪار رجسٽرڊ لئبررين کي هند واسي، لاڙڪاڻه گزٽ ۽ سنڌ پتريڪا اخبارن گهرائڻ جي منع ڪئي آهي، تنهن تي سخت اعتراض وٺي ٿي، هن ڪانفرنس جي راءِ آهي ته قومي اخبارن تي اها بندش بلڪل بي انصاف جي آهي ۽ عام پبلڪ کي پنهنجن حقن سنڀالڻ لاءِ جو انهن اخبارن دوران پرچار ڪيو وڃي ٿو تنهن ۾ ڄاڻي ٻجهي رنڊڪ ڪري ٿي تنهن ڪري هي ڪانفرنس سرڪار کي زور سان استدعا ڪري ٿي ته مٿيون نمونو يڪدم ڦيرايو وڃي ۽ قومي اخبارن تان بندش لاٿي وڃي.

 

ٺهراءُ ٻاويهون : سوديشي

ڪانفرنس جي راءِ آهي ته سڀ ڪنهن ديش ڀڳت هندواسيءَ جو فرض آهي ته هو سوديشي کي زور وٺائڻ لاءِ هر طرح سرجوشي ڪري، تنهن ڪري هي ڪانفرنس هن پرڳڻي جي سڀني ماڻهن کي استدعا ٿي ڪري ته هو سوديشي شيون ورتائين ۽ جيڪڏهن ائين ڪرڻ ۾ قرباني ڪرڻ ضرور ٿئي ته اها قرباني ڪري به سوديشي اختيار ڪري ٻين جي لاءِ مثال ٿين ۽ جيڪو به وجهه ملين ته وقت به وقت سوديشي جو پرچار ڪندا رهن ۽ هر هڪ شهر يا ڳوٺ ۾ سوديشي ڀنڊار کولڻ جي ڪوشش ڪن.

مسٽر جمشيد مهتا..... هي رٿ ملن سوديشي ڀاشا ۾ چوندس.

ٺهراءُ.... ڀارت واسين کي عرض آهي ته سوديشي کي مدد ڏيڻ ۽ وڌيڪ پئسا خرچي به سوديشي وستو خريد ڪن ۽ ڳوٺڳوٺ ۾ سوديشي شيون واپرائڻ لاءِ پرچار ڪن.

جو هندواسي سوديشي وستو نٿو واپرائي سو ڀارت ڀومي جو گنهگار آهي سوديشي وستو نه واپرائجن ۽ سوراج گهرجي اها کل جي ڳالهه اهي نه رڳو شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پر گهٽيءَ گهٽي ۾ سوديشي وستو وڪرنجن ، هن جي پتر ۽ پتري کي اهو ڏنڊ آهي ته ڏسي ته فقط ديسي سيون گهر ۾ واپرائجن، ڪراچي سوديشي سٽورس جو مان ڊائريڪٽر آهيان، ان بابت مان ڪجهه چوڻ واجب نٿو سمجهان پر پريزيڊنٽ جي حڪم انوسارسان ڪجهه چوان ٿو ته اتي هر ڪا شيءِ ملي سگهي ٿي.

مسٽر هرڪش داس..... مون کي چوڻو ڏاڍو گهڻو هوپر ارمان جو ماڻهن جي لحاظ کان ڳالهائي نٿو سگهان، پريزيڊنٽ صاحب جي تقرير پڙهي ڏاڍو خوش ٿيس ۽ سمجهيم ته سوديشي جي رٿ تي گهڻو ڌيان ڏنو ويندو، سوراج جي گهر تي جيترو ڌيان ڏجي اوترو سوديشي ڏي به لرون، سئي سڳو به اسين پنهنجو نٿا ٺاهي سگهون، اُن ته اسان کي سوديشي آهي پر رنگ وديسي آهي، جيڪڏهن اسين استر وشتر سڀ ديسي پايون ته ڪيڏو نه ڌن اسان کي بچي پوي، مديرن کي گهرجي ته غريبن جي حال تي ڪهل آڻي غريبن جهڙا ڪپڙا لٽا پائين، شاهوڪار سادا ڪپڙا پائين ته سندن پوئلڳ به هنن جو مثال وٺي پنهنجي سور آهر پير ڊگهيرين.

مسٽر سري ڪرشن لولا....... سوديشي واسطي جيترو چئجي اوترو ٿورو آهي، پر تقريرن ڪرڻ جو وقت ڪونهي، هاڻي اسان کي عمل ڪرڻو آهي، سوديشي جي ڪارخانن جي بند ٿيڻ ڪري اسان جي ملڪ جي جيڪا هاڃي ٿي آهي، تنهنجو ويچار ڪريو، اسان جا لکين ماڻهو بک ڪري مرن پيا، جي هوند ڌنڌو ڪندا هجن ۽ کين روزگار هجن ته هو بک ڪين مردن، سوديشي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ به هند واسي ٿيندا نفعو به هند واسين کي ملندو ۽ سڀ پيسو هندستان ۾ ئي رهندو جي هاڻي شيون سٺيون نه ملنديون هجن ته ڇا ٿيو، جيئن مائٽ پنهنجي انڌي منڊي ٻار کي ٻين جي سهڻي ٻار کان وڌيڪ پيار ٿا ڪن تيئن اسان کي به سوديشي وستو پوءِ ڪري ڪنيون هجن سي واپرائڻ گهرجن، هندستان ۾ اسين پاڻ ؛ي ڍل وجهي ديسي شيون ڪتب آڻيون هر هڪ شهر ڳوٺ ۾ ڪيترو به خرچ ڪري ديسي شيون وٺڻ گهرجن، اسي سڀ پئسا اسان جي ملڪ ۾ رهندا ۽ نه ڌارين ملڪن ۾ ويندا، ان ڪري هندستان شاهوڪار ٿيندو ويندو، هاڻي هندستان مان ناڻو پيو ٻاهر وڃي، اسان کي کپي ته ٻين ملڪن وانگر پاڻ تي ڍلون وجهي قربانيون ڪري ديسي شيون تڪليفون سهي ڪتب آڻيون.

مسٽر سنتڊاس...... ستون ڪي اٺون سال ٿيم جو سوديشي جو اکر وات مان ڪو نه ڪڍيم، اٺ سوديشي ڍنگ ۾ توهان جي اڳيان اچي حاضر ٿيو آهيان، هڪ صاحب چيم ته عينڪ وديسي آهي، ان ۾ ڏوهه منهنجو ڪونهي، پر سڀني ڀائرن جو، جو اسين سئي ڌاڳو به ٺاهي نه ٿا سگهون، گذريل سال شڪارپور ڪانفرنس ۾ هڪ ڀاءُ اٿي چيو ته سوديشي ٿيو پر ڪنهن جواب ڪو نه ڏنس، ڪن کي اهو اچي خيال بيٺو آهي ته سوديشي ٿيون پر ڪالرن ۽ ٽاءِ ڇڏيون مان انهن جي برخلاف ڪو نه آهيان، مسٽر آسودومل آڪسفورڊ جو گريجوئيٽ آهي، هن کي گڏيل علائقن جي ٽوپي ۽ پائجاما پيل ها، پڇيومانس ته يار خبر ڏي ته تو ڪئن هي پوشاڪ پاتي آهي، اسين هتي ولايتي پوشاڪون پايون ٿا، هندستان ۾ ڪهڙو نمونو آهي؟ جواب ڏنائين ته ڪورٽن ۾ برابر ولايتي پوشاڪ ٿا پائن، پر شادين مرادين تي هو ديسي پوشاڪ ٿا پائن، هتي مارڪن تي به وديسي پوشاڪ پائين ٿا، ڪراچي جا ماڻهو گهڻا گنهگار آهن، شروع ڪئي حيدرآبادين، ڪي ڀائر ڌوتي تي ڪالر ۽ نيڪٽاءِ پائين، صاحبلوڪن کي انهي تي ڌڪار ٿي اچي، سوديشي جو پرچار ڪرڻ گهرجي ۽ وديسي جو خيال اسان مان نڪرڻ گهرجي، جيڪي شيون سوديشي ملي سگهن سي سوديشي واپرائين ۽ وديشي هرگز نه واپرائن، جيڪي صاحب هتي آهن تن مان ڪي جوان نڪري نروار ٿين ته سوديشي ضرور زور وٺندي، اسان جا مدبر مثال ٿين ته سوديشي زور وٺي مس ويل مون کي چيو ته تازو هڪ ميٽنگ ۾ هڪ واپاري اچي منهنجي پاسي ۾ ويٺو، هن کي ديسي پوشاڪ پيل هئي، مون هنن کي چيو ته اڄ مون سٺي سٺي پوشاڪ پيل ماڻهو ڏٺو، سڀ پاڻ ڏي نهارڻ لڳا.

مسٽر ڀرڳڙي ڪالر نيڪٽاءِ لاهي ڇڏيو آهي، هن جي پيروي ڪريو ته سوديشي زور وٺندي.

مسٽر عبدالرحمان.... توهان جيپنهنجي شفقت جي نظر مون تي رکي آهي، ان ۾ ڪا حڪمت رکيل آهي، منهنجي انگريزي سوٽ کي خوار ڪرڻو هو، مون ۾ ٻه ٽي عيب آهن، مون انهي رٿ تي ڳالهائڻ نه قبول ڪيو، چوي ٿو ته مان سڄو سوديشي آهيان پر جتان لک ٿا چان سا سڀ وديشي آهي، اسان جون زالون توهان کان وڌيڪ سوديشي آهن ورهين کان جنهن ڏينهن کان محمد علي جي ماءُ اهو پرن ڪيو تنهن وقت کان هنن اهو پرن ڪيو، آسٽريا جون شيون ۽ ماچيس هڪدم بند ڪيائون، انهي رٿ کي ٽيڪو ڏيڻ جي ڪپڙا ۽ دلالي ڪن وديسي ڪپڙي جي، ڪيئن پوءِ اسان جون ديسي شيون زور وٺنديون، جي سوديشي جا پريمي آهيو ته سوديسي دڪانن جا حصه خريد ڪريو، مندرن جي پوڄارين کي چئجي ته ٺاڪرن ۽ گرنٿ صاحب کي ديسي وستر پهريائين، ليڊرن کي گهرجي ته تلڪ مهراج ۽ ٻين جو مثال وٺي پيروي ڪن ته عام لوڪ انهن تي هلت ڪندا.

رسائي جو ٺهراءُ تار جي رستي بمبي سرڪار کي موڪلجي، جيئن ڪاميٽي تي خودمختيار ۽ بي ريا ميمبر موڪلجن، سڀا پتي وٽان.

 

ٺهراءُ ٽيوهيون : سوراج جو پرچار

هي ڪانفرنس سڀني ڊسٽرڪٽ ڪانگريس ڪاميٽين سوراج منڊيل ۽ ٻين راجنيتي مجلسن کي عرض ٿي ڪري ته هو سنڌ ديش ۾ سڄو سال سوراج جا متا خوب ڦهلائين ۽ مسٽرڪرٽسجي رٿ کي نندين.

 

ٺهراءُ چويهون :حيدرآباد ميونسپالٽي

حيدرآباد ميونسپالٽي...... مسٽر گوپالداس جهمٽ مل..... مون کي جا رٿ پيش ڪرڻ جو فرمان مليو آهي سا آهي ته گذريل نومبر واري خاص سنڌ پراونشل ڪانفرنس ۾ جوحيدرآباد ميونسپالٽي مموٽي ملڻ جو ٺهراءُ پاس ٿيو، ان بابت بمبئي سرڪار جي بي خبري تي هن ڪانفرنس کي گهڻو عجب ٿو لڳي ۽ هي ڪانفرنس هن ڀيري به وري گهر ٿي ڪري ته حيدرآباد ميونسپالٽي وري جاري ڪرڻ کپي ڇو جو ڪاميٽي آو مئينجمينٽ جو انتظام بلڪل ردي آهي ۽ جي اها اڃا به جاري رهندي ته شهر جي ماڻهن کي مان نقصان ٿيندو.

ڀائرو....... مان انهي ڪم نصيب شهر جو رهواسي آهيان، جنهن تي اها مصيبت نازل آهي، حيدرآباد ميونسپالٽي ڪيئن سسپينڊ هئي، سا جهوٽي ڪمائي آهي، ميونسپالٽي جي گڏي به سرڪار کيس ورتي آهي، ستن قيمتن تي سرڪار جواب گهريا، جڏهن سرڪار کي پورو ۽ چوکو جواب مليو، تڏهن چوڻ لڳا ته اهي ڳالهيون ٺهيون ته توهان ۾ پورو ضابطو ڪونهي ۽ حڪم ڪڍيائون ته يا ميونسپل ڪمشنر قبول ڪريو يا توهان کي موقوف ڪبو، شاباس هجين جو هنن ڊيڍ ڪو ڪم ڪو نه ڪيو، پوءِ سرڪار هنن کي سسپينڊ ڪري ڪاميٽي مقرر ڪئي، جڏهن ڪاميٽي آئي ته ان ڪنهن به قسم جو ٻوٽو ڪو نه ٻاريو، ٽي ديسي ميمبر هوا ۽ ٽي گورا عملدار هئا، اٺن مهينن کان پوءِ ميونسپل ڪمشنر مقرر ٿيو، چوڻي آهي ته جهڙي بيبي فاطما تهڙو صابو لنڊ، حيدرآباد ۾ گهٽين ۾ ڪرفتي جو چار فوٽ گند هو، صفائي اصل ڪا نه ٿي، شمعدانن ۾ اڳريون لڳل آهن، پاڻي جو ڏڪر پئجي ويو، جي شهر جا وانٽيئر پاڻي نه پهچائين ته جيڪر پاڻي جي اڻاٺ ڪري ماڻهو مري وڃن ها، ان وچ ۾ ويا ڍلون وڌائيندا، اسان پڪاريو پر سرڪار ڌيان ڪو نه ڏنو، گورا اسان عملدارن کي ڇترا سمجهندا آهن، آهي به ائين، وڏو لمبو عريضو موڪليوسين، ان جو جواب ندا رد، مسٽر ڀرڳڙي رٿ پيش ڪئي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾، اهو به بند، سوال پڇڻ نه ڏنائون، اسپيشل ڪانفرنس ۾ هي رٿپيش ٿي ۽ ٺهراءُ پريزيڊنٽ جي صحيح وٺي گورنر صاحب کي موڪليو، آنربل مسٽر هرچند راءِ ان بابت سوال پڇيو، جواب مليس ته اهو ٺهراءُ اسان کي مليو ئي ڪين، چوڪ اها ٿي جو اسان اهو ٺهراءُ بمبئي سرڪار کي نه موڪليو پر گورنر صاحب کي انهي اميد تي هو تدارڪ ڪندو، ٻورن جي ڪار آهي.

مکي ڄيٺانند....... هي رٿ سڄي سنڌ سان تعلق رکي ٿي، ميونسپالٽي سرڪار جون پئي ڳالهيون قبول نه ڪيون!، هائوس ٽيڪس ۽ ميونسپل ڪمشنر، سنڌ جي حاڪمن جي اها خواهش ئي آهي ته هائوس ٽيڪس وجهجي، مسٽر بئرو اوچتو ميونسپل آفيس تي ڪاهي آيو ۽ دفتر تسپا سارائي کڻائي ويو ۽ سرڪار کي رپورٽ ڪيائين، اسان چارجن جو جواب ڏنو جو سرڪار کي بلڪل واجبي ڏسڻ ۾ آيو پر پنهنجي ڳالهه مٿي ڪرڻ لاءِ اسان کي لکيائون ته ميونسپل ڪمشنر ۽ هائوس ٽيڪس قبول ڪريو، ووٽرن سان صلاحون ڪيائون جن اهي جينون قبول نه ڪيون، سرڪار ڪاميٽي مقرر ڪئي، چارجون ڪاميٽي تي وڌيڪ رکي سگهون، روشني رستا ڇنڪار صفائي اصل ڪانهي، ميونسپل ڪمشنر رستا وڃي ٿو گهٽائيندو ۽ ٽيهن فوٽن واري رستي جي بدران 15 فوٽن ۾ مرمت ٿئي ٿي، اخبارن ڪالم ڪارا ڪيا، مسٽر ڀرڳڙي رٿ پيش ڪئي پر ڪجهه ڪين وريو، نيٺ عام ميٽنگ ڪري سرڪار کي عريضي ڪئي وئي ته گندگي وڌي وئي موت وڌيو آهي، ڄم گهٽيو آهي، تنهنڪري هڪ ڏينهن به ڪاميٽي وڌيڪ نه ٿئي ۽ ميونسپالٽي موٽي ملي.

 

ٺهراءُ پنجويهون : نظر بند سنڌين جي بند خلاصي

هي ڪانفرنس سرڪار کي گهڻي قدر ذهن نشين ٿي ڪرائي ته جيڪي به سنڌي هند جي بچاءُ جي ايڪٽ يا ٻين ايڪٽن هيٺ نظر آهن، جن جي آزادگي مان عام خلقت يا هند سرڪار جي سلامتيءَ کي ڪو دپ ڪونهي تن کي جلد آزادگي بخش ٿيڻي ۽ جيستائي هنن کي آزدگي نصيب ٿئي، تيستائين هنن جي پرورش جو پورو بندوبست ڪيو وڃي، خصوص انهن جو جن لاءِ اهڙو بندوبست اڃان تائين نه ڪيل آهي.

ڊاڪٽرچوئٿرام....... نظر بندي جو قاعدو بنگال ۾ گهڻو آهي، پر سنڌ سان لاڳو ڪيو ويو آهي، پروفيسر جوهر مل منهنجو ذاتي دوست آهي، هو ويو ٿي ولايت ۾ پڙهڻ پر جنگ لڳڻ ڪري هو جاپان ۾ ويو جتان ڪماگاما ۾ موٽيو جتي گوڙ ٿيو۽ پروفيسر کي بند ڪري ويا، نظر بند ٿيلن سان نياءُ ڪونهي، پروفيسر جي پيءُ ڏاڍي ڪوشش ڪئي هن کي جواب مليو ته ڪوجي جو ڪائونسل چوي ٿو ته تنهنجو پٽ خوفناڪ ماڻهو آهي جنهن پڻس کي لکيو ته مون کي خبر ڪانهي، پر هن کي هڪ هندستاني چيو ته هي خوفناڪ آهي، چئبو آهي ته فلاڻي جي پڳ ۾ اٺ مڻ، عملدارن جي لغز ۾ اٺ آهي، نظر بندين کي ننڍڙي ڪوٺي ۾ رکندا آهن، ڪو کين پڇي به ڪو نه، ٽي چار مهينا گذري وڃن ته خبر ڪا نه اچي وڃي، وڃي روز اسٽيشن تي بيهي ته من منهنجو پٽ ڇٽي ڪيترا بنگالي چريا ٿي پيا آهن، ٽي چار ڏينهن ٿيا ته هن کي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ وٽ وٺي ويا، هن چيو ته مون ڪو به ڏوهه ڪو نه ڪيو آهي، تنهنڪري مان ڪو به ضامن ڪو نه ڏيندس، هن اڳي به ائين چيو هو، هن جي مائٽن وٽان ڪالهه تار آئي آهي ته هو اڃا ڪين ڇٽو آهي، قبول ڪري ڪجي ته هن ڏوهه ڪيو هجي ته به ڪا حد هجي، سنڌوبالا ٻن ديوين جي نظر بندي جي مچا، وڏا دان ڪن ته مس اها مچا لهين، هڪ جي بدران ٻن کي پڪڙيائون هنن کي پيري پنڌ وٺي ويا، اسٽيشن تي ۽ 15 ڏينهن جيل ۾ هيون، سرڪار نامدار چوي ٿي ته چوڪ ٿي وئي Eroor of judgment اري توهان جي فتويٰ ۾ ٻار هوئي پٿر پيا آهن، پنڌ جو ڪرايو گاڏيون، ڍڳن جون نه مليون، سرڪار مزي جهڙا جواب ڏنا آهن، بنگالي اخبارون پڙهو ته توهان جو رت ٽهڪي ته ڪيئن ڪنيا ٿئي ٿو، جي سرڪار چاهي ته نياءُ ۽ ڌرم تي ڪم هلي ۽ اسان مان ناراضپو نڪري ته انهن نظربندين کي ڇڏيو، ڀارت ورس ڇو بند آهي؟ هنن کي آزادگي ڏيو ته ڪو به هند واسي سرڪار جي برخلاف نه ٿيندو، اسين سرڪار کي چتايون ٿا، هندستان جي گرمي ڪري توهان جو Temperature وڌي ٿي وڃي، برف ذرو رکي انصاف ڪريو.

مسٽر محمد خان ....... هي رٿ بلڪل درد انگيز آهي، پليگ ۾ ڪيترا ماڻهو مرن ٿا، چڱن خرابن جي بيماري کي شناخت ڪا نه ٿي پوي، بم گولن جي به اها حالت آهي، هند جي بچاءُ اڪٽ جي به اها حالت، هزارين نوجوان بنا دريافت قيدرکڻ نياءُ جي ورڌ آهي، عملدار ڪو به خيال ڪو نه ٿا ڪن، هندستان جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تاءُ شور ٿيو آهي، جيڪي ڏوهي آهن ته انهن تي ڪو نه ٿا عدالتي ڪورٽن ۾ مقدمو هلائي انهن کي سزا ڏين جي مٿن ڏوهه ثابت ٿين جي توهين ڀانيو ته هي اسان جا ڀائر آزاد ٿين ته پنهنجي بازن سان ڪم ڪريو، هي رٿ اسان جو علاج نه اهي، ان کان وڌيڪ اسان کي کپيان هندستان سان ڪنياءُ آهي، خوشامند ريا ٽٽون آزاد ٿين ۽ راجڀڳت قيد ڪاٽين اها ڳالهه عجب جي، آئرلنڊ ۾ ماڻهن سرڪار جي برخلاف فساد ڪيا لڙائي ڪيائون ڪن کي ڦاسي آئي ٻين کي قيد ڪيائون، انهن سڀني کي آزادگي ملي، پوءِ تڏهن ڇو نه هند واسين کي به آزادگي ٿا ڏين،

ڪن وزير اعظمکي قتل ڪرڻ جو منصوبو ڪيو، مسٽر لاايڊ جارج جي چوڻ تي هن ڏوهي کي معافي ملي، پر هندستان ۾ جي ڏوهين کي قيد ۾ رکيويٺا آهن ۽ هنن کي معافي ڪا نه ٿا ڏين، ان مان ڪجهه ڪين ورندو، پروفيسر جوهر مل جو اهو ڏوهه هو جو هن چيو ته هن گاڏي ۾ مان نه ويندس، پر ٻي گاڏيءَ ۾ ويندس، ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ هن کي جيل ۾ موڪليو، نهايت شوڪ جي ڳالهه آهي، مسٽر عبدل مجيد نهايت نيڪ انسان آهي، هو منهنجو دوست اهي، مولوي محمد صادق مولويآهي، لوڪن کي مذهبي تعليم ڏيندو هو، سرڪار هن کي قيد ڪيو، مسلمانن جي مذهبي معاملات ۾ سرڪار کي وچ ۾ پوڻ نه جڳائي، اي گوري شاهي لطف جي نظر ڪريو، ڪڏهن هي بيداد ختم ٿيندو.

 

ٺهراءُ ڇهويهون : لوڪمانيه تلڪ ۽ سريجت بڇن چندريال

هي ڪانفرنس بلڪل سخت اعتراض ٿي وٺي جو لوڪمانيه تلڪ ۽ سريجت بپن چندر پال کي پنجاب ۽ دهلي جي سرڪارين پنهنجن حدن اندر اچڻ کان روڪڻ جو حڪم اڃان رنڊڪون ڪيو آهي.

مسٽر هرچندراءِ..... اسين ڀاڳوار آهيون جو اسان اهو سڀاپتي چونڊ جو اسين ڪراچي وارا خوش آهيون، جو توهان جي صلاح تي اسان هن صاحب کي چونڊيو، هن کان بهتر ٻي ڪا به چونڊ ڪا نه ٿي ها، هو صاحب دولت آهي سڀ وقت بچائي ڪانفرنس جي تهل لاءِ آيو آهي، تڪليف وٺي هيڏي تقرير ٺاهي اٿس، اڳي اهڙي قابل ۽ وديا وان ايڊريس ڪا نه ٿي هوندي، ڪانگريس جي پريزيڊنٽي کان سنڌ جي ڪانفرنس جي پريزيڊنٽي وڌيڪ آهي، هن باقابليت ۽ با فضيلت ۽ باسياقت پريزيدنٽي هلائڻ جو ڪم ڪيوآهي، جن اهو ڪم هلائيو هوندو، تن کي ان جي مشڪلاتن جي خبر هوندي، ٻئي ڪل رکڻ عقل جو ڪم آهي، جتي ڏٺو اٿس ته ڳالهائيندڙ چاتر مسٽر ڄيٺمل جهڙو آهي، تتي ڪلاڪ ڪلاڪ به خرچو ڏنو اٿس، ٻين هنڌڳالهائيندڙن کي روڪ ڪئي اٿس، مان تمام خوش آهيان جو هن کي وجهه مليو آهي ته مان اها رٿ شروع ڪريان.

مسٽر ڀرڳڙي... نهايت مون کي خوشي آهي جو مون کي ڳالهائڻ جو وجهه مليو آهي، شڪارپور ڪانفرنس ۾ هڪ مثال ڪري مان مسٽر مرليڌر ٿي موهت ٿي پيس، مستر بپن چدرپال کي تار وئي، پوءِ روڪ ٿي، ڪليڪٽر ستو پيو هو، هي صاحب پنهنجي باغ ۾ رهڻ لاءِ پارٽي ڏيڻ لاءِ، تقرير ڏيڻ لاءِ تيار و سدا آهي، انهي کان پوءِ ٻي ڪهڙي خودمختياري آهي، ان وقت کان وٺي مان مٿس عاشق آهيان، اهڙي دلير پليگ وقت غريبن جي ٽهل تڪليف وقت هنن سان همراهه ٿيڻ ڪري منهنجيدل وڌيڪ هن ڏانهن موهت ٿي، اهو پهاڪو آهي ته چڱي ماڻهوءَ جو ڳوٺ ۾ قدر نه ٿيندو آهي، شڪارپوري هن تان فدا ٿا ٿين، اهڙو صاحب ڪانفرنس جو مهندار ٿئي سا وڏي خوشي جي ڳالهه آهي، شل خدا تعاليٰ هن کي وڏي حياتي بخشي ۽ همت ڏئي جو هو اهو ڪم اڃان به وڌيڪ ڪري.

سيٺ چيلارام دلومل....... هن وقت جيڪا مون کي رٿ ترجيح ڪرڻي آهي، انهي ڪري مان پاڻ کي ڀاڳوان ٿو سمجهان جو پرش پنهنجي لوڪ جي انتي ڪندو سو ديو چئبو، خيال هوم ته هن ديوتا جو اسٽيشن تي وڃي درشن ڪريان. اڄ کان وٺي هن کي مرليڌر ديو چئبو، هن ڇا ڪيو آهي، ساهه تري تي کڻي غريبن جي ٽهل ڪئي، اهو ديو سرير سان جي ڪانفرنس جو پريزيڊنٽ ٿئي، اها خوشي جي ڳالهه آهي، مان توهان جي پاران هن کي مبارڪ ٿو ڏيان.

مسٽر جمشيد مهتا........ جو سڀا پتي اسان جهڙو آدمي آهي جو اسان جي ردي ۾ آهي، ان جي ساراهه ڪهڙي ڪجي.

ڊاڪٽر چوئٿرام....... مهربان سڀا پتي جي جنهن ڪم اهڙو چڱو ڪيو، منهنجو چوڻ جو شيلو اهو آهي ته سيٺ چيلا رام جي چوڻ موجب ديو پريزيڊنٽ آهي، شاهي نوڪري جي پيلگ نورت ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ ٻارهن مهينا گهمي ڪم ڪري اڳيان پريزيڊنٽ ۽ توهين به ان ۾ مدد ڏيندا ته قصوآسان آهي.

مسٽر هرچند راءِ........ ان رٿ کي يڪراٰءِ ٿي پاس ڪريو ۽ ٽي دفعه اٿي هي ٽي دفعا بندي ماترم پڪاريو.

اتي 3 دفعه بندي ماترم بلند آواز ۾ سڀني اٿي هي پڪاريو.

مسٽر مرليڌر...... اڄ هي پنجين ڪانفرنس ختم ٿي آهي، اتڪل ساڍا چار سو ڪي پنج سو ڊيليگيٽ هن ڪانفرنس ۾ آيا آهن، ملن ڪيئن توهان جي شڪر گزاري ظاهر ڪريان ان ۾ مون کي لفظ ڪين ٿا ملي سگهن، شڪارپور مان نڪرڻ وقت مکيه اسٽيشن تي هندن ۽ مسلمانن مون تي نهايت مهرباني ڪئي آهي، ڪراچي ڇلوڻي کان وٺي سٽي اسٽيشن تي ۽ هر وقت مون تي مهرباني جا پئي ڪئي اٿو سا ڪيئن ورنن ڪريان جي مون کي مسٽر لوڪامل يا مسٽر ڄيٺمل يا مسٽر ويرومل يا سيٺ هرچندراءِ جهڙي شيرين زباني هجي ته به توهان جي مهرباني جي سوين پتي به ظاهر ڪري ڪين سگهندس، سرڪار وڏي م وڏي مون کي عزت ڏئي اها مان توهان جي مان جي اڳيان تڇ ٿو سمجهان، مان توهان کي وچن ٿو ڏيان ته مان سڄي عمر ملڪ جي سيوا ڪندو رهندس، پنهنجو تن من ڌن ديس سيوا ۾ ارپن ڪندس، مون جيڪو تڇ ڪم ڪيو آهي سو ڪجهه ڪين آهي، مان شڪارپوري آهيان اها ڳالهه منهنجي لاءِ فخر آهي، شڪارپور جهڙا ڀائر هجن ته ان تي جلد ٿئي، جنهن جنهن شهر ۾ ڌن من ڌن جي مدد گهرجي ته منهنجا شڪارپوري ڀائر ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندا. (مبارڪ هجي شڪارپورين کي) مرحبا ڪاميٽي جي چيئرمين صاحب مسٽر در چند راءِ ۽ ٻين ميمبرن ۽ سيڪريٽريبن هن ڪانفرنس جي ڪم ۾ سرجوشي سان ڪم ڪيو آهي، تنهن لاءِ مان توهان جي پاران هن جي شڪر گذاري ٿو ڪريان. پنڊال جو ڪم ٺيڪيدارن ڪنهن به عيوض وٺڻ جي ديس سيوا ڪئي آهي، جنهن لاءِ اسين سندن نهايت شڪر گذار آهيون، اسان جا نوجوان، جن کي هندستان جي سولجر وزير ۽ ڪاروبار هلائڻ جو ڪم ڪرڻو آهي، انهن والينٽرن ۽ انهن جي ڪپٽان مسٽر ٽيڪمداس واڌو مل جنهن جو منهن سدائين پيو کلي جو آڌي سانجهي خوشي سان ڪو به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، انهن جي ڪهڙي ساراهه ڪريان، جيڪي والينٽيئر مون وٽ رهيا آهن تنهن جي ڪهڙي شڪرگذاري ڪريان جي والينٽيئر مون وٽ رهيا آهن تن جي ڪهڙي شڪر گذاري ڪريان جي والينٽيئر ڪراچي ۾ منهنجا باڊي گارڊ ٿيا آهن تن جي مان شڪر گذاري ٿو ڪريان. نيشنل ڪاليج جا شاگرد سندن ماستر مسٽر جيمٽ مل جو نهايت شڪر گذار آهيان. مسٽر جهمٽ مل لشڪر جو مهندار ٿئي، انهي مان ديش جي انتي جي گهڻي اميد رکي ٿي سگهجي، ڊاڪٽر چوئٿرام سان مان شامل راءِ آهيان ته ٻه ٽي ڏينهن رٿون پاس ڪري وڃي گهر ۾ آرام ڪريون پر جيڪي ٻڌون ۽ ٺهراءُ ڪريون تن جي پيروي پاڻ به ڪريون ۽ ٻين کي عرض ڪريون ته ان جي پيروي ڪن، اسان کي کپي ته غريبن جي شيوا ڪريون، اسان جو ڪمآهي ته ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ جي ڀائر رهن ٿا تن کي سڌاري پاڻ جهڙو ڪريون، انهن کي سڌاريون، اسين ته سوراج جلد حاصل ڪري سگهنداسين، هنن کي علم ڏيون ۽ پاڻ جهڙا ڪريون ته هو ديش جي هل چل مان واقف ٿيندا ۽ اسان جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندا، اسان جا ڀائر آهن، اسان جو ڪم اهي هنن کي مدد ڪرڻ، اميد به ڪريان توهين انهي ڪم ۾ مدد ڪندا ۽ مان به توهان سان ان ڪم ۾ مددگار رهندس، مان توهان کي وينتي ٿو ڪريان ته اٿي بيهي ايشور کي آرڌنا ڪريون ته هي ايشور اسان کي اهو ٻل ڏي ته اسين سوراج حاصل ڪريون آزادگي جا خيال ڀائرن ۾ وجهون ۽ سڀني کي هڪ جهڙو سمجهي ساڻ ڀائتي جي هلت ڪريون، پڇاري ۾ وري به مان توهان جي شڪر گذاري ٿو ڪريان ۽ جيڪا تڪليف توهان کي ٿي هجي ان لاءِ توهان جا تهدل ٿوڙا ٿو مڃان.

 

ڪانفرنس جا عهديدار

پريزيڊنٽ : مسٽر مرليڌر جيرامداس

چيئرمين : آنربل مسٽر هرچندراءِ وشنداس

جنرل سيڪريٽري : مسٽر درگداس بي آڏواڻي

جوائنٽ سيڪريٽري : مسٽر ڌيپچند جانڊومل، مسٽر ٽيڪمداس واڌو مل، مسٽر آرسڪي سڌوا، مسٽر آسودومل ريواجند

خزانچي : مسٽر لوڪا مل جيلارا

ڪپٽان ل مسٽر ٽيڪمداس واڌو مل بار. ائٽ لا.

 

ڊيليگيٽن جو وچور

ڪراچي ضلعي مان 197، حيدرآباد ضلعي مان 81، ٿرپارڪر ضلعي مان 2، نواب شاهه ضلعي مان 1، لاڙڪاڻي ضلعي مان 16، شڪارپور ضلعي مان 136، ڪوئيٽا مان 3، جيڪب آباد ضلعي مان 16. ٽوٽل 451.

The material/data/information can be provided on request

Menu
Go to top