ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 (تو بن جاني! هيءَ جهان)

”امن پيار اتحاد جي، آءٌ ته بڻايون ايجنڊا سائين!“

نئين سال اسان جي ڄمار ۾ تازو پير پاتو آهي. دنيا جهان جي ماڻهن پنهنجي پنهنجي روايتن سان ان جو آڌرڀاءُ ڪيو. ڪن اڌ رات جو اڀ ڏاريندڙ گولين جا ٺڪاءَ ڪڍيا، ته ڪن ماڻهن اهو سوچيو ته نئين سال اچڻ سان هو ڄمار ۾ ته وڏا ٿي ويا، ليڪن عمر مان انهن جو هڪ سال گهٽجي ويو. نئون سال آيو آهي ۽ اهو به ماضيءَ جي هزارها سالن جيان گذري ويندو. پر باشعور قومون اهڙن موقعن تي پنهنجي گذريل سال جي ڪارڪردگيءَ تي نظر وجهنديون آهن ۽ نئين سال جي ايجنڊا مرتب ڪنديون آهن.

اسان گذريل سال ڪيئن گذاريو؟ هر ڪا ادبي، سماجي، ثقافتي ۽ سياسي ڌر پنهنجي پنهنجي حوالي سان مثبت نتيجن ۽ ڪارنامن جي دعويٰ ڪندي، پر جڏهن اسان اخبارن جا ورق ورائي سنڌ واسين جي اجتماعي ڪاوشن ۽ ڪارنامن جو وچور ٺاهينداسين ته ان ۾ سياسي ڌرين طرفان ڌرڻن ۽ جلوسن، ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن طرفان ڪانفرنسن ۽ ڪچهرين، سماجي تنظيمن طرفان سيمينارن ۽ ورڪشاپن جي ڀرمار نظر ايندي. وڏن هوٽلن ۽ هنڌن تي بيٺڪون ۽ چوواٽن تي ڌرڻن مان قوم جا ڪهڙا مسئلا حل ٿيا؟ ڪا بک ۽ بيروزگاري ختم ٿي؟ ڪو ڏاڍ ۽ ڏمر جو خاتمو ٿيو؟ ڪي جهالت جا در بند ٿيا؟ ڪاروڪاريءَ جي روپ ۾ نوجوانن کي مارڻ واريءَ روايت ۾ ڪا ڪمي آئي؟ ڪنهن پير فقير وڃي مريدن معتقدن جا اڱڻ ٻهاريا؟ ڪنهن وڏيري پنهنجي فصل جو وڏو حصو وڃي ڪو غريبن ۾ ورهايو؟ ڪنهن ڪاموري عريضيدارن کي گهر ويٺي سندن عرضن گذارشن جو تدارڪ ڪيو؟ ڪڏهن به نه ۽ ڪٿي به نه! البته شخصيت پرستيءَ جون بي مثال روايتون قائم ٿيون. لاشن تي سياست به جام ٿي ته نظرياتي تبليغ جا واهڙ به وهي هليا. اسلام کان اڳ ڪعبي ۾ شايد ايترا بت نه هوندا. جيترا اسان پنهنجي سنڌ ۾ جوڙي رکيا آهن. هر ڪنهن سياسي ڌر جو پنهنجو بت آهي. ڀلي ته انهن بتن جا قبرن ۾ هڏا به ڳري ويا هجن، پر اهي جنن ۽ ڀوتن جيان اسان جي ذهنن ۾ ائين ته واسو ڪري ويٺا آهن جو انهن خلاف سوچڻ ۽ چوڻ به اسان جا ٻئي جهان خراب ڪري سگهي ٿو.

منهنجي خيال ۾ اسان جي پوڙهن توڙي جوانن، مردن توڙي عورتن جي وڏيءَ اڪثريت پنهنجو قيمتي وقت فيس بوڪ، لنڪنڊن، گوگل ۽ ڪنهن نه ڪنهن  ٻئي انٽرنيٽ گروپ تي ڏنو هوندو. نه ته اسان مان ڪنهن انٽرنيٽ جو ڪو اهڙو ميڪنيزم تيار ڪيو ۽ نه وري پنهنجي اجتماعي ۽ قومي مسئلن ۽ مونجهارن تي سوچي ڪو مستند ڊاڪيومينٽ جوڙي دنيا جهان جو پنهنجي سورن جي مذڪورن ڏانهن توجهه ڇڪرايو.  اسان ٻوليءَ، تاريخ ۽ ثقافت جي حوالي سان ڪي بين الاقوامي حيثيت ۽ اهميت وارا ادارا ته قائم ڪو نه ڪيا، البته ايڪڙ ٻيڪڙ موجوده ادارن کي غير فعال بڻائڻ يا منڍي مٽ ڪرڻ کي قومي قرض ۽ فرض ڄاڻي ڪات ڪهاڙا تيز ضرور ڪياسين.

اسان جي ائين اجتماعي ڀينگ ان ڪري ٿي ٿئي جو اسان فرد سازيءَ تي ڪو توجهه نه ٿا ڏيون. اسان مان هر ڪو جهڙوڪ اڌورو ۽ اڻپورو آهي. هر ڪنهن کي پاڻ ٺاهڻ ۽ مڃرائڻ جي ڳڻتي آهي، ليڪن پاڻ سنوارڻ جي ڪانهي. ڪيترا استاد آهن جو دل جي حضور، سچائيءَ ۽ قومي قرض لاهڻ لاءِ اسڪولن ۽ تعليمي ادارن تي پورو وقت ۽ توجهه ڏين ٿا ۽ ٻار پڙهائين ٿا؟ ڪيترا ڊاڪٽر آهن جيڪي پورو وقت سرڪاري اسپتالن کي ڏئي مريضن ۽ سندن دوا درمل جو خيال رکن ٿا؟ اسان مان هرڪو آهي جيڪو چاهي ٿو ته سرڪاري نوڪري ملي. پر جڏهن نوڪري ملي ته ملازمت اسان جا دشمن ڪن. ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. بس فقط مفت ۾ پگهار کڻڻ جو اونو هوندو.

ڇا اسان جي دانشورن ۽ مدبرن جي اها ايجنڊا ڪانهي ته اسان جي سوچن کي بدلائن ۽ اهو احساس ڏيارين ته ”سرڪاري ملازمت“ ئي زندگيءَ جو مقصد نه هجڻ گهرجي. اها به ته هڪ غلامي آهي ۽ اسان پاڻ ان جا عاشق ڇو ٿي پيا آهيون؟ ڇا هنر، تجارت، واپار، مزدوري ڪي انساني عيب آهن؟ اسان کا ڇو وساريو ويو آهي ته ”پورهيت الله جو يار ٿيندو آهي“  ۽ ”نيچ نوڪري، اتم کيتي ۽ واپار وڌندڙ ٿيندو آهي“.

ڪاش! هن سال اهو اسان جي ايجنڊا ۾ هجي ته ٻين کي نه به، پر پاڻ کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ کي اوليت ۽ اهميت ڏيون، اسان پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ نفرت ۽ وير کي جڳهه نه ڏيون، ايثار ۽ قرباني ۾  مثال قائم ڪيون. ماروئڙن ۽ سانگيئڙن سان محبتون، نسبتون ۽ رغبتون رکون. معاف ڪرڻ ۽ درگذر ڪرڻ کي شيوه بڻايون. امن ۽ اتحاد قائم ڪيون، ٻين جا پير نه ڪڍون، پر سندن سهارو ٿيون. ڀلي ڪو جهاز يا راڪيٽ نه ٺاهيون، ڪي اڏرندڙ کٽوليون نه ٺاهيون، ڪا سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڪو ڪارنامو سرانجام نه ڏيون، پر پاڻ کي سنواريون.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

 

Website: www.drpathan.com

Good Wishes