ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 (تو بن جاني! هيءَ جهان)

”هيءَ همسري ۽ هيءَ برابري“

سنڌ جي سماجي ۽ فڪري مسئلن مان هڪ هيءَ به آهي ته اسان سنڌي انهيءَ احساس ڪمتريءَ ۾ ورتل آهيون ته ٻيا ماڻهو، يعني غير سنڌي اسان کي پاڻ جهڙو سمجهن ئي ڪو نه ٿا. سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي ئي نتيجي ۾ ئي، پر اسلام منظم نموني سان سنڌ ۾ اڳ اثرانداز ٿيو ۽ پوءِ  هند ۽ ٻين هنڌن تائين پهتو. پر اڄڪلهه سنڌين کي اهو تاثر ملي ٿو ته هي ڄڻڪه اسلام کان ڪوهين دور آهن. سنڌي مهمانوازيءَ جا ماضي قريب ۾ اهڙا مثال قائم ڪيا جو سرحد تي ڏتڙجي پهتل پناهگيرن کي سنڌ ۾ پير پائڻ کان اڳ پنهنجي دلِينِ ۽ ڀت جي ديڳين سان آجيان ڪيائون. ليڪن هاڻي اهو تاثر ڏنو وڃي ٿو ته سنڌي جهڙوڪ اصل کان سڃا بکيا هئا. سنڌ پهريون صوبو هئو، جنهن جي اسيمبليءَ 1943 ۾ پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو. پوءِ کڻي انهيءَ ٺهراءَ پاس ڪرڻ ۾ سياست ڪئي وئي جو ڪانگريسي ميمبرن موجود ڪو نه هئا ۽ ميدان صاف هئو ۽ سائين جي ايم سيد پاڪستان جي اهڙي ته زوردار وڪالت ڪئي، جو اهو خواب خيال مان مٽجي حقيقت بڻجي پيو. هاڻي پاڻ کي اهو تاثر ملي ٿو ته سنڌي آهن ئي سنڌوديشي ۽ پاڪستان جا دشمن. کين پاڪستان تحريڪ جي تاريخ جي ورقن ۾ ڪيترا محقق  نه لکن ٿا ۽ نه وري ليکن ٿا. پوءِ ڇو نه جيڪڏهن مسلم ليگ ٺهي ته ان جو باني صدر سنڌ ۾ پئدا ٿيندڙ آغا خان ٿيو ۽ ان جو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آخري صدر به سنڌي يعني محمد علي جناح ٿيو. عربي ادب پڙهو، ان ۾ اوهان کي امام اوزاعي، ابو معشر ۽ ابوعطا جهڙا برجستا عالم نظر ايندا، اهي سنڌي هئا. هفت زبان شاعر اسان ئي پيدا ڪيا. پر اسان کي پوءِ به ڄٽ ۽ جاهل ڄاتو ۽ چيو وڃي ٿو.

 خارجي طور تي اسان جو اهو حشر آهي جو ڪو مڃڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي. اسان جهڙوڪ هنن لاءِ جيئرا جاڳندا وجود نه، پر ڪي پاڇا هجون. پر هن ۾ مايوس ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ڪانهي. سج آهي ۽ هوندو، ڪو مڃي نه مڃي. ڌرتي آهي ۽ هوندي، ڪو قبولي يا نه قبولي. سنڌ ۽ سنڌي آهن، ۽ قيامت تائين رهندا. نه سنڌ کي خطرو آهي ۽ نه وري سنڌين کي.

ڌاريا ۽ غير سنڌي ته اسان سان ائين ڪن ٿا،  انهن تي ڪهڙي ميار؟ ٿيا جو ڌاريا. پر اسان جو ته پنهنجن ئي مُٺ ۾ ساهه ڏئي ڇڏيو آهي. هتي به ته پنهنجو تريءَ تيل ئي نه ٿو لڳي. ڪنهن کي ڪهڙي مجال جو ڪنهن سان همسري ڪري؟ ڪو اڻپورو ۽ اڌورو پير سائين هوندو ته مجال ڪنهن مريد جي جو هن سان همسري ڪري؟ ڪو نالي ماتر وڏيرو هوندو ته به ست سيرو هوندو ۽ مجال ڪنهن عوامي ۽ عام ماڻهوءَ جي هن جي اڳيان ڪنهن ڪٽ يا ڪرسيءَ تي ويهي. ڪو به ڀلي ڪنئين کاڌو ڪامورو هجي، پر پوءِ به ايترو بااختيار هوندو جو چڱي ڀلي کي نڪ ۾ دم ڏئي ڇڏيندو.

طبقاتي ۽ ڪامورا شاهي نظام ۾ ائين ئي ٿيندو ۽ جيڪو همسري ڪندو، سو پنهنجو پٽڪو لهرائيندو. پر هن ذهني ۽ فڪري مت-ڀيد کي ڇا چئجي جو سنڌي سنڌيءَ کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ ڪنهن چڱي ڀلي کي همسريءَ ڪرڻ جو خيال ڪرڻ به هن لاءِ ڏوهه بڻجي وڃي ٿو.

اسان جي معاشري ۾ همسريءَ واري مت-ڀيد جو هڪ ٻيو قسم به آهي جيڪو هاڻي بي پاڙيءَ ول جيان اسان جي فڪري ۽ نظرياتي وجودن کي وڪوڙي چڪو آهي. اهو پيڙهيءَ- وڇوٽيءَ جو اثر ناهي، پر علم پڙهي جاهل ٿيڻ جو روپ آهي. ڪو ماڻهو جيترو ڄمار ۾ وڏو آهي، ان جو مشاهدو ۽ تجربو هر حال ۾ کائنس ننڍي عمر واري کان وڏو ۽ وڌيڪ ٿئي ٿو. پر اسان وٽ ائين ناهي، جيڪو آني ۾ ڦٽي نڪري ٿو، اهو ڄمندي ڄام آهي، علم ۾ اڪابر ۽ عقل ۾ باقي ماڻهن کان مٿي ٿو پاڻ کي سمجهي.

چوندا آهن ته ٻه مولوي ڀائر هئا. انهن مان هڪ گذاري ويو ته سندس ڀاءُ هن جي اولاد تي شفقت جو هٿ رکيو. ڇوڪرا پڙهي جوان ٿيا ۽ پنهنجي پيءُ ۽ چاچي جيان مولوي به ٿي ويا. جنهن ڏينهن سندن دستاربندي ٿي، انهيءَ شام جو انهيءَ مولوي چاچي ڏي ويا ۽ کيس چيائين ته: ”چاچا! جهڙو تون مولوي، تهڙا اسان. هاڻي اٿ ڪرسيءَ تان، اسان پاڻ مڪتب ۽ مدرسو سنڀالينداسين.“ سو ساڳئيءَ طرح هتي جنهن جي هٿ ۾ ڪوڙي يا سچي ڊگري هوندي، اهو باقي لکيل پڙهيلن کان ٻه قدم اڳتي پيو اڏندو. جهڙوڪ علم ۽ دانش جي هن تي پڄاڻي ٿي هجي. ٻئي ڪنهن کي ڀائيندو ئي ڪو نه. اهڙن تجربي ۽ مشاهدي جي منڪرن جي لسٽ ٺاهبي ته ڪو ڪو نالو خارج ڪرڻو پوندو، نه ته کوڙيءَ کي گهمرو اچي ويندو. اسان اها ۽  ائين همسري نه ٿا ڪريون، پر همسريءَ جي نالي ۾ پنهنجي عقل سان دشمني ڪريون ٿا. اها ڪوڙي همسري آهي ۽ ڪيترا نوجوان اُٺَ جو پُڇُ ٻڌي ان کي مهري بڻائين ٿا. هن روش ۽ رويي ڪري اسان جا سينيئر ماڻهو ۽ وڏي ڄمار جا دانشمند ۽ مفڪر مايوس ته نه ٿا ٿين، پر اهو ضرور محسوس ڪن ٿا ته ڪيترا نوجوان سندن علم ۽ عقل، تجربي ۽ مشاهدي جا منڪر ٿي بيٺا آهن ۽ انهن جي ڏات ۽ ڏاهپ مان لاڀ پرائڻ جو عمل رڪجي ويو آهي.

ڇا اها قوم ٻين سان قومن سان همسري ڪري سگهي ٿي، جيڪا همسريءَ کي ئي نه ٿي سمجهي ۽ طبقاتي نظام جي همسريءَ جي بار هيٺان دٻيل آهي؟

 

 

 

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

 

Website: www.drpathan.com

Good Wishes