ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
(تو بن جاني! هيءَ جهان)
”ڇا سنڌ جي سياست جا خدوخال اهي ئي رهندا؟“
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جي سياسي وايو منڊل ۾ غير متوقع انقلابي تبديليون آيون: سنڌ جي مٿئين طبقي 1936ع ۾ سنڌ کي انهيءَ اميد تي ممبئيءَ کان جدا ڪرايو ته جيئن ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍڻ بدران سنڌ جي اڇي ڪاري جا پاڻ مالڪ ٿي وڃن. 1947ع کان پوءِ انهيءَ طبقي سياسي صورتحال کي ائين بدلجندي ڏٺو جو سندن پيرن هٿان ڌرتي ڇڏائڻ لڳي. حالتن سان سمجهوتو ڪرڻ لاءِ هنن پهريون ضابطي کان ٻاهر لاتعداد پناهگيرن کي قبول ڪيو ۽ ڪراچيءَ تان هٿ کنيو ۽ پوءِ ون يونٽ کي اکيون ٻوٽي قبول ڪيو. پر ايڏين ۽ اهڙين قربانين باوجود اسان جو اپر ڪلاس پنهنجي سياسي استحڪام کي واريءَ جي ڪوٽ جيان محسوس ڪرڻ لڳو.
پناهگيرن جي آمد نه ته ڪو تقسيم واري اسڪيم ۾ شامل هئي، ۽ نه وري انهن کي ڪنهن هڪ صوبي ۾ وڏي تعداد ۾ آباد ڪرڻ ۾ ڪا منصفاڻي حڪمت عملي شامل هئي. سنڌ جي وس واري ۽ وسن واري طبقي مهمان نوازيءَ جا اهڙا مثال قائم ڪيا، جيڪي ڌرتيءَ جي تاريخ ۾ اڻلڀ هئا. پر اهڙيءَ تاريخي مهمان نوازيءَ ۾ سياسي بصيرت ۽ مفادن کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ ماضي قريب جي سياسي چرپر کي صفا وساريو ويو.
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ جي هندن جي هڪ طبقي اها ڪوشش ڪئي هئي ته ”تقسيم واري اسڪيم“ ۾ سنڌي هندن لاءِ هڪ الڳ ۽ آزاد حصي جي گنجائش رکي وڃي. سندن ذهن ۾ انهيءَ آزاد سنڌ هندو رياست جو نقشو ذري گهٽ اهو هيو، جنهن کي اڄ ڪلهه اسان ڪڏهن جناح پور يا مهاجر صوبي جي نالي ۾ ٻڌون ٿا. سنڌ جي ڪن هندو اڳواڻن انهيءَ مقصد ماڻڻ لاءِ گانڌيءَ ۽ ٻين ڪانگريسي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪيون، پر وقت جي وير گهڻو اڳ وهي چڪي هئي ۽ خواهشمندن جون خواهشون پوريون ٿي نه سگهيون. پوءِ به ڪيترا سنڌي هندو سنڌ مان لڏي سنڌ جي سرحدن ڀرسان واقع رياستن ۾ وڃي انهيءَ آس اميد سان آباد ٿيا ته من ڪو اهڙو واءُ گهلي جو ڪا بهتر تبديلي اچي. پر سنڌ ۽ هند جي حالتن سندن انهيءَ آس تي جهڙوڪ پاڻي ڦيري ڇڏيو. سنڌي هندن جي الڳ ۽ آزاد رياست جو تصور تي ٻين جا هٿ وڃي کتا. پوکيو هڪڙن ۽ انهن کي لڙڻ جي ڪوشش ٻين شروع ڪئي.
تنهن دور جي سنڌي سياستدانن کي مهاجرن جي آبادڪاريءَ واري حڪمت عملي جا روحاني راز تڪڙا سمجهه ۾ ڪو نه آيا، بلڪه سمجهه ۾ آيا ئي ڪو نه يا هو حالتن اڳيان آڻ مڃي ويهي رهيا. اهو هنن جي شايد وهم گمان ۾ ئي نه آيو ته اڳتي هلي انهيءَ حڪمت عملي جي نتيجي ۽ اثر هيٺ ڪڏهن سنڌ کي ورهائڻ جون ڳالهيون ٿينديون ۽ ان سان گڏ سنڌ ۾ رهندڙن سمورن ماڻهن جي دلين ورهائڻ جو چوٻول ٿيندو.
هاڻي اسان انهيءَ ئي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون. دائمي طور تي دلين جي تقسيم جو وهنوار جاري آهي ۽ وقفي وقفي سان سنڌ جي تقسيم لاءِ هاءِ گهوڙا ڪئي وڃي ٿي. ٻنهي عملن جو بنياد نفرتن ۽ غلط فهمين تي رکيو ويو آهي. ان ڪري هڪ ڌر ٻٽاڪون هڻي ته هو پاڪستان پاڻ سان ڪلهن تي کڻي آيا آهن ۽ ان لاءِ ڪنڌ ڪپائي آيا آهن، ۽ ٻيا وضاحتن ۽ وڪالتن ۾ پورا آهن ته سنڌ اسيمبليءَ جيڪو پاڪستان سان الحاق وارو ٺاهه پاس ڪيو، اهو پاڪستان ٺاهڻ وارو واعدو نه هئو ته ٻيو ڇا هيو؟ جڏهن مسلم ليگ ٺهي ته ان جي اڳواڻي آغا خان جي صورت ۾ سنڌيءَ ڪئي ۽ جڏهن پاڪستان تحريڪ هلي ته ان جي قيادت قائداعظم جي روپ ۾ هڪ سنڌيءَ ڪئي. پوءِ سنڌين تي الزام ۽ بهتان هڻڻ ۽ سنڌ کي ورهائڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟
سياسي دوڪانداري چمڪائڻ لاءِ دلين جي تقسيم کان وٺي سنڌ جي تقسيم واري ناعاقبت انديشيءَ واري سياسي حڪمت عملي معصوم ماڻهن کي تباهه ۽ بربادڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪو نه ڏيندي. ٽارگيٽ ڪلنگ، بي گناهه انسانن جو قتل عام ۽ شهرن ۾ امن امان جي صورتحال بگاڙڻ انهيءَ انسان دشمن سياسي حڪمت عملين جا گر بڻجي چڪا ۽ ڪانون کي وري جو لڙ مان مزو اچي ٿو سي وري سمورا ۽ سڀني جا لولا کائي وڃن ٿا.
هن صورتحال ماڻهن کي منجهائي ڇڏيو آهي. هي ڪمائڻ وارا هڪ غريب ماڻهو، پر کائڻ وارا ٻيا. روڊن ۽ رستن تي مرڻ وارا به ماڻهو، جيلن ڀرڻ وارا به ماڻهون. بس عوام آهي ۽ سندن زهر جهڙي زندگي! هوڏانهن ڪي اڳواڻ آهن جو سندن سينن ۾ نفرتن جا اوڙاهه ٿيا پيا ٻرن. سندن زبانن مان جي ڪجهه نڪري ٿو، اهو زهر آهي ۽ اها نفرت آهي، جيڪا دليون تقسيم ڪري ٿي ۽ سنڌ جي تقسيم ڪرڻ جي بدنيتي رکي ٿو. سنڌ ته صدين کان امن جو گهوارو رهي آهي انهيءَ ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي ۽ ڪنهن جو ڏوهه ڪيو آهي؟ ڇا سنڌ جي سياست جا خدوخال اهي ئي رهندا؟ ڇا اسان جو سياستدان مدبر ۽ مفڪر، ليکڪ ۽ دانشور انهيءَ انسان دشمن دکيل دونهينءَ کي محسوس نه ٿو ڪري؟ ڇا ان جو تدارڪ نٿا ڪري سگهون؟
Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.
Website: www.drpathan.com