ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
(تو بن جاني! هيءَ جهان)
”نانيءَ ويڙهن جي نوبت ڇو ايندي آهي؟“
انسان سماجي جانور آهي ۽ ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين ساٿ ڏيڻ ۽ ساٿ وٺڻ لاءِ مجبور آهي. ڏي وٺ جي اها ضرورت ۽ صورت سماج جي خدوخال کي واضح ڪندي آهي. ماڻهو ٻين کان پري نه ٿو رهي، پر پاڻ کي پري رکي ٿو. اها صورتحال سماج ۾ انا ۽ خود-پرست کي پروان چاڙهيندي آهي. جو ٻين لاءِ جيئندو، اهو صدين تائين جيئندو. ڀلي هن جو طبعي موت ٿئي، پر ماڻهن جي دلين ۽ ذهنن ۾ هو قائم ۽ دائم رهندو.
ڏي- وٺ ۽ گهر ته گهران جي اها جبلت سماج ۾ تنظيمن، جماعتن ۽ ادارن جي اڪائين کي جنم ڏئي ٿي. دنيا جي قانونن ۽ آئينن ۾ انهيءَ جماعت سازيءَ ۽ اداري سازيءَ کي ”بنيادي حق“ طور تسليم ڪيو ويو آهي. اهو حق اسان جي ملڪ ۽ معاشري به اسان کي ڏنو ۽ تسليم ڪيو آهي. انهيءَ حق جي روشنيءَ ۾ علمي، ادبي، تعليمي، ثقافتي، سماجي، سياسي ۽ مذهبي تنظيمون قائم ۽ دائم آهن.
پر جڏهن هڪ مقصد، بلڪه ساڳيئي مقصد لاءِ هڪ کان وڌيڪ تنظيمون ۽ جماعتون جڙن ته پوءِ اهو سمجهڻ گهرجي ته تنظيمون ٽڪرا ٽڪرا ٿي نانيءَ ويڙهن جو روپ وٺي رهيون آهن. پوءِ سمجهيو وڃي ته ڪڏهن قيادت ته ڪڏهن طريقه ڪار جي فروعي مسئلي تي ڪي ماڻهون ”عظيم مقصدن“ لاءِ نه، پر ”ذاتي يا گروهي مفادن“ لاءِ قوم کي ورهائي ۽ تقسيم ڪري رهيا آهن.
اسان بنهه اهڙيءَ صورتحال مان گذري رهيا آهيون. ان ڪري اسان جون تنظيمون هڪ هٽيءَ جي روپ ۾ نانيءَ ويڙها بڻجي رهيون آهن. جنهن ڪري ناني ورهائڻ واري ۽ ڏوهٽا کائڻ وارا، باقي ٻيا پيا ٻاٿون کائين ۽ چپ چٽن. هنن حالتن ۾ محبتون ۽ خدمتون فقط ۽ فقط پنهنجي ذاتي ۽ گروهي گهاڻي جي چوڌاري اکين ٻڌيل ڏاند جيان پيو هلنديون آهن. هنن حالتن اسان جي تنظيمن ۽ جماعتن جي نوعيت ۽ هيئت ئي مٽائي ڇڏي آهي. تنظيم ڪهڙي به قسم جي هجي، اهي خانداني ۽ گروهي قبضن جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل هونديون آهن. مجال جو ڪو انهن ۾ اندر داخل ٿي سگهي يا انهن کي اهڙن پنجوڙن مان آزاد ڪري سگهي.
ڳالهه ڪندا آهن ته ڪو وڏيرو مري ويو. هڪ غريب ٻار اچي پنهنجي ماءُ کان پڇيو ته ”هاڻي پڳ ڪنهن کي ٻڌائيندا؟“ جواب مليس ته ”سندس پٽ کي“. اهو ٻڌي وري ڇوڪر ماءُ کان پڇيو ته ”امڙ اهو به مري وڃي ته پوءِ ڪنهن کي پڳ ٻڌائيندا؟“ جواب مليس ته ”ان جي ڀاءُ کي“. وري ڇوڪري ماءُ کان پڇيو ته ”امان! اهو به مري وڃي ته؟“ ماڻهنس ڇڙٻيندي جواب ڏنس ”ڀلي سڀ مري وڃنس. ڇورا! پر توکي پڳ ڪو نه ٻڌرائيندا.“
سو هن وڏيرڪي نظام ۾ وڏيري جو پٽ ئي پڳ ٻڌندو. هن انوکي روحاني نظام ۾ مرشد جو پٽ ئي گاديءَ تي ويهندو. جهڙوڪ اهي اهو الله کان لکرائي آيا آهن ۽ اها روايت پٿر تي ليڪ وانگر آهي، جيڪا ڪير به ڊاهي نه ٿو سگهي.
پر هيءُ ته ڪنهن آسماني ڪتاب ۾ لکيل ڪونهي ته سياست، علم ادب ۽ ثقافت ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ مورثيت ۽ گروهيت جون روايتون قائم هجن.
هي ڪٿان جو انصاف آهي ته جيڪي تنظيمون ۽ جماعتن ٺاهين ٿا ۽ سالن پڄاڻي سندن پير ته قبرن جي ڪنڌين تائين پهچن ٿا، پر سندن هٿ ساڳيا ئي انهيءَ تنظيم جي ڳچيءَ ۾ پيل آهن. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته تنظيم سازي انسان جو ”بنيادي حق“ آهي. پر اهو ڪنهن جو حق نه ٿو ٿئي ته ڪنهن تنظيم کي مورثيت يا گروهيت جي قيد ۾ رکي استحصال کي هٿي ڏئي ۽ ان کي پنهنجي لاءِ ترقيءَ جي پل پر ٻين لاءِ پلصراط بڻايو وڃي. هي نسورو ”انساني حقن“ جي ڀڃڪڙي آهي.
اسان مان اهڙا جوڌا جوان لنگ ٻڌي نڪري ڇو نه ٿا پون ته غلامي مسلط ڪرڻ ۽ ناجائز نموني ذريعن وسيلن کي اهڙي ريت غلط ڪم آڻڻ خلاف ڪا تحريڪ هلائين؟ هن روايت کي هر محاذ تي چئلينج ڪرڻ گهرجي ته ڪو به عهديدار لڳاتار ٻن اڍائي مدن کان پوءِ اميداوار ٿيڻ جو به نه سوچي.
جيڪڏهن اسان اهڙي رستي روڪ ڪري نه ٿا سگهون ته پوءِ اسان کي انهن دانهن ڪوڪن ڪرڻ جو به حق نه ٿو رسي ته ڪانفرنسون ٿين ٿيون ته اسان کي ڪوٺ نه ٿي ملي. ميلا ۽ جهميلا ٿين ٿا ته اسان انهن جي ڪنڊ پاسي ۾ به ڪونهيون ۽ جڏهن ڪنهن ونڊ ورهاست جي ڳالهه ٿئي ٿي ته اسان جو پنڊيءَ تي به نالو ڪونهي.
تنظيمن ۽ جماعتن کي جيڪا مورثيت ۽ گروهيت جي وبا وڪوڙي وئي آهي ۽ اهي نانيءَ-ويڙهن جي بي پاڙي ول ۾ وڪوڙبيون پيون وڃن، اسان انهن جي جند نه ڇڏائي ته پوءِ اسان جي جند ڪو به ڇڏائي نه سگهندو.
Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.
Website: www.drpathan.com