ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 (تو بن جاني! هيءَ جهان)

”نازن وارا او نخريلا اربيلا !!“

انساني فطرت آهي ۽ هر ڪو چاهيندو آهي ته هو ڪنهن کي چاهي ۽ ڪوئي کيس چاهي. انسان جيئن ڪي پيار جو بکيو آهي، هن کي پيار-ڀري عزت گهرجي، هن کي خلوص وارو توجهه گهرجي. پر اسان وٽ مامرو ئي اور آهي. نفرت اسان جي نس نس ۾ ائين ته واسو ڪري وئي آهي، جو محبت، خلوص ۽ عزت سان دل ئي نه ٿي لڳي. ڪنهن ماڻهوءَ جو مٿو ڦيرائڻو هجي ته هن کي اهو محسوس ڪرايو ته اوهان کيس محبت ڪريو ٿا ۽ سندس عزت ڪريو. همراهه جي ڪنڊي تي ائين ڪاوڙ چڙهي ويندي جو لک لٽائڻ ۽ عرض گذارشون ڪرڻ سان به ڪو نه لهندي. هيءَ آهي سنڌ واسين جي طبعيت ۽ فطرت جو انوکو روپ، جنهن ڏانهن نفسياتي علم جي ماهرن ۽ دانشورن کي توجهه ڏيڻ گهرجي. هيءَ اسان جي اها نفسيات آهي جو اسان هر بهتر ۽ پر خلوص روين جي نفي ڪيون ٿا. ڪو چڱائي ڪري ٿو ته دلين ۾ شڪ پيدا ٿين ٿا. جو پيار ڪري ٿو، تنهن جا ويري بڻجي پئون ٿا. جو احسان ڪرڻ گهري ٿو ته اسان اسان وهمن گمانن ۾ وڪوڙجي وڃون ٿا.

پنهنجي روين جو جائزو وٺي ڏسو، اوهان کي انهن ماڻهن کان ئي نفرتون ملنديون، جن سان اوهان چڱائي ڪئي هوندي ۽ ماڻپي جو پير کنيو هوندو، ٻين معاشرن ۾ روايت آهي ته چڱائي ڪري درياهه ۾ اڇلائيندا، پر اسان وٽ چڱائي بدران چڱائي ڪندڙ کي درياهه ۾ ٻوڙيندا. هن نفسياتي هلت ڪارڻ ماڻهو ٻئي سان چڱائي ڪرڻ کان لهرائين ٿا. ڪو روڊ رستي تي پيو ڦٿڪندو ته ڪوئي واٽهڙو هن کي اسپتال تائين نه پهچائيندو. ڪنهن کي قتل ٿيندي ڏسبو ته انهيءَ ڏوهه ۽ ڏوهيءَ تي ڪو شاهدي به ڪو نه ڏيندو. مِٺي به ماٺ ۽ مُٺي به ماٺ ڪري، هر ڪو چپ ٿي ويندو، جيئن ته سندس اکين ڪجهه ڪو نه ڏٺو ۽ ڪنن ڪي ڪين ٻڌو.

هي سنڌ جا سنگين نفسياتي مسئلا آهن، پر اسان انهن ڏانهن جوڳو توجهه نه ٿا ڏيون، بلڪه ايترو اهم نه ٿا ڄاڻون. هن صورتحال ۾ ڪهڙيون اجتماعي انقلابي تبديليون اينديون ۽ ڪهڙو گڏيل سڌارو ٿيندو؟ اسان جا عالم، دانشور ۽ ليکڪ دنيا جهان جي دکن دردن تي ته لکن ٿا، پر هنن ههڙن سنگين مسئلن تي ڇو نه ٿا لکن ؟

اسان کي هاڻي هي ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته اڄوڪي سنڌ اها ناهي، جنهن ۾ ماڻهن جو ميل جول فقط چند ماڻهن سان ٿيندو هئو. هاڻي هنڌين ماڳين ماڻهن جا هجوم آهن، جن سان واسطو پئي ٿو. اسان جي واسطي ۾ هاڻي فقط گهر جا ڀاتي ڪو نه آهن. اسڪولن کان اسپتالن تائين، دفترن کان بازارن تائين، سوين ماڻهو آهن، جن سان ميل جول ٿئي ٿو. اسان انهن مان هر ڪنهن سان مٿاڇرو نه ٿا ملون. روز بس ۾ چڙهندي بس ڪنڊيڪٽرن سان فري ٿيون ٿا ته جيئن بس ۾ عزت سان جاءِ ملي. اسان اسپتالن ۾ ويندي جيڪڏهن ڊاڪٽرن جو آشيرواد وٺي نه ٿا سگهون ته ڪمپائونڊرن کي ئي پنهنجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته جيئن ڪو قهر بدران قرب سان دوا درمل ۾ مدد ڪري. اسان دفترن ۾ پنهنجي صاحبن کي خوش ڪرڻ کي ضروري ڄاڻو ٿا ته جيئن عزت جي رهجي اچي ۽ نائبن کي راضي رکڻ گهرون ٿا ته جيئن ڪو ناراض نه ٿئي. مطلب ته ٻارن کان وٺي يارن تائين، پيرن کان وٺي فقيرن تائين، عملدارن کان وٺي جيڏن سرن تائين اسان کي خلوص، محبت ۽ عزت وٺڻ ڏيڻ جي ضرورت ٿئي ٿي. پوءِ اسان ان ۾ منافقي ڇو ڪريون؟ پوءِ ان ۾ پنهنجا رويا منفي رنگ ۾ ريٽا ڇو ڪريون؟ اها ڪهڙي ضرورت ۽ مجبوري آهي جو اسان انساني رشتن ۾ مطلب، وير ۽ منافقيءَ جو زهر ملايون؟

جڏهن ڀٽي جي بادشاهي هئي ۽ پيپلزپارٽيءَ جي پهريون دفعو حڪمراني ٿي ۽ اندرون سنڌ جا کوڙ ماڻهو وڏن شهرن ۽ ڪراچيءَ ۾ آيا ته اسان جي انهيءَ عجيب نفسيات اسان کي قومي نقصان ڏنو. سنڌي ماڻهن ۽ نوجوانن غير سنڌي ڇوڪرين سان شاديون ڪيون. ڇو ته سندن خيال ۾  سنڌي نياڻيون نماڻيون ته هيون پر سياڻيون ڪو نه هيون. سنڌي نياڻين جي روين ۾ اها ئي نفسيات ڪار فرما هئي، جنهن جي نشاندهي شروع ۾ ڪري چڪا آهيون. نتيجي ۾ اسان جا ڪيترا دوست ”دولها ڀائي“ جي خطاب جي نشي ۾ پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت جا دروازا بند ڪري ويٺا. انهيءَ ڏوهه ۾ انهيءَ دور ۽ اهڙي عمل ۾ اسان جا مرد نوجوان به ڏوهي هئا ته اسان جي ٻي ڌر به روايتي نفسيات جي زنجيرن کان ٻاهر نڪري نه سگهي.

اسان جي نخريلي ۽ نازن واري انهيءَ فطرت ۽ نفسيات اسان کان گهڻو ڪجهه کسيو آهي. وڏو قومي ۽ اجتماعي نقصان ڏنو آهي. اچو ته ان جو تدارڪ ڪريون ۽ پاڻ کي، قوم کي ۽ مستقبل کي بچايون.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

 

Website: www.drpathan.com

Good Wishes