ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

الطاف، ايم ڪيو ايم ۽ علائقائي سياسي صورتحال جون تقاضائون ۽ حڪمت عمليون

 

ڪراچيءَ ۾ 22 آگسٽ 2016 تي شام وقت جو وهيو واپريو ۽ انهيءَ باهه ٻارڻ لاءِ الطاف حسين پنهنجي تقرير سان تيليون ٻاريون، ان تي جيترا وات هوندا اوتريون ڳالهيون ٿينديون. پر سوچڻ وارا اهو ضرور سوچيندا ته اهو جيڪو ڪجهه ٿيو انهيءَ جو ڪو پس منظر به آهي، ڪو تعلق به آهي يا نه؟ صورتحال کي سمجهڻ لاءِ ۽ واقعن جي روحاني راز کي ڄاڻڻ لاءِ اچو ته ڪي سوال پنهنجي ذهن ۾ اڀاريون.

پاڪستان جي اندروني حالتن ۾ سياسي مخالفن جي توبن جا منهن حڪومت طرف آهن. پاناما جو اسڪينڊل گهنگهرو ٻڌي ايئن نچي رهيو آهي، انهيءَ اقدار ۾ ويٺل ماڻهن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن. ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستاني عوامي تحريڪ جا هر اول دستا وري روڊن ۽ رستن تي اچڻ جا سانباها ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ اين آر او جي سياسي معاهدي ۽ فلاسافيءَ تحت اقتداري ڌر اهو وڏو خطرو محسوس نٿي ڪري پر پوءِ به ان جي حيران ۽ پريشان ٿيڻ جو هر سبب موجود آهي.

پاڪستان جي خارجي حالتن ۾ ڪشمير جو مسئلو سنگين صورتحال اختيار ڪندو وڃي ٿو ۽ اهو پاڪستان توڙي ڀارت جي لاڳاپن کي به متاثر ڪري رهيو آهي. اها ڌڻيءَ کي خبر ته ڪشمير جي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي وچ تي ڪي اندروني طور تي اهڙا لائحه عمل تيار ڪيا ويا هجن، جن جي خبر عام ۽ عوام کي ته نه هجي پر ان مان اهو احساس ملي ته هن مسئلي تي ٻنهي ملڪن جي وچ تي سوچڻ ۽ لوچڻ جي ڪا جائز گنجائش موجود ڪونهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ ڪشمير جي تازي تحريڪ ٻنهي ملڪن جي اقتداري ڌرين لاءِ سياسي خطري کان گهٽ ڪانهي.

هاڻي اهي حالتون ٻڌائين ٿيون ته ڪو اهڙو واقعو رونما ٿئي ۽ اهڙيون حالتون جنم وٺن جن ۾ ڪشمير جو مسئلو عوام جي سوچ وارين اکين کان اوجهل ٿي وڃي ۽ اندروني طور تي حڪومت مخالف تحريڪن تان ماڻهن جو ڌيان کڄي وڃي. ان ڪري الطاف حسين جي قول ۽ فعل ۽ اچانڪ حڪمت عمليءَ هِتان جي توڙي هُتان جي اقتداري ڌرين کي وڏي مدد ڏني. اهو سالن کان وٺي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۽ ذهنن ۾ واضح ٿي چڪو آهي ته الطاف حسين ڀارت جي مالي مدد ۽ پٺڀرائپ سان ايم ڪيو ايم کي قائم ڪيو آهي ۽ سندس پوئلڳن ڀارت منجهان دهشتگرديءَ جي تربيت وٺي روشنين جي شهر ڪراچيءَ ۽ ٻين هنڌن تي قتل و غارت پئي ڪرائي آهي. انهيءَ اندازي لڳائڻ ۾ ويرم نه ٿي لڳي ته سندس سرپرست ۽ آقا، يعني ڀارت طرفان کيس هن ڊرامي رچائڻ جو حڪم مليو هجي ته جيئن ماڻهو ايم ڪيو ايم جي انهيءَ نا عاقبت انديش اڳواڻ جي پاڪستان دشمن روين ڏانهن ايترو ته متوجهه ٿي وڃن جو کانئن ڪشمير جو مسئلو ذري گهٽ وسري وڃي. ان ڪري ڪراچيءَ ۾ جيڪو وهيو واپريو اها الطاف لاءِ ڀارتي اسائنمينٽ هئي ۽ هن پنهنجي آقائن سان وفاداريءَ جو ثبوت ڏيندي اهو ڪجهه ڪيو، جنهن لاءِ خود ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ڪارڪنن ۽ اڳواڻن به نه سوچيو هوندو.

ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ پاڪستاني سياستدانن لاءِ اهڙو ماحول پيدا ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ اهي نه فقط ايم ڪيو ايم کان لاتعلق ٿيڻ ۾ پنهنجي عافيت سمجهندا پر ايم ڪيو ايم خلاف قائدي جي ڪارروائي ڪرڻ جي ڳالهه چوڻ کان به رهي نه سگهندا. هيءَ صورتحال مرڪزي حڪومت جي حق ۾ وڃي ٿي، جيڪا ايم ڪيو ايم خلاف برجستيءَ سان قدم کڻي الطاف جي پاڪستان دشمنيءَ کي ايترو مٿي کڻي ويندي، جو اهو پاڪستان جو اهم ۽ اولين سياسي اشو بڻجي ويندو ۽ ان جي روشنيءَ ۾ پاناما جو اشو ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جا ڌرڻا ذري گهٽ بي معنيٰ ٿي ويندا.

اهي ماڻهو جيڪي سوچين ٿا ته الطاف جي پاڪستان دشمن بيانن جي پاداش ۾ ايم ڪيو ايم بحيثيت سياسي پارٽي جي ختم ٿي ويندي، تن کي پنهنجي سياسي بصيرت ۽ پيشن گوئين تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم تي پابندي به لڳي ته پوءِ به ان جو سياسي اثر ۽ هيئت تڪڙو ختم ٿيڻ وارا نه آهن. ڀلي ايم ڪيو ايم خلاف کڄندڙ قدم جي نتيجي ۾ انهيءَ پارٽيءَ جا ڪي سگهارا اڳواڻ پارٽي ڇڏي وڃي پاڪ سر زمين پارٽي ۾ شامل ٿين، ته به اهي وقتي فائدا چيا ۽ سمجهيا ويندا. اهڙيءَ ريت پارٽي مٽائڻ ڪنهن غيبي سگهاري ڌر جي سوچ جو نتيجو ٿي سگهي ٿي ته متان اها چاهيندي هجي ته ايم ڪيو ايم کي ٽوڙڻ ۽ ورهائڻ مستقبل جي سياست جي حق ۾ ٿيندو ۽ الطاف جي هڪ هٽي کي ٽوڙڻ جو اهڙو سونهري موقعو وري ڪڏهن نه ملندو.

هن ڪالم ڇپجڻ کان ڪجهه ڪلاڪن جي اندر اندر سنڌ ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جون چونڊون ٿينديون ۽ اهو انومان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪراچيءَ ۾ اهي ئي اميدوار ڪامياب ٿيندا، جيڪي ايم ڪيو ايم نامزد ڪيا آهن. جيڪڏهن نتيجا ايئن ۽ اهڙا نڪرن ٿا ته پوءِ اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ جهڙي آهي ته هن ڪالم ۾ بيان ڪيل موقف سورنهن آنا سچ آهي ۽ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ڪنهن نه ڪنهن حڪمت عمليءَ جو نتيجو آهي. اسان وٽ وقتي طور تي پارٽين تي بندشون پونديون آيون آهن پر اهي ڪڏهن به ختم ڪو نه ٿيون پوءِ ڇو نه ان جو تعلق ساڄيءَ ڌر سان هجي يا کاٻيءَ ڌر سان هجي. سياست ۾ جيڪي اچانڪ تبديليون ايندي محسوس ٿينديون آهن، انهن جو پس منظر ۽ پيش منظر ٿئي ٿو. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ دهشتگرديءَ، پاڪستان دشمنيءَ يا ويندي مذهب دشمنيءَ جي بنياد تي هن وقت تائين ڪنهن به پارٽيءَ کي اهڙيءَ ريت ختم نه ڪيو ويو آهي، جو اها ٻيهر سر کڻي نه سگهي. ان ڪري موجوده حالتن جو منطقي نتيجو ايم ڪيو ايم جو خاتمو نه سمجهڻ گهرجي، بلڪه ان کي ڪا اسائنمينٽ يا ڪن ڌرين جي ضرورتن جي تقاضا سمجهڻ گهرجي. سياست ۾ الطاف جهڙي بيوقوفي يا بدمعاشي انهيءَ ڪري جائز بڻجي پوندي آهي، جڏهن پٺڀرائپ ڪندڙ آقا اها تصديق ڏيندا آهن ته سندن وفادار جبل تان پاڻ ڇڏيندا ته کين هيٺ ڪرڻ نه ڏبو ۽ موت کان بچائي وٺبو.

 

 

 

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

 

Website: www.drpathan.com

Good Wishes