اڄوڪي ڏينهن 07 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
7 نومبر 1872ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ سر عبدالله هارون جو جنم ٿيو۔
7 نومبر 1927ع ليکڪ ڪرشن کٽواڻي جو جنم ڏينهن آهي۔
7 نومبر 1930ع تي ناليوارو محقق ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو۔
7 نومبر 1945ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ صحافي دلدار سنجراڻي جو جنم ڏينهن آهي۔
7 نومبر 1955ع ليکڪ مهيش اڏياڻي جو جنم ڏينهن آهي۔
7نومبر 1979ع ميرپور ٻرڙو سان تعلق رکندڙ راڳي عبدالجبار ٻرڙو جي پيدائش ٿي۔
وڇوڙو:
7 نومبر 1938ع نوان جتوئي سان تعلق رکندڙ سياستدان ۽ شاعر امام بخش ”صابر“ جتوئي جو انتقال ٿيو۔
7 نومبر 1973ع شاعر علي تقي شاهه جو انتقال ٿيو۔
7 نومبر 1974ع ليکڪ عبدالغفور انصاري جي وفات ٿي.
7 نومبر 1977ع سياستدان سيد عابد علي شاهه جو انتقال ٿيو۔