اڄوڪي ڏينهن 26 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

 

31

جنم ڏينهن:

26 سيپٽمبر 1923ع باليووڊ اداڪار ديو آنند جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

26 سيپٽمبر 1932ع ڀارتي وزيراعظم ۽ ماهر معاشيات من موهن سنگهه جو جنم ڏينهن آهي.

26 سيپٽمبر 1955ع اداڪار جڳديش شرما (ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

26 سيپٽمبر 1976ع ليکڪ امداد سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

26 سيپٽمبر 1959ع آزادي لاء جاکوڙيندڙ حيدرآباد سان تعلق رکندڙ شيخ عبدالعزيز قنڌاري جي وفات ٿي.

26 سيپٽمبر 1960ع سياستدان الهه بخش گبول (ڪراچي) جو لاڏاڻو ٿيو.

26 سيپٽمبر 1960ع اڳوڻي وزير اعظم آءِ آءِ چندريگر جو لاڏاڻو ٿيو.

26 سيپٽمبر 1973ع صحافي وشنو شرما جي ديهانت ٿي.

26 سيپٽمبر 1990ع سنڌي ٻولي جي برک اديب ۽ ليکڪ ٽهلرام آزاد (ٽنڊو محمد خان / ممبئي) جي ديهانت ٿي.

26 سيپٽمبر 1996ع نامور موسيقار ماسٽر غلام علي جو انتقال ٿيو.

26 سيپٽمبر 1996ع ليکڪ نور سنڌي جو انتقال ٿيو.

26 سيپٽمبر 2007ع ليکڪ ۽ قانوندان نور الدين سرڪي جو انتقال ٿيو.

Good Wishes