اڄوڪي ڏينهن 08 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

 

31

جنم ڏينهن:

 

8 آگسٽ 1917ع ڀڳت پيسو رام (ڀڳت ڪنور رام جو پُٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

8 آگسٽ 1924ع اڳواڻي جج، ليکڪ، سماجي اڳواڻ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

8 آگسٽ 1925ع شاعر مولچند ايم ڪمل (ڪنڊيارو / الهاسنگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

8 آگسٽ 1927ع سياستدان ۽ ڀارت جي اڳوڻي ڊپٽي وزير اعظم ايل ڪي آڏواڻي (لال ڪرشن آڏواڻي) (ڪراچي / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي.

8 آگسٽ 1934ع ليکڪ ناليواري اسڪالر، محقق، شاعر ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

8 آگسٽ 1935ع راڳي ڀڳت گهنشام ويڌرام (سکر / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي.

8 آگسٽ 1946ع شاعر ستار آسي جو جنم ڏينهن آهي.

8 آگسٽ 1949ع ليکڪ شبير ڀرڳڙي جو جنم ڏينهن آهي.

8 آگسٽ 1950ع شاعر بيوس نظاماڻي جو جنم ڏينهن آهي.

8 آگسٽ 1952ع صحافي غلام رسول بلوچ (ڪنڌ ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.

8 آگسٽ 1958ع شاعر حافظ عطاءُ الله بجاراڻي جو جنم ڏينهن آهي.

8 آگسٽ 1981ع شاعره بينظير عادل جو جنم ڏينهن آهي.

8 آگسٽ 1981ع شاعر راجا ثابت علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي.

 

وڇوڙو:

 

8 آگسٽ 1934ع ليکڪ موهن دولترام آڏواڻي (حيدر آباد) ديهانت ڪري ويو.

8 آگسٽ 1961ع شاعر مرزا علي بخش بيگ ڪوثر (حيدر آباد) جو انتقال ٿيو.

8 آگسٽ 1962ع شاعر عزيز الله مجروح جو لاڏاڻو ٿيو.

8 آگسٽ 2005ع مشهور عالمي اسلامي مفڪر ۽ مقرر احمد ديدات جي وفات ٿي.

8 آگسٽ 2006ع سازندي سرندي نواز محمد فقير ملاح جو لاڏاڻو ٿيو.

8 آگسٽ 2014ع تعليمدان پروفيسر انيتا غلام علي جو انتقال ٿيو.

8 آگسٽ 2016ع ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ ناول نگار علي بابا جو ڪراچيءَ ۾ انتقال ٿيو.

Good Wishes