مشتاق سعيد جي مهرباني جمهن گل حيات سان سهڪار ڪندي پنهنجو ناول “اڌ ماڻھو سڄو سچ“ جي ڪاپي ڏياري موڪلي آھي. هئ ڪتاب جون 2017 ۾ سجاول جي “روپا پبليڪيشن“ طرفقن شايع ٿيو. ڪتقب 128 صفحن تي مشتمل آھي. مشتاق سعيد جي هن ناول پڙھڻ کان پوء اها راء قائم ڪري سگهجي ٿي تہ سنڌ ۾ ناولنگارئ جو ڏان موجود آھي تہ ڏات بہ موجود  آھي. هن ٽيڪنيڪل صنف تي دوست پنهنجون ڀرپور صلااحيتون ڏيکاري رهيا آهن پر انهن جي مالي ۽ اخلاقي پرگهور لهڻ وارن جي کوٽ وڌي وئي آھي.

ناولنگار پنهنجي مادري زبان تي مهارت جو فائدو وٺي ناول کي چار چنڊ لڳايا آھن. اميد تہ مشتاق سعيد پنهنجا باقي ڪتاب بہ گل حيات لائبررئ کي ڏياري موڪليندو

 

 

Good Wishes