گل حيات ۾ موجود منظور منگيءَ جو ڪتاب ” خوشبوءِ ساڻ کيڏو “ (2002) منظور منگي سنڌ جو ترقي پسند سوچ رکندڙ شاعر ۽ نثر نويس آھي.سندس لکڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿينديون رھن ٿيون.سندس ھي ڪتاب ٻارن لاءِ لکيل شاعريءَ جو پھريون مجموعو آھي.ھن ڪتاب ۾ شامل نظم نرالا ۽ مٿاھين درجي جا آھن.منظور منگي پيشي جي لحاظ کان ھڪ استاد ۽ ھاڻي بھترين ھيڊ ماستر آھي.ھو گسٽا جو اڳواڻ رھي چڪو آھي،ھو ھڪ بھترين مقرر ۽ استاد برادري جو ھڪ ڏوکي پڻ آھي.پاڻ استاد ھجڻ جي ناتي ٻار جي نفسيات کان چڱي طرح واقف آھي تہ ٻار جي ذھن تي پوندڙ ماحول جي اندرين ٻاھرين اثرن کي بہ ڄاڻي ٿو.ھو صرف ٻارن کي رڳو اسڪول جي وقت ۾ سندن  جي بھترين رھنمائي نٿو ڪري پر سندن لاءِ لکيل پنهنجن نظمن ذريعي بھترين رھنمائي ڪندي نظر اچي ٿو.ميڊيا جي اڄوڪي دور ۾ جتي سائنس وڏي ترقي ڪئي آھي اتي دنيا جي ھتان سميت ڪجھ علائقن ۾ ڇوڪرين جي تعليم کي اڄ بہ عيب سمجھيو وڃي ٿو.اتي منظور ” نياڻي“ نظم ۾ ھڪ نياڻي جي ڪردار وسيلي نياڻن کي تعليم ڏيارڻ جا فائدا بيان ڪيا آھن تہ جيئن نياڻيون علم،عقل ۽ اخلاق پرائي ھن دنيا کي جنت بڻائن.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

 

Good Wishes