تذڪره شعراء ٽکڙ

ٽکڙ جي مردم خيز زمين علم ادب ۽ سياست جي ميدان ۾ وڏين هستين کي جنم ڏنو آھي. ميران محمد شاه اول کان وٺي ويندي ميران محمد شاه “مهجور“ تائين ڪيترن اديبن ۽ شاعرن هتي جنم ورتو.

سيد ميران محمد شاه “مهجور“ بامبي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر ب ٿيو ۽ سنڌ ليجسليٽو اسيمبلئ جو اسپيڪر ب ٿيو. هن حيدرآباد ۾ “سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ ب ٺھرائي ۽ سنڌ جي بمبئي کان الڳ ٿيڻ واري تحريڪ ۾ اهم حصو ورتو.

قاضي اسدالله شاه نالي نامياري خلافت تحريڪ جي اڳواڻ ب هتي جنم ورتو. سندس ئي پونئرين مان اسدالله شاه حسينئ هي ڪتاب لکيو آھي جنهن ۾ ٽکڙ جي شاعرن جو ذڪر ڪيو اٿس.ھي ڪتاب  گل حيات ۾ موجود آھي.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

 

 

Good Wishes