گل حيات ۾ موجود سوڀراج ھاسارام آڏواڻيءَ جو ڪتاب “ سڀا جو سينگار “ ( 1958 ٖ1971 ٖ 1992) ھي ڪتاب ان بين الاقوامي شھرت يافتہ ڪتاب جو انتخاب آھي جو قريبن دنيا جي ھر علمي زبان ۾ ترجمو ٿي چڪو آھي.ھي ڪتاب عيسوي سن کان ٻہ صديون اڳ “ وشنو شرما “ پنڊت لکيو.ان کان پوء پنج تنتر نالي سندس انتخاب تيار ٿيو.جنهن کي نوشيروان ترجمو ڪرايو.جنهن کي 750 ع ۾ “ ڪليله دمنه جي نالي عربي زبان ۾ ڇپيو ويو.جنهن بعد ملا حسين  انوار سھيليءَ  نالي فارسيءَ ۾ آندو. ۽ 1816 ۾ فرينچ ۽ 1854 ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيو.جنهن کي اڪبر جي اشاري تي عيار دانش جي نالي ۾ ابو الفضل قائم ڪئي .اردو ۾ 1836 ۾ بوستان الحڪمت جي نالي ۾ ۽ 1880 ۾ ضياءالحڪمت جي نالي ۾ شايع ٿيو.ھيءّ سنڌي ترجمو ھتو پديش نالي ھندي ترجمي تان ٖ منشي ھاسارام 1882 ۾ شروع ڪيو جنهنکي سندس لائق پٽ صوڀراج 1894 ۾ مڪمل ڪيو.

 

Good Wishes