گل حيات اداري ۾ موجود اديب انقلابيءَ جو ڪتاب “ ديش دروھي “ سنڌ جي 4 سوداگرن جي دور جو تاريخي تجزيو. وطن دوست سدائين ڌرتيءَ جي ڀيٽ ۾ پنهنجي وجود ۽ ذاتي خواھشن کي ثانوي حيثيت ڏيئي قومي مفادن کي مٿاھون رکندا آھن.زندھ ھئڻ ۽ رھڻ جو احساس رکندڙ قومن ڌرتيءَ جي ڌڱن ۽ غدارن ۾ تميز ڪري وطن دوستن جو قدر ڪندي ڌارين جي دلالن سان خوب جٺ ڪئي آھي. تاريخ جي سيني تي ڪي تہ ايڏيون حساس قومون بہ جيئريون جاڳنديون ملن ٿيون جن غدارن کي مرڻ پڄاڻان بہ ڪونہ بخشيو آھي.جيئن فرانس ۾ مارشل پيتان جيڪو پھرين مهاڀاري جنگ ۾ فرانس جو عظيم ھيرو ھيو ۽ ٻي مهاڀاري جنگ ۾ نازي جرمن پاران فرانس ۾ گورنري جو عھدو قبوليندي نازي جرمن ۽ ايس - ايس گارڊس جي مدد سان فرانس جي مزاحمتي تحريڪ کي ڪچلڻ جي ڪوشش ۾ ھٽلر جو ساٿ ڏيڻ لڳو تہ عظيم فرانسسي قوم کيس خاص قبرستان ۾ پورڻ جي بہ اجازت نہ ڏني.

 

(ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes