گل حيات ۾ موجود پير علي محمد راشديءَ جو ڪتاب ” اھي ڏينھن اھي شينھن“(1966ٖ1974) ھن ڪتاب ۾ ليکڪ پنھنجي دئور جي وڏيرڪي زندگي جي تصوير ۽ سنڌ جي مشھور شخصيتن جو ذڪر ڪيو آھي.پاڻ لکن ٿا تہ اڄڪلھ پراڻي تاريخ جي ڳولا ۽ ترتيب ۾ وڏي دلچسپي ورتي پيئي وڃي.سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي جيارڻ ۽ سينگارڻ لاءِ ڪوششون ڪيو پيون وڃن.پر جن شين کي اھڙي ذوق ۽ شوق ھوندي بہ وساريو پيو وڃي سي اُھي واقعا آھن جيڪي اسان جي پنهنجي اکين اڳيان ٿيندا رھيا آھن.جن کي قلمبند ڪري ايندڙ نسلن تائين پهچائڻ وڏي تاريخي خدمت ٿئي ھا.ھن وقت منهنجو ارادو سنڌ جي مڪمل تاريخ مرتب ڪرڻ ڪون آھي ھن ڪتاب لکڻ مان مراد محض اھا اٿم تہ پنهنجي زماني جا ڪجھ اکين ڏٺا واقعا بيان ڪريان ڪن اھڙن ماڻھن جو ذڪر ڪريان جن کي ڏسڻ جو وجھ مليو۽ ڪن اھڙين حقيقتن کي واضح ڪريان جن جي وسيلي سنڌين جي پراڻن ۽ نون نمونن جي وچ ۾ جو فرق آھي سو ظاھر ٿئي.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

 

 

Good Wishes