ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 (تو بن جاني! هيءَ جهان)

”ماندو ٿجي، پر مندو نه ٿجي“

سنڌ جي دانشور، ڏاهي ۽ عوام جي خيرخواه اديب تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته هو دنيا جهان جي مامرن ۽ مسئلن تي سوچڻ ۽ لوچڻ بدران پنهنجي مٺڙن ماروئڙن ۽ ڌرتيءَ-ماتا جي دکن دردن ۽ سورن جي مذڪورن تي سوچي، لکي، لوچي. ڇو ته ”جيءُ خوش ته جهان خوش“ مصداق جيڪڏهن اسان پنهنجي سانگيئڙن کي سکي بڻائي نه ٿا سگهون ته دنيا مان دک درد ختم ڪرڻ جو سوچڻ به ٻاراڻي عقلي عياشي آهي.

اهو ئي سبب آهي جو مون پنهنجي دور ۽ ڌرتيءَ جي مسئلن کي ئي هنن ڪالمن لاءِ بنيادي موضوع بڻايو آهي. اسان جي اڌوري ۽ اڻپوري ۽ بي مقصدي تعليمي نظام فردن جي شخصيت ۽ ڪردار کي سنوارڻ سڌارڻ بدران گهڻي ڀاڱي بگاڙيو آهي. ان ڪري ”الڪاسب حبيب الله“ تان اسان جو ايمان ئي کڄي ويو آهي. سهل پسندي ۽ محنت کانسواءِ مکڻ جون ماڙيون اڏڻ جو شوق دامنگير ٿي پيو آهي. ٻئي کي بيوقوف بڻائڻ اسان جي عقلمنديءَ جو بنيادي اصول بڻجي ويو آهي. اسان کي انفرادي طور تي يا نانيءَ-ويڙها ٺاهي ذريعن، وسيلن ۽ سهولتن تي قابض ٿيڻ جو وڌيڪ ڏانءُ ملي ويو آهي. انهيءَ ڪري سنڌ ۾ جيڪي به سياسي، سماجي ۽ فڪري تحريڪون هلن ٿيون، ان جو ڪو کڙ تيل ڪو نه ٿو نڪري، پر اڪثر ڪري اهڙن تحريڪن جي پڄاڻي ڪنهن نه ڪنهن بت بڻائڻ سان ٿئي ٿي. پوءِ باقي وقت انهيءَ بت جي پوڄا ۽ پرگهور ۾ گذري وڃي ٿو.

هنن حالتن ۾ اها وقت جي تقاضا آهي ته اسان جيڪڏهن چاهيون ٿا ته ”گڏيل مستقبل“ سنواريون ته ان کان پهريون فردن کي سنوارڻ لاءِ سندن مثبت طريقي سان ذهني ۽ فڪري تربيت ڪيون. اسان سندن شخصيت ۽ ڪردار کي اهڙي نموني تيار ڪيون جيڪي حق ۽ سچ جي بار کڻڻ ۽ تبديلي آڻڻ جو ڪارڻ بڻجي پون.

اڄ سنڌ ۾ هر ڪو جهڙوڪ ويڳاڻو آهي ۽ ماندو آهي. اها صورتحال صدين کان قائم ۽ دائم آهي. ان ڪري ته لطيف سائين فرمايو ته ”ماندي ٿي نه مارئي، تنهنجو الله به آهي“. تنهنجو الله به آهي، مان هيءَ ئي مراد وٺي سگهجي ٿي ته جڏهن ماڻهو ماڻهوءَ جو نه رهي ۽  ماڻهن مان آسون ۽ اميدون ختم ٿي وڃن ته پوءِ الله جي پاڪ ذات کانسواءِ ڪو به ڪنهن کي اوهي واهي نه سمجهندو.

هاڻي غور ۽ فڪرانهيءَ ڳالهه تي ڪرڻو آهي ته اسان مان هر ڪو ماندو ڇو آهي؟ اسان پنهنجو ساهه ٻوساٽبو ڇو ٿا محسوس ڪيون؟ ان جو مختصر جواب هي آهي ته جتي مندا هوندا، اتي ماندا اوس ئي ٿيندا. اسان مان هڪٻئي لاءِ خير خواهي موڪلائي وئي آهي. اسان ڪنهن جي چڱائيءَ ۾ خوش ناهيون، بلڪه ٻئي کي خوش ڏسي، اسان جي خوشي ختم ٿي وڃي ۽ ننڊ ڦٽي وڃي ٿي. اسان ٻين جي پير ڪڍڻ کي پنهنجو دين ايمان بڻائي ويهون ٿا. ڪو نالي ماتر ترقي ڪندو ته اسان هن جي تنزل لاءِ سوچڻ ۽ لوچڻ شروع ڪنداسين، ڪنهن محنت سان ٻه ڏوڪڙ ڪمايا ته ڄڻ اسان کي ڌاڙو لڳي ويو. ڪنهن جي عزت ٿي ته اسان پنهنجي بي عزتي سمجهنداسين.

ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته ساڙ، حسد ۽ ڪيني مان هر فرد جي جان ڇڏائجي.  ماروئڙن ۽ ماڻهن کي اهو سمجهائڻو آهي ته ڪنهن کي محنت ۽ مقدر ڪارڻ ڪا حيثيت يا اهميت جي راڻي راضي ٿئي ٿي ته اسان الله سان جنگ جوٽي ڀاڳوند جي مخالفت نه ڪيون ۽ هن جا پير نه ڪڍون. کيس الله ڏنو آهي ۽ الله جي ڏني تي اسان اعتراض ۽ احتجاج ڪرڻ بدران پنهنجي محنت، سوچ ۽ لوچ سان ان ڀاڳوند کان وڌيڪ ڀاڱو حاصل ڪريون.

ماڻهو مندو ٿيندو ته پنهنجي لاءِ به مصيبت بڻبو ۽ ٻين لاءِ به آزار ٿيندو. ضروري آهي ته اسان پاڻ مندي ٿيڻ کان بچون، ڇو ته ان سان ٻين کي ماندي ٿيڻ کان بچائي سگهنداسين. مندو اهو ئي ماڻهو ٿئي ٿو، جيڪو مسهپ جي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي. اسان کي بردباريءَ سان هر ڪنهن جي خوشي، ترقي ۽ چڱائي برداشت ڪرڻ گهرجي. ڇو ته اسان جيڪڏهن ڪنهن ٻئي کي برداشت نه ڪنداسين ته پوءِ اسان کي به ڪيترائي برداشت نه ڪندا. صبر موڪلائي ويندو ۽ اسان صبر ۽ سوچ کانسواءِ پنهنجو ۽ پرائو نقصان ڪندا رهنداسين. اڄوڪي سنڌ جي اها ئي صورتحال آهي. ان ڪري جهڙوڪ خوشيون اسان کان موڪلائي ويون آهن ۽ ٻين جي چهرن تي خوشيءَ جي رونق ڏسڻ بدران انهن جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسڻ گهرون ٿا. هر ڪو ماندو ماندو نظر اچي ٿو، ڇو ته اسان مندي ٿيڻ جو قسم کائي چڪا آهيون.

 

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

 

Website: www.drpathan.com

Good Wishes