1942ع

ناميارو ديني عالم، لاڙڪاڻي جي خلافت تحريڪ جو مشهور اڳواڻ ”جمعيت العلماء سنڌ“ جو نائب صدر ۽ لاڙڪاڻي جي عالمن ۾ مسلم ليگ کي مانوس ڪرائيندڙ مولوي مير محمد نورنگي وفات ڪري ويو.

13 جنوري 1942ع

محمد ايوب کهڙي لاڙڪاڻي مان حاجي عبدالله هارون ڏي خط لکي کيس قمبر ۾ مسلم ليگ ڪانفرنس جي تيارين بابت آگاهي ڏني ۽ هن کي لکيو ته اوهان ڪوشش وٺي شيخ عبدالمجيد سنڌي کي هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏيو.

17 جنوري 1942ع

پير سيد حسن بخش شاهه زميندار محراب پور ضلعو نواب شاهه جي صدارت هيٺ قمبر ۾ مسلم ليگ پاران ”پاڪستان ڪانفرنس“ سڏائي وئي، جنهن ۾ هندو توڙي مسلمان شريڪ ٿيا، هن ڪانفرنس ۾ جي ايم سيد، خانبهادر کهڙي، قاضي فضل الله، آغا نظر علي، مولوي محمد اسماعيل، مولوي غلام رسول مبلغ مسلم ليگ ميهڙ، مولوي محمد ابراهيم بٺيءَ واري، مولوي عبدالڪريم ميڻائي، محبوب تنئي جي مولوي محمد دائود، حڪيم سيد علي محمد شاهه بقاپوري، مولوي محمد خان اهيريءَ واري، مولوي سيد تاج محمد شاهه منهن ٿرڙائي واري، درگاهه نورنگ شاهه جي سيد ڇتل شآهه، مولوي عبدالڪريم بروهي، وڏيري علي حسن، حڪيم عبدالرشيد، رئيس حاجي مٺل خان لاکي، رئيس حاجي در محمد، رئيس محمد يعقوب، مولوي محمد عظيم ”شيدا“، مولوي غلام قادر، مولوي تاج محمد، وڏيري عمر الدين، غلام محمد اسراڻ ۽ آغا غلام النبي به شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جو احوال ۽ پاس ڪيل ٺهراءُ ”گل حيات“ ۾ محفوظ آهن.

22 جنوري 1942ع

لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ سر شاهنواز ڀٽو هال ۾ صبح جو 9 وڳي سنڌ جي گورنر کي سپاس نامو پيش ڪيو، ان موقعي تي لوڪلبورڊ جا هي ميمبر موجود هئا:

صدر، نائب صدر، احمد خان ڀٽو، علي گوهر لاهوري، عبدالمجيد ٻگهيو، عبدالرحمان ڪلهوڙو، آسودو مل، قاضي فضل الله، فقير محمد انڙ، فريد الدين جتوئي، ڪيهر غلام قادر، غلام رسول جلباڻي، غلام مصطفيٰ اسراڻ، گل محمد ابڙو، حسن علي اسراڻ، محمد نواز کوکر، مٺل خان شيخ، پرڀداس تولاڻي ۽ سيٺ پارو مل، ياد رهي ته ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو صدر سردار نبي بخش خان ڀٽو هو.

5 فيبروري 1942ع

بنگل ديري مسلم ليگ برانچ جي سالياني گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مولوي غلام يحيٰ کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، حڪيم عبيدالله مسلم ليگ جي اهميت ۽ خدمتن تي روشني وڌي، انهيءَ موقعي تي 126 ماڻهو مسلم ليگ جا ميمبر ٿيا.

12 مارچ 1942ع

ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڏوڪري، محبوب تنئي، گهٽهڙ ۽ قمبر ۽ ٻين هنڌن تي مسلم ليگ جي شاخن طرفان جلسا ڪيا ويا ۽ ٺهراءُ پاس ڪري وائسراءِ هند کي چتاءُ ڏنو ويو ته مسلمان اهري جوڙجڪ کي قبول نه ڪندا، جيڪو مسلم ليگ کي قبول نه هوندو.

21 اپريل 1942ع

خانبهادر کهڙي جي صدارت هيٺ پارليامينٽري سب ڪاميٽيءَ جي سکر ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ گهوٽڪي تڪ مان سنڌ اسيمبليءَ جي ڇوٽي چونڊ لاءِ علي گوهر خان مهر کي چونڊ وڙهڻ ۽ اميدوار ٿيڻ جي ٽڪيٽ ڏني وئي.

26 اپريل 1942ع

”بزم مشاعره“ لاڙڪاڻي طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”رحمت کي الله ڪهڙي گنهگار جي تلاش“

مشاعري ۾ پيش ڪيل شعر جو انتخاب ان کان پوءِ ”اديب سنڌ“ رسالي ۾ شايع ٿيو.

27 اپريل 1942ع

تحريڪ آزاديءَ جي سنڌي اڳواڻ ”خلافت تحريڪ“ کان ”پاڪستان تحريڪ“ تائين سياسي خدمتون سرانجام ڏيندڙ ”سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“ ي باني، سر حاجي عبدالله هارون جي وفات ٿي.

27 اپريل 1942ع

سنڌ جو ناميارو سياستدان ۽ ڌن ڌڻي سيٺ سر حاجي عبدالله هارون وفات ڪري ويو، هن ”خلافت تحريڪ“ ۽ ”آل انڊيا مسلم ليگ“ ۾ پهرين صف جي اڳواڻ طور ڪردار ادا ڪيو، هن سر شاهنواز ڀُٽي سان گڏ ”سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“ ٺاهي ۽ انهيءَ پليٽ فارم تان ٻنهي اڳواڻن سنڌ اسيمبليءَ جي سيٽ هارائي، انهيءَ شڪست کان پوءِ هن سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو، سندس ولادت هڪ غريب ٻار جي حيثيت ۾ ٿي، مگر وفات امير ترين انسان جي حيثيت ۾ ڪيائين.

11 مئي 1942ع

رئيس فقير بخش ولد شهمير خان ڪاڇي، جنهن سنڌ جي نامياري سياستدان جي ايم سيد جي سندس ٻالپڻي ۾ سنڀال ۽ تربيت جو خيال رکيو ۽ جنهن جي صحبت ۾ جي ايم سيد سنڌ جي ڪيترن ڌڻ ڌڻي خاندانن جي رابطي ۾ آيو، سو وفات ڪري ويو.

1 جون 1942ع

سنڌ جي اڀرندي ڀاڱي جي وڏي حصي سان مارشل لا لاڳو ڪيو ويو ته جيئن پير پاڳاري ۽ سندس مريدن طرفان هلايل تحريڪ کي سختيءَ سان ڪچليو وڃي.

7 جون 1942ع

گورڌن ٽوپڻداس للا ”مدهوش“ لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، پاڻ اڃان ٻالڪ ئي هئو جو کيس پنهنجي وڏن سان گڏ وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا، هو اڄ ڪلهه الهاس نگر ۾ رهي ٿو، سندس شمار مشهور شاعرن، ليکڪن ۽ گيتڪارن ۾ ٿئي ٿو.

30 جون 1942ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان سرائي علي گوهر خان ”يڪتا“ جي صدارت هيٺ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”ٻري تڏهن کان زماني ٿو بجاءِ روغن جي آب خالص“

مشاعري ۾ پيش ڪيل شعر جو انتخاب پوءِ رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

14 جولاءِ 1942ع

آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽيءَ ”هندستان ڇڏيو“ واري تحريڪ بابت ٺهراءُ پاس ڪيو.

14 جولاءِ 1942ع

سيد مدد علي شاهه منظر، ماهوٽه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، هن وقت شاعر جي حيثيت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀري رهيو آهي.

17 جولاءِ 1942ع

ايشور ڀارتي نالي ڪهاڻيڪار ۽ ناولنگار ٽندي آدم ۾ ڄائو، ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي احمد آباد ۾ ويٺو.

17 جولاءِ 1942ع

لاڙڪاڻي ضلعي جو مشهور شاعر ۽ حڪيم لعلچند ”مجروح“ وفات ڪئي، هو نياڻيءَ جي علاج لاءِ جهرڪن ڏانهن ويل هو، جتان واپس ايندي ريل گاڏيءَ ۾ دل ٽٽي پيس، کيس غريب الوطنيءَ جي حالت ۾ ڪوٽڙيءَ ۾ ئي دفن ڪيو ويو.

31 جولاءِ 1942ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان ميان غلام عباس قادريءَ جي صدارت هيٺ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”رهي ٿو تير نظر دل ۾ آرزو جي عرض“

مشاعري ۾ پيش ڪيل شعر جو انتخاب پوءِ رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

9 آگسٽ 1942ع

آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽيءَ ”هندستان ڇڏيو“ واري تحريڪ جو آغاز ڪيو، سنڌ جي ڪانگريس هن تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌ جي وڏي وزير خانبهادر الله بخش سومري کيس مليل لقب واپس ڪيا.

13 آگسٽ 1942ع

”الوحيد“ جي اڄوڪي پرچي ۾ ”ستيارٿ پرڪاش ۽ هندو پريس“ جي موضوع تي مواد شايع ٿيو، جنهن ۾ مثال ڏئي ڏيکاريو ويو آهي ته هن ڪتاب ۾ مسلمانن، حضرت محمد ﷺ ۽ اسلام جي توهين ڪئي وئي آهي، پر ”هندو سنسار“ اخبار انهن مسلمان ليکڪن کي اجايو نندڻ ۾ مصروف آهي، جن انهيءَ ڳالهه جو نوٽيس ورتو آهي.

15 آگسٽ 1942ع

افضل قادري جي ڳوٺ دودي سنهڙي تعلقي لاڙڪاڻي ۾ حاجي احمد محمد رحمت الله جي گهر ۾ ولادت ٿي، بزم شهباز، سنڌي ادبي سنگت ۽ روح رهاڻ ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان علمي ۽ ادبي خدمتون سر انجام ڏنائين، ڪجهه وقت ”جيئي سنڌ محاذ“ سان به لاڳاپيل رهيو، هن شاعر ۽ نقاد ڪينسر وگهي 12 مئي 1990ع تي وفات ڪئي.

14 سيپٽمبر 1942ع

”سنڌ پراونشل مسلم ليگ“ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ڪراچيءَ ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته .مسلم ليگ فلڊ رليف فنڊ“ جي حوالي سان لڳل گهوٻين جي الزامن جي جاچ پڙتال ڪئي وڃي، ياد رهي ته 1942ع ۾ اتر سنڌ ۾ وڏي ٻوڏ آئي، جنهن ڏاڍو نقصان ڪيو، ان لاءِ جيڪي مسلم ليگ چندا ڪيا، انهيءَ تي گھوٻين جا الزام لڳايا ويا.

26 سيپٽمبر 1942ع

سنڌ جي وڏي وزير خانبهادر الله بخش سومري تحريڪ آزاديءَ جي حوالي سان انگريز سرڪار سان اختلاف ڏيکاريندي، وائسراءِ کي خط لکي پنهنجا لقب واپس ڪيا، ان ڪري ستت پوءِ سنڌ جي گورنر سندس وزارت ۽ حڪومت کي ختم ڪيو.

12 آڪٽوبر 1942ع

خانبهادر الله بخش سومري ”هندستان ڇڏيو“ تحريڪ ۾ ساٿ نڀائڻ لاءِ انگريز سرڪار کي پنهنجا لقب واپس ڪيا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ کيس وڏ وزارت تان ڊسمس ڪيو ويو.

30 آڪٽوبر 1942ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”مجازي عشق جي ٿي رنگ خط ۽ خال کان فارغ“

مشاعري ۾ پيش ڪيل شعر جو انتخاب پوءِ رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

24 نومبر 1942ع

گهٽهڙ مسلم ليگ شاخ جي اهتمام سان جلسو ٿيو، جنهن ۾ مسلم ليگ کي مقبول، منظم ۽ ڪامياب بنائڻ لاءِ اپيل ڪرڻ کان سواءِ هڪ ٺهراءُ پاس ڪري سر غلام حسين هدايت الله جي وزارت جي تائيد ڪئي وئي.

3 ڊسمبر 1942ع

ڪانگريس طرفان ”هندستان ڇڏيو“ تحريڪ هلائڻ جي نتيجي ۾ جيڪي ڪانگريس اڳواڻ هند ۽ سنڌ ۾ گرفتار ڪيا ويا هئا،، انهن کي آزاد ڪرڻ جو سلسلو جاري ٿيو.

Good Wishes