(تو بن جاني! هيءَ جهان)

”ڪي گٽر بندن بغض مان، ڪي وڄائن پيا گٽار

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 

ٿر ۾ ٻارن تي مصيبتون ۽ ٻين ٻهراڙين ۾ يارن تي بي روزگاريءَ جون آفتون پاسيريون ڪري، جڏهن شهرن کي ڏسون ٿا ۽ خاص طور تي رنگ برنگي ڪراچيءَ تي نظر وجهون ٿا ته اتي سياست جا اهي رنگ نظر اچن ٿا، جيڪي انڊين فلمن ۾ ڏيکاريا ويندا آهن. ٽارگيٽ ڪلنگ جي سين پوري ئي ڪا نه ٿيندي، ته ڪو ٻيو منظر اڳيان اچي ويندو. اڄ ڪلهه ڪراچيءَ ۾ ڪي شاهينگ ڪلين ۽ واريءَ جون ٻوريون ڀري گٽرن ۾ وجهي، انهن کي اهڙو ته بند ڪري ڇڏن ٿا جو هنڌين ماڳين وينس شهر جو نظارو پيو ڏسڻ ۾ اچي. لڳي ٿو ته هاڻي ڪراچيءَ جي رستن ۽ روڊن تي رڪشن ۽ ٽيڪسن بدران ٻيڙيون ۽ طبيلا هلندا.

ساڃاهه وند سوچيندڙ آسانيءَ سان انهيءَ نتيجي تي پهچن ٿا ته هٿ اهو ئي ساڳيو آهي، جيڪو ڪڏهن ٻورين ۾ لاش وجهي ٿو ته ڪڏهن ٻورين ۾ مٽي ۽ واري وجهي ٿو. ڪي گڏهه آهن، بلڪه گڏهه جي نفسيات جا مالڪ آهن، جن کي ٻورن ۽ ٻورين کڻڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿو اچي. انهن جو انسانيت سان، ماڻهپي سان، ماڻهن جي خير خواهيءَ سان ڪو واسطو ئي ڪونهي. منفي سوچ جا مالڪ آهن ۽ سندن چوڻ لوچڻ جو اندازو اهو ئي آهي.

ڪراچي شهر صدين کان تاريخ جا نازڪ دور ڏٺا آهن. ڪو وقت هئو جو اڄ جي ٽارگيٽ ڪلرس مانگر مڇن جيان سامونڊي مانگر مڇ مورڙئي جا مٽ مائٽ ماريندو ۽ کائيندو ويندو هو.  پر تاريخ اهو ثابت ڪيو ته ماڻهو جڏهن شعور جي دستور تي عمل ڪن ٿا ته مورڙئي جي معذوري به سگهه بڻجي پئي ٿي ۽ هو ويڙهاند جا نت نوان طريقا ڳولهي ماڻهون ماريندڙ مانگر مڇن کي ماري ڇڏن ٿا.

نڀاڳو چارلس نيپئر جڏهن 1847ع ۾ سنڌ جي ڀريا چار سال تباهي ڪري واپس پئي وريو ته ڪراچي ڇڏڻ وقت سندس اکيون ڀرجي آيون ۽ حسرت مان چوڻ لڳو ته ”اي ڪراچي! ڪاش مان تنهنجو جوڀن جواني ڏسي سگهان ها.“ اهو چنڊو ته هاڻي ڪونهي پر جيڪڏهن هجي ها ته هن کان دانهون نڪري وڃن ها ته هيءَ اها ئي ڪراچي آهي جنهن جي روشن مستقبل کي هن محسوس ڪري ورتو هو.

ڪراچيءَ جي جنگي، دفاعي ۽ تجارتي اهميت کي اسان سنڌين ڪو نه سڃاتو. نتيجي ۾ 1947ع ۾ هڪ منظم سازش طور همدرديءَ ۽ مهمانوازي جو اسان کي نشو ڏئي ڏسندي ڏسندي پاڻ کي اقليت ۾ بدلائڻ جا سانباها ڪيا ويا. وار مٿان وار ڪندي، ڪراچيءَ کي وفاق جي حوالي ڪيو ويو ۽ انهيءَ زماني ۾ ڪراچيءَ کي گورنر جي ماتحت صوبي بڻائڻ لاءِ آواز اٿاريا ويا. حالتون ايتريون ابتر ٿيڻ لڳيون ۽ امن امان ايترو ته خراب ٿيڻ لڳو جو ملڪي حاڪمن مسئلي جي حل ڪڍڻ بدران ڀڄي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ائين اسلام آباد شهر اڏيو ويو.

ڪراچيءَ جي لٽڻ، ڦرڻ ۽ کسڻ واري پاليسي جيئن ٿڌ تيئن وڌ جيان، وڃي ٿي زور وٺندي ۽ نوان رنگ ڪڍندي. هاڻي ٻورن توٻرن وارن ملڪ کي ويهن صوبن ۾ ورهائڻ جون به ڳالهيون شروع ڪيون آهن. جيئن ”طالبان“ ۽ ”داعش“ جي روپ ۾ پاڪستان سميت ڪيترن مسلم ملڪن ۾ ”صليبي جنگيون“ جاري ۽ ساري آهن ۽ نام نهاد جهادي مسلمان مسلمانن کي ماري رهيا آهن، تيئن ڪراچيءَ به اهڙي سوچ ۽ نيت رکندڙن جي لاءِ جنگ جو محاذ رهي آهي. ملڪ کي ويهن صوبن ۾ ورهائڻ نه ته ”پاڪستان ٺهراءَ“ جو ڪو بنيادي نقطو هئو ۽ نه وري منطق ئي ان جي اجازت ڏئي ٿو. مشرف جو ملڪ ۾ ”ضلعي حڪومتون“ قائم ڪيون، ته ان مان ڪهڙا مسئلا حل ٿيا؟ ڪهڙا ڏک جا ڏونگر ڏري پيا؟ ڪيڏي نه تعجب جي ڳالهه آهي ته انتظامي ورهاڱي جي ڳالهه نوجوان سنڌي ڪري ته اهو غدار ۽ دشمن ملڪ جو ايجنٽ قرار ڏنو وڃي. پر ساڳي ڳالهه هڪ مخصوص پارٽي ڪري ته ان کي سندن سياسي تدبر ڄاتو وڃي.

ڪراچي تي صليبي جنگين جيان لڳاتار جنگ مڙهي وئي آهي. ڪراچيءَ جي رستن کي ڪڏهن رت سان ريٽو ڪرڻ ۽ ڪڏهن گٽرن جي گندي پاڻيءَ سان ريج ڏيڻ انهيءَ جنگ جو تسلسل آهي. سنڌ واسين کي انهيءَ يلغار جو گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ فقط گٽارون وڄائي پنهنجي پيرن هيٺان ڌرتي نه کسرائبي. نه ته ايندڙ نسل ۽ تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندا. ڪراچيءَ جو دفاع اقتدار ۾ ويٺلن ۽ اقتدار کان ٻاهر سياستدان جو هڪ جهڙو ۽ گڏيل مسئلو آهي. ٻين ڳالهين تي ڀلي اختلاف ڪجن، پر هن مسئلي تي سمورن کي هڪ ٿيڻ گهرجي.

 

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

 

Website: www.drpathan.com

Good Wishes