ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 (تو بن جاني! هيءَ جهان)

”دنيا جي دردن سان گڏ، سنڌ جا سور به ياد ڪريون“

ڪو زمانو اهڙو به آيو جو اسان جي دانشورن، سياسي ڪارڪنن ۽ ليکڪن کي ٻيءَ دنيا جا دک درد ڏاڍو ستائيندا هئا. ڪشمير کان وٺي ڪمبوڊيا تائين، آفريڪا کان وٺي ويٽنام تائين دنيا جي ڪنڊڪڙڇ جا دک درد نه فقط يارن کي بر زبان ياد هوندا هئا، پر اهي انهن ۽ اهڙن ئي موضوعن تي گهڻو لکندا هئا. سندن خوش فهمي تي ٻڌل خيال هوندو هئو ته هو بين الاقوامي شخصيت ۽ سوچ وارا آهن، اهڙيون لکڻيون پڙهي ۽ اهڙا رويا ڏسي کلڻ به ايندو هو ته روئڻ به ايندو هو. ”جهنگ ۾ مور نچي ته ڪنهن ڏٺو؟“ جي مصداق اسان جي قلم ڌڻين جون اهي ڪوششون ته فقط سنڌ واسي ئي پڙهي سگهندا هئا، باقي هو جن لاءِ روئندا رڙندا هئا، انهيءَ کي ڪهڙي خبر ته هنن لاءِ قلمي جهاد ڪير پيو ڪري؟

خاطر طور تي ڪميونسٽ روس جي ٽٽڻ ۽ ٻين ملڪن ۾ جاگرافيائي- انتظامي تبديليون اچڻ ڪري، اسان مان ڪيترن کان ڪميونزم ۽ سوشلزم به وسرڻ لڳي. حالانڪه ڪميونسٽ ملڪ ٽٽو هئو پر ڪميونزم جو نظريو ڪو نه ٽٽو هو يا ختم ٿيو هو. پر اهڙيءَ تبديلي کانپوءِ اسان جي ڪن ليکڪن جا موضوع ۽ مضمون ته ڪي قدر مٽجي ويا، ليڪن سندن نفسيات مڪمل طور تي نه مٽجي سگهي.

انهيءَ قوم سان اها ڪيڏي نه زيادتي آهي جو سندس جن ليکڪن جي لکڻين ۾ جڏهن جادو جهڙو اثر هجي ۽ هو پنهنجي لفظن سان باهه ٻاري سگهن، منتشر ۽ ٻرندڙ ذهنن کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ پنهنجي لکڻين ۾ پاڻيءَ جو اثر پيدا ڪري سگهن، سي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن بدران ٻين جا وڪيل بڻجي وڃن ۽ پنهنجي لاءِ ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍن. ڏيئي  هيٺيان اوندهه ٿيندي آهي پر هي ته لاٽ آهن ۽ لاٽ جي روشني جتي ڪٿي اوندهه جا نشان ختم ڪندي آهي.

اسان سنڌ واسين جي نفسيات ئي عجيب آهي. انهيءَ تي صدين جي غلامي جي وڏي ۽ گهري دز پيل آهي، جنهن کي لاهڻ بدران ان جا نرڙ تي نشان ڏئي فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري هلون ٿا. اسان وٽ فقط آڱرين تي ڳڻجڻ جيتريون ذاتيون آهن، جيڪي ان ۾ پنهنجو شان محسوس ڪن ٿيون ته اهي اصل سنڌ جون آهن. باقي نه ته جهڙوڪ کوڙيءَ کي ئي گهمرو . ڪي پاڻ کي عربن جو اولاد ثابت ڪن ٿا ته ڪي افغانين ۽ ايرانين ۾ پنهنجي وڏن کي تلاش ڪن ٿا. ڪن کي هندستان جي ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ مان وڏڙن جي مٽيءَ جي خوشبو اچي ٿي ته ڪي وڃي ڪشمير ۾ پنهنجي تاريخ جا خيما کوڙين ٿا. هر ڪو انهيءَ خفت ۾ لڳو پيو آهي ته سنڌ سان ماضيءَ جي رشتن کي ڪيئن ٽوڙجي.  جيڪي ماڻهو سنڌ جي شاندار ماضيءَ مان جان ڇڏائڻ ۾ لڳا پيا آهن، اهي سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ ڪهڙي جاکوڙ ڪندا؟ يا ان ۾ ڪهڙي دلچسپي وٺندا؟

انهيءَ منفي نفسيات جو اثر اسان جي ڪيترن ليکڪن ۽ دانشورن جي سوچ، لوچ ۽ ڏات کي پنهنجو نرغي ۾ وٺي چڪو آهي. ان ڪري سنڌ ۽ سنڌ واسين تي لکڻ ۾ انهن کي جهڙوڪ لڄ ٿي اچي يا پنهنجي گهٽتائي محسوس ڪن ٿا. ان ڪري سنڌ جي مسئلن تي جيڪڏهن ڪو هاءِ گهوڙا  ڪري ٿو ته تنظيمن جا نوجوان ڪارڪن جيڪي پنهنجي تعليم جي قرباني ڏئي روڊن ۽ رستن، جلسن ۽ جلوسن ۾ نڪري اچن ٿا. چوندا آهن ته ڀوليءَ جا جڏهن پير سڙندا آهن ته اها پنهنجي ٻچڙن کي پنهنجي پيرن هيٺان رکندي آهي. بلڪ اهڙيءَ طرح اسان جي ڪن سياسي تنظيمن جا اڳواڻ اسان جي نئين نسل کي حالتن جي باهه مان گذرڻ وقت پاڻ کي باهه کان بچائڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. حالانڪه هن ڳالهه تي قومي جرڳا ويهڻ گهرجن ۽ اهڙا فيصلا ٿيڻ گهرجن ته اسان جو نئون نسل قومي مسئلن ۾ ڀلي دلچسپي وٺن، پر پنهنجي تعليم ۽ تربيت کي ان لاءِ قرباني جو ٻڪرو نه بڻائين. سالن کان اسان اهڙيون قربانيون ڏيندا آيا آهيون ۽ پنهنجي اجتماعي روشن مستقبل کي داءَ تي لڳائيندا رهيا آهيون. ان ڪري بنا ڊگرين، لياقتن ۽ صلاحيتن جي هراول دستا پيدا ڪندا رهيا آهيون. پوءِ چٽاڀيٽيءَ جي دنيا ۾ اسان ڪو مقابلو ڪري نه ٿا سگهون. نتيجي ۾ نوڪريون ملن ته ٻين کي ۽ عهدا ملن ته ٻين کي، اسان ساڳيائي رستن ۽ روڊن تي.

هي اسان جا قومي مسئلا آهن، ۽ اسان جا ڪيترا دانشور يا مدبر اهڙيون اربعا خطائون ڪندا رهن ٿا. هنن مسئلن تي سوچڻ ۽ لوچڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جو اسان جي ليکڪن تي اهو قرض آهي ته اهي دنيا جهان تي لکڻ سان گڏ سنڌ جي سورن تي به لکن. سنڌ جي روشن مستقبل جي تقاضا اهو سياستدانن کان لهڻو ته اهي پنهنجي حڪمت عملين ۾ انقلابي تبديليون آڻين ۽ ٻارن بدران پنهنجي يارن کي پنهنجي قوت طور روڊن رستن تي آڻين.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

 

Website: www.drpathan.com

Good Wishes