ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 (تو بن جاني! هيءَ جهان)

”مئن مٿان مامرا، هيئن نه وجهجن هوت “

زندگي ۽ موت سچائيءَ جي سڪي جا ٻه پاسا آهن ۽ ڪنهن به پاسي کي خالي رهڻو ڪونهي، جيڪو گهڻو ٺهيو آهي سو اوس ئي ڊهي. ان ڪري سياڻن چيو آهي ته ”مرڻو ناهي ميار، پرڻو ناهي گار“. هن فاني دنيا ڏاڏي آدم کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين بيشمار انسان ڏٺا ۽ هر ڪو پنهنجو وارو وڄائي ويو. اهو سلسلو تيستائين قائم رهندو جيستائين دنيا قائم آهي.

ماڻهو ڄمندا به رهندا ته مرندا به رهندا. پر انهن واقعن تي ردعمل قومن جي نفسيات جي تصوير چٽيندا آهن. مشرقي ملڪن ۾ انسان دوستي ڪنهن حد تائين وڌي وڃي انسان پرستي بڻجي پوي ٿي. اهو انسان جو ڪمال آهي جو پاڻ جهڙي انسان کي پنهنجي محبت ۽ عقيدت سان ايترو ته مٿي کڻي وڃي ٿو جو هن جي انهيءَ آدرش جو جيڪو نانءُ وٺي، تنهن جي نڙيءَ تي ننهن ڏيڻ کان به نٿو لهرائي. آدرش ۽ اڳواڻ هادي ۽ رهبر ڇڙوڇڙ ٿيل قوم کي ايڪي ۽ اتحاد جي مالها ۾ موتين جا پوئيندا آهن ۽ نظرياتي خواهه فڪري تربيت ڪندا آهن. پر جيڪڏهن اها آدرش دوستي آدرش پرستيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي ته پوءِ غلاميءَ جو نئون زنجير ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ بڻائي وڌو وڃي ٿو. اسان وٽ تقريبن ائين ئي ٿئي ٿو. نتيجي طور شخصيتون ۽ آدرش اڳتي وڌي وڃن ٿا ۽ نظريا خواهه اصول نظرانداز ٿي وڃن ٿا. آدرش پرستي جا شائق اهو وساري ويهن ٿا ته آدرش به انسان ٿيندا آهن ۽ اهي بي مثال خدمتن خواهن خوبين باوجود ڪڏهن نه ڪڏهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن غلطيءَ جا مرتڪب به ٿيندا آهن. ان ڪري آدرشن کي انسان طور ئي پيش ڪجي۽ نه ڪي مافوق الفطرت هستي ۽ گناهن غلطين کان پاڪ سمجهيو وڃي. جيڪڏهن آدرش پرستيءَ يا آدرش پرچاريءَ کي پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ، گروهه بندي ڪرڻ ۽ ماڻهن جو احساساتي استحصال ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو ته قوم کي جهڙوڪ چاڪيءَ جي ڏاند وانگر گهاڻي جي چوڌاري ڦيرايو ويندو ۽ ان کي منزل طرف وڌڻ جو موقعو ئي نه ملندو.

اسان آدرش پرچاريءَ ۾ وڏيون غلطيون ڪري رهيا آهيون، جيڪي اڳتي هلي اسان جي اجتماعي روشن مستقبل کي اونداهون ڪري ڇڏينديون. هيءُ ڪٿان جو انصاف آهي ته اسان ساڳئي ئي سوچ ۽ محبت سان پنهنجي آدرشن يا لٽيرن کي هڪ ئي قطار ۾ آڻي بيهاريون. اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس ڌيءَ شهيد راڻي جي مزار تي به پڙ پون ٿا، ته اهڙيءَ ريت مخدوم بلاول جي مزار ۽ پرو چانڊئي جي قبر تي به پڙ پون ٿا. انهن سمورين شخصيتن جي حيثيت الڳ الڳ آهي. شهيد ڀٽو ۽ سندس نياڻي سياستدان هئا، مخدوم بلاول وطن دوست ديني عالم هو ۽ پرو چانڊيو هڪ ڌاڙيل هو. جڏهن اسان جي دور ۾ به پڙن پوڻ جو اهو رواج موجود آهي ته صديون پوءِ پرو چانڊيو پڻ اسان لاءِ هڪ وڏو پير فقير بڻجي ويندو. اسان کي پنهنجن اهڙن روين ۽ اهڙي آدرش پرستيءَ تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن پاڻ ائين نه ڪيو ته پوءِ تاريخ جي غلط روايت قائم ٿي ويندي ۽ ڪيترا رهزن اسان جا رهبر ڄاتا ويندا ۽ ڪيترن رهبرن جو پنڊيءَ تي به نالو ڪو نه هوندو.

مون فقط چند نالا مثال طور پيش ڪيا آهن. جڏهن ته سياسي شعبي ۾ اسان آدرشن کي ائين ٿا مڃون ۽ مٿي تي کڻون جيئن انهن کي اسان جو پڪو دين ايمان هجي. هر ڪنهن کي حق آهي ته پنهنجي سياسي هادي ۽ رهبر کي دل جي حضور سان مڃي، پر اهو ڪنهن کي به حق نٿو رسي ته پنهنجي آدرش کي ٻين مٿان زوري ۽ زبردستي مڙهيو وڃي. اسان کي پنهنجي آدرشن جي دل جي گهرائين سان تعريف ڪرڻ گهرجي، پر ان جو اهو مطلب نه هجڻ گهرجي ته ٻئي ڪنهن جي آدرش جي توهين يا تذليل ڪئي وڃي.

اسان مئن توڙي زندهه آدرشن سان حقيقت ۾ انصاف نه ڪيو آهي. اسان اهڙي قوم بڻجي ويا آهيون، جنهن کي زندگيءَ جي بدران موت ڏاڍو وڻي ٿو. شل نه ڪو آدرشي انسان مري، پوءِ اسان جو جهڙوڪ مڪو مچي ويو. سندس موت تي قلم اڀا ٿي ويندا، يادگيريون لکجڻ شروع ٿي وينديون ۽ اکين مان ائين ڳوڙها وهندا ڄڻ ته مري ويل اسان کانسواءِ ماني نه کائيندو هو يا اسان ان کان هڪ پل به پري نه هئاسين. ان جو موت اسان جو موضوع بڻجي پوندو، پوءِ اسان ڳالهين جا ڳهير اهڙا ته داستان ڇيڙينداسين جو توبه نعوذ بالله جو ملڪ الموت به پريشان ٿي ويندو ته هن ڪيڏو نه ڪيس ڪيو آهي. پر اسان جي روين کي ڪو به باريڪ بينيءَ سان ويهي ڏسي ته صورتحال ئي نئين اڳيان اڀري ايندي. مثال طور نامور سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي گذاري ويو ۽ اسان کيس گارڊ آف آنر ۽ 21 توپن جي سلاميءَ سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو. اهو اعزاز  قائداعظم کي مليو ۽ ان کانپوءِ ضياءَ الحق جي مداحن به اهڙو موقعو هٿان نه وڃايو ۽ ٽيون عبدالستار ايڌي هو، جنهن کي اهڙيءَ ريت اعزاز سان دفنايو ويو.

هاڻي سوچڻ جي ڳالهه هيءَ آهي ته عبدالستار ايڌيءَ جيان ڊاڪٽر اديب رضوي، ڊاڪٽر صالح ميمڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا ماڻهو اسان جي محبتن جي مينارن برابر آهن. عبدالستار ايڌيءَ جي جنازي نماز پڙهڻ وقت ڊاڪٽر اديب رضوي به موجود هئو، پر ان تي ڪنهن جي به نظر ڪا نه ٻڏي، هو پهرينءَ صف ۾ ڪو نه هو پر ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي هڪ عظيم انسان کي خراج عقيدت پيش ڪري رهيو هو. هن جي موجودگي ڪو معمولي واقعو نه هو پر هن کي ته ان وقت ڪنهن وي آءِ پي ٽريٽمينٽ ڪو نه ڏنو ۽ ڪنهن نگاهه کڻي به ڪو نه ڏٺس، پوءِ هي ڪٿان جو انصاف چئبو ٿه اسان زندهه آدرشن کي کيڪاريون به ڪو نه ۽ اهو انتظار ڪيون ته ڪو مري پوءِ اسان جي محبت ۽ عقيدت جا رنگ ڏسي. اسان معاشري ۾ وڏ ماڻهپ جي منزل ماڻڻ ۽ مئي کانپوءِ پنهنجي قبرن تي پڙ چاڙهڻ لاءِ موت کي جهڙوڪ لازمي شرط بڻائي ڇڏيو آهي. اسان کي جهڙوڪ آدرشن جي موت جو انتظار هوندو آهي ۽ زندگي يا زندهه آدرشن سان تر جيترو به واسطو نه رهندو آهي. هيءُ ڪٿان جو انصاف آهي ۽ هيءُ ڪهڙي حڪمت عملي آهي ته موت تي جشن جهڙو سماءُ پيدا ڪيون ۽ حياتيءَ تي موت جهڙي خاموشي اختيار ڪيون. زندهه آدرشن جو جيڪا قوم قدر نٿي ڪري، اها مري ويلن آدرشن تي مانگر مڇ وارا ڳوڙها ڳاڙي ٿي. هاڻي اسان کي اهي روايتون ختم ڪرڻ گهرجن. اسان مري ويلن سان وڏو آزار ڪيو آهي. انهن جي قدرن ۽ نظرين کي ڪوشش ڪري پنهنجي مفادن ۽ مقصدن طور ٽوڙي ۽ مروڙي پيش ڪيون ٿا، هنن جي نانءُ کي مصيبت بڻائي ٻين جي ذهنن ۽ نظرين کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ ڪتب آڻيون ٿا. اڄ جي لطيف زندهه هجي ها ته هن کي اسان جي افعالن ۽ روين تي وري ڪي نوان داستان لکڻا پون ها. اڄ جي سچل زندهه هجي ها ته هو حيران ٿي وڃي ها ته هن جي تصوف جي اسان ڪهڙي نه تشريح ڪري رهيا آهيون. اڄ جيڪڏهن سامي زندهه هجي ها ته هوند به هو ويدن جي واڻيءَ سان ٿيندڙ زيادتي تي روئي پوي ها. اسان کي دودي سومري، مخدوم بلاول، هوشوءَ، هيمون، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، شهيد راڻي، سائين جي ايم سيد تان جو ويندي عبدالستار ايڌي جهڙن آدرشن جي نظرين ۽ قدرن جي تبليغ تي زور ڏيڻ گهرجي، ڇو ته ان ۾ ئي اسان جي نظرياتي ڀلائي آهي. باقي جيڪڏهن ڪنهن گذاري ويل شخصيت کي اکيون ٻوٽي قبول ڪرڻ لاءِ پير فقير بڻايو ويو يا سندس مزار تي پڙ چاڙيا ويا ته اها آدرش پرستي به چئبي ته پر آدرش پرچاري ڪا نه چئبي.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

 

Website: www.drpathan.com

Good Wishes