15 ڊسمبر

31

اڄوڪي ڏينهن 15 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

 

31

جنم ڏينهن:​

​

15 ڊسمبر 1922ع شاعر، سياستدان ۽ صحافي علي اڪبر شاهاڻي جي پيدائش ٿي.​

15 ڊسمبر 1925ع شاعر انور هالائي جي پيدائش ٿي.​

15 ڊسمبر 1927ع شاعر فيض درياء کرل جو جنم ڏينهن آهي.​

15 ڊسمبر 1928ع ڳڙهي ياسين سان تعلق رکندڙ ليکڪ ڪريم بخش خالد جو جنم ڏينهن آهي.​

15 ڊسمبر 1935ع راڳي راڌيڪا واسواڻي (ڪراچي / دهلي) جي پيدائش ٿي.​

15 ڊسمبر 1936ع موسيقار جهامن داس شرما (سکر / الهاسنگر) جي پيدائش ٿي.​

15 ڊسمبر 1941ع سماج سڌارڪ محترم بخش علي لاکو جو جنم ڏينهن آهي.​

15 ڊسمبر 1945ع شاعر بلاول اوٺي جو جنم ڏينهن آهي.​

15 ڊسمبر 1946ع لوڪ گلوڪاره امينه جي پيدائش جو ڏينهن آهي.​

15 ڊسمبر 1949ع ليکڪ گهنشيام ساگر جو جنم ڏينهن آهي.​

15 ڊسمبر 1950ع سگهڙ پير بخش مڱريو جو جنم ڏينهن آهي.​

15 ڊسمبر 1956ع شاعر مدهوش خاصخيلي جنم ڏينهن آهي.​

15 ڊسمبر 1961ع ڪهاڻيڪار ۽ مقالا نگار بدر ڌامراهه جو جنم ڏينهن آهي.​

15 ڊسمبر 1963ع شاعر شبير سقراط سيتائي جو جنم ڏينهن آهي.​

15 ڊسمبر 1965ع ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار امير ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.​

15 ڊسمبر 1968ع سينيئر صحافي سترام مهيشوري جو ڇاڇري ۾ جنم ٿيو.​

15 ڊسمبر 1971ع صحافي سانول ٻرڙي جو جنم ڏينهن آهي.​

15 ڊسمبر 1972ع شاعر نذير سيال جو جنم ڏينهن آهي.​

​

وڇوڙو:​

​

15 ڊسمبر 1868ع گهوٽڪي سان تعلق رکندڙ بزرگ نور محمد شاهه جيلاني جي وفات ٿي.​

15 ڊسمبر 1926ع مذهبي اسڪالر مولانا قاضي نذر محمد لاڏاڻو ڪري ويو.​

15 ڊسمبر 1928ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سياستدان ديوان هيرانند سنتوڪرام ديهانت ڪري ويو.​

15 ڊسمبر 1964ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالله کڏهري جي وفات ٿي.​

15 ڊسمبر 1985ع ليکڪ مير کورواهي انتقال ڪري ويو.​

15 ڊسمبر 1997ع مشهور اسڪالر، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر اياز قادري وفات ڪري ويو.​

15 ڊسمبر 2001ع مشهور ٽي وي اداڪار فريد نواز بلوچ ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو.​

Share this article

Subscribe

By pressing the Subscribe button, you confirm that you have read our Privacy Policy.

Featured Categories

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

error: Content is protected !!