08 ڊسمبر

31

اڄوڪي ڏينهن 08 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

 

31

جنم ڏينهن:

8 ڊسمبر 1916ع سماج سڌارڪ ڊاڪٽر چمن داس ڇاٻلاڻي (خيرپور / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1927ع موري سان تعلق رکندڙ شاعر نديم انصاري جو جنم ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1930ع گلوڪار رامچند راهيجا (شڪارپور/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1935ع باليووڊ جي مشهور فلمي اداڪار
ڌرميندر جو جنم ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1940ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سگهڙ گل محمد ڪنڀر جي پيدائش ٿي.
8 ڊسمبر 1944ع باليووڊ جي مشهور اداڪاره
شرميلا ٽيگور جو جنم ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1948ع سيتا ڳوٺ سان تعلق رکندڙ شاعر عبدالله شاهه آزاد جو جنم ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1948ع شاعر روشن علي مفتون جو جنم ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1959ع ليکڪا ۽ آرڪيلاجسٽ
مستور فاطمه بخاري جو جنم ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1954ع شاعر عبدالله شاهه آزاد جي پيدائش ٿي.
8 ڊسمبر 1956ع سگهڙ محمد زمان باجاري جي پيدائش ٿي.
8 ڊسمبر 1957ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سماجي ڪارڪن حميده ستار ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

8 ڊسمبر 1907ع ٽکڙ سان تعلق رکندڙ بزرگ خواجه عبدالرحمان مجددي جي وفات ٿي.
8 ڊسمبر 1958ع شاعر مينهل فقير مهر (طيب) جي وفات ٿي.
8 ڊسمبر 1968ع سوامي پريمداس ناٿن ديهانت ڪري ويو.
8 ڊسمبر 2008ع ناليوارو ٽي وي اداڪار
يعقوب زڪريا دل جي دوري سبب حيدرآباد ۾ گذاري ويو.
8 ڊسمبر 2014ع برک ڏاهو، ليکڪ، اديب، سياسي اڳواڻ
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ديهانت ڪري ويو.

Share this article

Subscribe

By pressing the Subscribe button, you confirm that you have read our Privacy Policy.

Featured Categories

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

error: Content is protected !!