خوبصورت شخصيت نثار شاهين (سالگرھہ مبارڪ)
آصف رضا موريو
سائين نثار خوبصورت شخصيت جو ماڻيٺو ۽ باوقار انسان آهي جيڪو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ به فياض لطيف وانگي اديب لڳندو آهي سندس اڳيان ڪو گٿو لفظ يا مذاق ڪرڻ جي همت ڪونه ٿيندي آهي. قد ڪاٺ به شاهه بهارو جيان ٺاهوڪو اٿس جو مون جهڙي ماڻهو منهن ڏي نهاري ته ٽوپي به ڪري پئيس. پاڻ باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ پٺاڻن ۾ 15 جولاءِ 1963ع ڌاري جيون ورتائين. پنج درجا ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پرايائين جڏهن ته ميٽرڪ باقراڻي هاءِ اسڪول مان 1979ع ۾، انٽر لاڙڪاڻو ڪمرشيل انسٽيٽيوٽ مان 1982 ڌاري (جيڪو هن وقت ٽائن ٿاڻي لڳ آهي پر ان وقت کهڙو هائوس امپائر روڊ ۾ هوندو هيو)، بي ڪام گورنمنٽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو مان ۽ ايم اي (1987ع) شاهه لطيف يونيورسٽي مان ڪيائين.
کيس پهرين نوڪري 1987ع ۾ آڊٽ ڊيپارٽمنٽ ۾ سينيئر آڊيٽر جي ملي ۽ پهرين پوسٽنگ ڪراچي صدر واري آفيس ۾ ٿي. 1990غ ڪامرس جي ليڪچرار ٿيو ۽ کيس گورنمنٽ لياري ڪاليج ۾ مقرر ڪيو ويو. 1997ع ۾ بدلي ٿي لاڙڪاڻو آيو جڏهن ته 2009ع ۾ سندس اسٽنٽ پروفيسر جو پروموشن ٿيو هن وقت لاڙڪاڻو ڪامرس ڪاليج ۾ تدريسي فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.
انٽر پاس ڪري هڪ فلاحي ادارو مخدوم بلاول سماجي تنظيم رجسٽر ڪرائي پنهنجي ڳوٺ ۽ علائقي ۾ خير ۽ ڀلائي جي ڪمن ڪرڻ جي شروعات ڪيائين. 1990ع کان سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر آهين جڏهن ته لاڙڪاڻو شاخ جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. ننڍي هوندي کان پنهنجي ڌرتي سان پيار ۽ پاٻوهه سبب سندس نظرياتي لاڙو ادبي دنيا ڏانهن رهيو. ڌرتي ئي سندس لاءِ لکڻ جو پهريون سبب بڻي. پاڻ لکڻ جي ابتدا 1985ع ۾ ٻاراڻي تنظيمن ۽ رسالن جي ٻاراڻي صفحن پان ڪيائين. اڳتي هلي آفتاب حيدرآباد، هلالِ پاڪستان ڪراچي ۽ پوءِ روزاني عبرت جي ميگزين ۾ لکندو رهيو.
نثار شاهين لاڙڪاڻو جي تاريخ کي پورب نالي هڪ بهترين رسالو ڏنو جيڪو آڪٽوبر 1993ع کان آڪٽوبر1997ع تائين مسلسل 25 کن شمارا ڪڍيائين جنهن ۾ سندس ساٿي سارنگ ماڇي، اياز سولنگي ۽ سليم ڀٽو لطيفي به گڏ هوندا هيا. ان ئي ميگزين ۾ مختلف ماڻهن کان ڪيل انٽرويو ۽ لکيل ڪالمن کي ڪتابن جي شڪل ڏئي پورب پچارون ۽ سر سنيهو ان سين جي نالي سان 2 ڪتاب ڇپرائي چڪو آهي.
نثار شاهين : آصف رضا موريو
Share this article
Subscribe
By pressing the Subscribe button, you confirm that you have read our Privacy Policy.
Latest News
Resolving Spinshark Login Problems For United Kingdom Players
August 26, 2026
LegionBet Casino Mobile App Download And Login Guide
August 26, 2026
Is Gransino Casino Legit UK Licensing And Safety
August 26, 2026
Nyxbets Welcome Bonus In The Netherlands For New Players
August 26, 2026
Spinbara Casino No Deposit Bonus In Greece And Key Rules
August 26, 2026
Featured Categories
More News
Resolving Spinshark Login Problems For United Kingdom Players
August 26, 2026
LegionBet Casino Mobile App Download And Login Guide
August 26, 2026
Is Gransino Casino Legit UK Licensing And Safety
August 26, 2026
Nyxbets Welcome Bonus In The Netherlands For New Players
August 26, 2026
Spinbara Casino No Deposit Bonus In Greece And Key Rules
August 26, 2026
Lottomart Casino Welcome Bonus For Canadians Explained
August 26, 2026
Wizz Casino Welcome Bonus Terms And Wagering Requirements
August 26, 2026