مولانا عبدالله ولد غلام حيدر چانڊيو 19 فيبروري 1902ع تي ڳوٺ ملان چانڊيي (جواب پور چانڊيي)، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. سنڌي فائنل جو امتحان 1919ع ۾ پاس ڪيائين. فارسي تعليم لاءِ ڳوٺ واصل جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. ڪن ٻين مدرسن مان پڙهڻ کان پوءِ وڌيڪ ديني علم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ 1921ع ۾ ’ديوبند‘ دهليءَ ويو، جتي مولانا حسيـن احـمـد مـدني، مولانا غلام رسـول پشاوري، مولانا اعزاز علي کان تحصيل عـلم ڪيائين. ان بعد واپس موٽي اچي 1933ع ۾ مولانا ڪوهاٽي صاحب وٽ دستاربند ٿيو. ان کانپوءِ تعلقي ڳڙهي ياسين جي هڪ مدرسي ۾ پڙهائڻ لڳو. مولانا عبدالله چانڊيو پنهنجي وقت جو جيد عالم ٿي گذريو آهي، کيس زبان ۽ بيان جي حوالي سان ’سنڌ جو شاهه ولي الله‘ سڏيو ويندو هو. قرآن، حديث، فقهه، فلسفي ۽ منطق تي عبور رکندو هو. وڏا وڏا عالم سندس احترام ڪندا هئا. ديني عالم هئڻ سان گڏ وڏو دور انديش شخص هو. هو دين ۽ سياست جي ميلاپ جو مخالف هو. مولانا عبدالله چانڊيي پنهنجي ڳوٺ ملان چانڊيي ۾ مدرسو کولي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. ٻير شريف جو بزرگ مولانا عبدالڪريم قريشي سندس شاگرد هو ۽ ان مدرسي ۾ پڙهيو هو. ڳوٺ جي وڏيري جي مخالفت سبب اڳتي هلي پير جهنڊي ڳوٺ ۾ مدرسيه راشديه ۾ پڙهائڻ لڳو. مولانا صاحب پير جهنڊي، ملان جي ڳوٺ (شڪارپور)، ٺيڙهي، گوري پهوڙ، شڪارپور، امروٽ، گٽهڙ، وارهه، کرڙاهه ۽ ٻين مدرسن ۾ پڙهايو.
مولانا عبدالله
Share this article
Subscribe
By pressing the Subscribe button, you confirm that you have read our Privacy Policy.
Latest News
Resolving Spinshark Login Problems For United Kingdom Players
August 26, 2026
LegionBet Casino Mobile App Download And Login Guide
August 26, 2026
Is Gransino Casino Legit UK Licensing And Safety
August 26, 2026
Nyxbets Welcome Bonus In The Netherlands For New Players
August 26, 2026
Spinbara Casino No Deposit Bonus In Greece And Key Rules
August 26, 2026
Featured Categories
More News
Resolving Spinshark Login Problems For United Kingdom Players
August 26, 2026
LegionBet Casino Mobile App Download And Login Guide
August 26, 2026
Is Gransino Casino Legit UK Licensing And Safety
August 26, 2026
Nyxbets Welcome Bonus In The Netherlands For New Players
August 26, 2026
Spinbara Casino No Deposit Bonus In Greece And Key Rules
August 26, 2026
Lottomart Casino Welcome Bonus For Canadians Explained
August 26, 2026
Wizz Casino Welcome Bonus Terms And Wagering Requirements
August 26, 2026