نامياري استاد، اديب ۽ صحافي لائق سنڌيءَ جو پورو نالو لائق ڏنو ولد حاجي محمد اسماعيل ٿيٻو هو. هن 19 ڊسمبر 1943ع تي تعلقي حيدرآباد جي ڳوٺ موري منگر ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول موري منگر مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ 1961ع ڌاري حيدرآباد مان ڪئي. عالم، اديب فاضل جو امتحان ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد مان پاس ڪيائين. 1961ع ۾ پرائمري استاد ٿيو ۽ سندس مقرري گورنمينٽ پرائمري اسڪول توڪل ميرجت ۾ ٿي. ان کانپوءِ جهنڊو کوسو پرائمري اسڪول ڀينڊو شريف، پرائمري اسڪول موري منگر ۽ پوءِ ڊيپوٽيشن تي هاءِ اسڪول ٽنڊو ڄام ۽ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهايائين. ادب ۽ صحافت سان چاهه هئڻ ڪري روزاني ‘آفتاب’ اخبار ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم جي شروعات ڪيائين ۽ پوءِ ‘آفتاب’ اخبار ۾ نڪرندڙ نوجوانن جي صفحي ‘سرجڻهار’ جو انچارج مقرر ٿيو. ان کانپوءِ روزاني ‘عبرت’، ‘مهراڻ’، ‘سنڌ نيوز’، ‘سنڌ’، ‘خادم وطن’، ‘شام’، ‘ڪاوش’ ۽ ‘ڪوشش’ اخبارن ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. ان کان سواءِ ‘اخبار تعليم’ رسالي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر رهيو ۽ ‘هاڪڙو پبليڪيشن’ ٽنڊي ڄام مان نڪرندڙ رسالي جو مرتب رهيو. لائق سنڌيءَ جون سماجي حوالي سان به ڪيتريون ئي خدمتون آهن، جن تنظيمن ۾ هن ڪم ڪيو، انهن ۾ ڳوٺ سڌار سنگت، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻيون شامل آهن. هو پريس ڪلب حيدرآباد جو سينيئر ميمبر هجڻ سان گڏ عهديدار به رهيو. پاڻ جڏهن استاد جي حيثيت سان 1986ع ۾ رٽائر ٿيو ته رٽائرمينٽ جي اڌ پيسن جا ڪتاب خريد ڪري ڳوٺ واري لائبرريءَ ۾ رکيائين. کيس روزاني ‘سنڌ’ اخبار طرفان صحافت ايوارڊ مليو. ان کان سواءِ 1995ع ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام طرفان بهترين صحافيءَ جو گولڊ ميڊل مليو، جيڪو کيس مهتاب اڪبر راشديءَ ڏنو. پاڻ پرائمري استاد طور 1986ع ڌاري رٽائر ٿيو. لائق سنڌيءَ 16 جنوري 2014ع تي وفات ڪئي. کيس ٻن پٽن جو اولاد آهي.
لائق سنڌي
Share this article
Subscribe
By pressing the Subscribe button, you confirm that you have read our Privacy Policy.
Latest News
Resolving Spinshark Login Problems For United Kingdom Players
August 26, 2026
LegionBet Casino Mobile App Download And Login Guide
August 26, 2026
Is Gransino Casino Legit UK Licensing And Safety
August 26, 2026
Nyxbets Welcome Bonus In The Netherlands For New Players
August 26, 2026
Spinbara Casino No Deposit Bonus In Greece And Key Rules
August 26, 2026
Featured Categories
More News
Resolving Spinshark Login Problems For United Kingdom Players
August 26, 2026
LegionBet Casino Mobile App Download And Login Guide
August 26, 2026
Is Gransino Casino Legit UK Licensing And Safety
August 26, 2026
Nyxbets Welcome Bonus In The Netherlands For New Players
August 26, 2026
Spinbara Casino No Deposit Bonus In Greece And Key Rules
August 26, 2026
Lottomart Casino Welcome Bonus For Canadians Explained
August 26, 2026
Wizz Casino Welcome Bonus Terms And Wagering Requirements
August 26, 2026