(تو بن جاني! هيءَ جهان)

”متان وڙهندي سانهن، لتاڙجن ٻوڙا“

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 

”نفرت“ ۽ ”اختلاف“ ڪي برا رويا ڪونهن. ظلم سان نفرت نه ڪبي ته ڏاڍ جا ڏونگر ڪو لتاڙي نه سگهندو. اختلاف نه ڪبو ته سوچن ۽ لوچن جو نئيون راهون نه کلنديون. جيڪڏهن نفرت ۽ اختلاف انا ۽ اجائي ضد جو نتيجو آهن ته پوءِ ماڻهپي کي باهه وڪوڙي ويندي ۽ سانهن وڙهندا، نتيجي ۾ ٻوڙا لتاڙجي ويندا. ان ڪري انساني احترام، نظرين ۽ قدرن جي پاسداري کانسواءِ نفرت ۽ اختلاف بي پاڙي ول جيان جيڪڏهن ذهنن کي وڪوڙي ويندو ته وڏي تباهيءَ جو ڪارڻ ٿيندو.

مان لکندو ۽ چوندو رهيو آهيان ته سنڌ جي سورن جي ڪهاڻي اڃان پڄاڻيءَ تي نه پهتي آهي، ”جيئن ٿڌ تيئن وڌ“ جي مصداق ڌرتيءَ جي دردن ۾ پنهنجن خواهن پراون جي پرڪارن ڪري واڌ ئي ٿيندي رهي آهي. سنڌ کي فروعي مسئلن جي ور چاڙهي، حزب اختلاف ۽ حزب اقتدار جو توجهه عوامي ڀلائي وارن ڪمن کان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان ڪري ماڻهن جي مجبورين ۾ گهربل ڪمي اچي نه سگهي آهي، البته مايوسيءَ کي چوٽ چڙهڻ جو موقعو مليو آهي. بک ۽ بيروزگاريءَ کي اڃا ٻنجو ڪو نه آيو آهي. عوام جون اميدون اڃا پوريون نه ٿيون آهن. عوام ۽ سياستدان کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري، ڪن شاهينگن نادري حڪمن ۽ حڪمت عملين سان سنڌ جي روشن مستقبل ۽ خوشحاليءَ تي ڌاڙا لڳايا آهن. ڪن پارٽين جي ناعاقبت انديش ويڙهاڪ هراول دستن سياسي برتري حاصل ڪرڻ لاءِ ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ دهشتگرديءَ ڪاميابي جو راز بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙيءَ  صورتحال ۾ جيڪڏهن سنڌ جا سياستدان، پوءِ اهي اقتدار ۾ هجن يا اختلافي صفن ۾ شمار هجن، کين سنڌ جي عظيم تر مفاد ۾ ائين هلڻ گهرجي، جيئن هو پلصراط تان گذري رهيا هجن، انهن کي جيڪڏهن مسهائپ جو مرض وٺي ويندو ۽ معامله فهميءَ بدران جيڪڏهن مونجهارن جو شڪار ٿي ويندا ته نقصان سنڌ کي ئي ٿيندو.

خيرپور ۽ سانگهڙ جي ڏکوئيندڙ واقعن کانپوءِ سنڌ ۾ حڪومت مخالف اتحاد قائم ٿيڻ هر ساڃاهه  وند ماڻهوءَ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. ڪي ماڻهو سوچيندا ضرور ته اهو سڀ ڪجهه اصولن، نظرين ۽ قدرن جي پاس خاطريءَ جو نتيجو آهي، يا ڪن خاص مقصدن لاءِ ٿيندڙ نئين ويڙهاند جي شروعات آهي؟ اهو شخصيتن جي عدم پسندي ۽ انا جو روپ آهي يا ڪنهن مثبت تبديليءَ جو اهڃاڻ آهي؟

اقتدار ۽ اقتدار کان ٻاهر سياستدانن ۾ اصولي اختلاف بهتر حڪمرانيءَ جي ضمانت ۽ عوامي خيرخواهيءَ جو پڙاڏو ٿيندو آهي. پر اهو پڙاڏو جيڪڏهن جنگ جي نادن ۾ تبديل ٿي ويندو ته مصيبت ۾ ماروئڙا ۽ سانگيئڙا اچي ويندا. بي ڏوهي نشانو ٿيندا ۽ پوءِ ڪانون کي لڙ مان مزو ايندو ۽ هار جيت جا نتيجا ڪنهن ٻئي جي جهوليءَ ۾ پوندا. پاڻ تماشبين طور اهو ڏسندا ئي رهجي وينداسين. ان ڪري سنڌ جي صورتحال هر ڪنهن سياستدان کان وطن دوستي ۽ عوام-دوستيءَ واري تدبر جي تقاضا ڪري ٿي. سنڌ اهڙي سياسي ويڙهاند ۽ ڌماچوڪڙي کي برداشت ڪرڻ جي سگهه نه ٿي رکي، جنهن ۾ ان کي يا عوام کي ڇيهو رسي، جنهن ۾ دلين ۽ ذهنن جي تقسيم ٿئي ۽ رت سان ليڪا ڪڍي سنڌ جي سياست جي نئين نموني سان نقش ونگاري ڪئي وڃي.

هونئين به سياستدان چوندا آهن ته ”عوام ئي اصلي قوت جو سرچشمو آهي.“ ان ڪري جهڙيءَ ريت اقتدار ۾ اچي عوامي ڀلائي جا ڪم نه ڪرڻ گناهه آهي، اهڙي ريت اختلاف ۾ رهي، عوام کي سبز باغ ڏيکارڻ يا انهن کي پنهنجي مقصدن لاءِ مڇرائڻ سياسي ڪلچر نه پر سياسي ڏوهه آهي. ان ڪري حالتن جو اٺ ڪهڙي به پاسي ليٽي، پر عوام جي احترام ۽ عزت مال ۽ جان کي ٻنهي ڌرين مان ڪو خطرو هئڻ نه گهرجي. ائين نه ٿئي جو وڙهن سانهن ۽ لتاڙجن ٻوڙا. هن موڙ تي ٻنهي ڌرين تي واجب ٿئي ٿو ته عوام کي اعتماد ۾ وٺي سموريءَ صورتحال کان آگاهه ڪن، پنهنجي اقتدار يا اختلاف جي حڪمت عمليءَ جي کليل لفظن، دليلن ۽ انگن اکرن سان وضاحت ڪن. پنهنجا مسئلا ۽ مونجهارا عوامي عدالتن ۾ پيش ڪن ۽ نه ڪي ماڻهن جا هجوم لڳائي، انهن کي هڪٻئي جي دوست بڻجڻ بدران دشمن بڻائي ڇڏن.

 

 

 

 

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

 

Good Wishes