1939ع

حاجي عبدالله هارون سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو، هن ڪم ۾ سائين جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي کان سواءِ ٻن لاڙڪاڻه واسين سياستدانن پير علي محمد شاهه راشديءَ ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي سندس ڀرپور ساٿ ڏنو.

1 جنوري 1939ع

سيٺ تيجو مل خانچنداڻي، لڪيءَ جو زميندار، تعلقي لوڪلبورڊ مانجهند ۽ ضلعي لوڪل بورڊ دادو جو ميمبر ٿي رهيو، جنهن لڪيءَ جي مسجد جي تعمير وقت مسلمانن ۽ خاص طور تي جي ايم سيد سان اختلاف ڪيو ۽ مذهبي تنگ دليءَ جو مظاهرو ڪيو، سو مري ويو.

1 جنوري 1939ع

عبدالرحمان ولد سومر منگي نصيرآباد ۾ ڄائو، ”اديب“ جي تخلص سان شاعري ڪندو آهي ۽ صحافيءَ جي حيثيت سان ڪيترن اخبارن ۾ نمائندو ٿي رهيو آهي ۽ اڃا به صحافت جي دنيا سان لاڳاپيل آهي.

5 جنوري 1939ع

سنڌ اسيمبليءَ ۾ جي ايم سيد وڏي وزير ۽ سندس حڪومت خلاف بي اعتماديءَ واري رٿ پيش ڪئي.

12 جنوري 1939ع

سنڌ اسيمبليءَ ۾ وڏي وزير خلاف بي اعتماديءَ واري رٿ ستن ووٽن جي ڀيٽ ۾ ٻٽيهن ووٽن سان رد ٿي، ڪانگريس پارٽيءَ پاڻ ؛ي هن سياسي دنگل کان پري رکيو.

15 جنوري 1939ع

سنڌ جي گورنر لاڙڪاڻي اچڻ جو پروگرام جوڙيو ته لوڪل بورد اڄوڪي تاريخ کان 20 ڏينهن تائين يعني 5 فيبروري تائين انهن روڊن ۽ رستن جي صفائي، گاهه وجهڻ ۽ ٺيڪ رکڻ لاءِ بيلدارن ۽ مقدمن کان ڪم ورتو، انهن مان ميروخان تعلقي جي مقدم محمود ۽ لاڙڪاڻي تعلقي جي بيلدار محمد جو ڪم لوڪلبورڊ جي عملدارن کي پسند آيو، نتيجي ۾ اسپيشل ڊيوٽيءَ لاءِ کين ٻه رپيا اسپيشل پگهار ڏنو ويو.

6 فيبروري 1939ع

رميش تلوڪچند جئسنگهاڻي ”شيوڪ“ طيب، تعلقي رتيديري ۾ ڄائو، 1947ع کان پوءِ کيس پنهنجي وڏن سان گڏ وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا، سندس شمار مشهور ليکڪن ۽ موسيقارن ۾ ٿئي ٿو.

13 فيبروري 1939ع

ڪراچيءَ جي خالق ڏني هال ۾ سر حاجي عبدالله هارون جي صدارت هيٺ مسلم ليگ جو زبردست اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ”الله بخش وزارت“ تي تنقيد ڪرڻ کان سواءِ وڍيا مندر اسڪيم جي مخالفت ڪئي وئي، هن اجلاس ۾ فلسطيني عربن سان همدرديءَ جو اعلان پڻ ڪيو ويو.

لاڙڪاڻي واسي اڳواڻن مان خانبهادر محمد ايوب کهڙي ۽ پير علي محمد شاهه راشدي به جلسي کي خطاب ڪيو، پير علي محمد شاهه راشدي ”مسلم ليگ پبلڪ پڪار آفيس“ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان رپورٽ به پيش ڪئي.

13 فيبروري 1939ع

ڪراچيءَ جي خالق ڏني هال ۾ سر حاجي عبدالله هارون جي صدارت هيٺ مسلم ليگ جي زير اهتمام وڏو جلسو ٿيو، جنهن ۾ ٻين سان گڏ خانبهادر محمد ايوب کهڙي پڻ تقرير ڪئي ۽ مسلم ليگ پبلڪ پڪار آفيس جي سيڪريٽري علي محمد شاهه راشديءَ ٻن مهينن جي رپورٽ پيش ڪئي، هن جلسي ۾ وديا مندر اسڪيم حيدرآباد دکن جي مسلمانن ۽ فلسطينن بابت ٺهراءَ پاس ڪيا ويا.

20 فيبروري 1939ع

خانبهادرالله بخش پنهنجي وزارت ۾ ڦيرگهير آندي، جنهن جي نتيجي ۾ سر غلام حسين کي وزارت ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن کي داخلا، قانون ۽ انتظام نمونيءَ جا کاتا ڏنا ويا، نئون وزير هن کان اڳ ۾ سنڌ اسيمبلي مسلم ليگ جو ليڊر چوندجي چڪو هو ۽ هيءَ وزارت هندو ڪانگريس سهڪار تي هلي رهي هئي، هن کان اڳ سنڌ اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ پارٽيءَ جو ڊپٽي ليڊر به الله بخش وزارت ۾ شامل ٿي چڪو هو.

23 فيبروري 1939ع

خانبهادر الله بخش وزارت جي ٻن هندو وزيرن نهچلداس ۽ ڏيئمل استعيفا ڏئي ڇڏي.

28 فيبروري 1939ع

علي گوهر خان لاهوريءَ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ کي خط ذريعي تجويز ڏني ته ڏوڪريءَ ۾ قائم ٿيل ميٽرنٽي هوم کي ليڊي گرهام جو نالو ڏنو وڃي، 22 مارچ 1939ع واري اجلاس ۾ لوڪلبورڊ انهيءَ تجويز تي غور ڪيو ۽ اهو فيصلو ڪيو ته ميٽرنتي هوم تي ليڊي گرهام جي نالي رکڻ کان اڳ کانئس اجازت ۽ رضامندو ورتو وڃي.

9 مارچ 1939ع

سنڌ جي مشهور شاعر 50 ڪتابن جي مصنف هدايت علي ”نجفي“ وفات ڪئي، سندس ولادت 1894ع ۾ ڳوٺ لعلو رائنڪ ۾ ٿي.

17 مارچ 1939ع

خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي ڪراچيءَ واري جاءِ تي مسلم ليگ پارليامينٽري پارٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ اسيمبليءَ سان واسطو رکندڙ ڳالهين تي غور ڪيو ويو.

27 مارچ 1939ع

سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڊاڪٽر هيمنداس واڌواڻيءَ سنڌ وزارت خلاف بي اعتماديءَ واري رٿ پيش ڪئي، هن ئي ڏينهن تي سنڌ جي گورنر ٻن هندو وزيرن، نهچلداس وزيراڻي ۽ ڏيئل مل دولترام جون استعيفائون قبول ڪيون.

1 اپريل 1939ع

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ هڪ سال 1 اپريل 1939ع کان 31 مارچ 1940ع تائين پنهنجي وهنوار هلائڻ لاءِ هيٺ ڄاڻايل ڪاميٽيون.

1. اسٽيڊنگ ڪاميٽي: محمد ايوب کهڙو (صدر)، احمد خان ڀٽو، الهداد تنيو، پرڀداس، علي گوهر لاهوري، عبدالحق ڀٽو ۽ گوڪلداس.

2. لاڙڪاڻه مدرسه ڪاميٽي: فقير محمد انڙ(چيئرمين)، آنند رام، مٺل خان شيخ، گل محمد ابڙو، قادر بخش تنيو، محمد هاشم جوڻيجو، عبدالحق ڀٽو، غلام مصطفيٰ اسراڻ ۽ پرڀداس تولاڻي.

3. هيلٿ ڪاميٽي: ڪريم بخش کهاوڙ (چيئرمين)، غلام مصطفيٰ اسراڻ، سيٺ ساڌو رام، الهه ورايو جروار، عبدالحق ڀتو، عبدالهادي ٻگهيو، آنند رام، فقير محمد انڙ ۽ گل محمد ابڙو ۽ عبدالرحمان ڪلهوڙو.

4. وٽرنري ڊسپينسري ڪاميٽي لاڙڪاڻول ساڌو رام (صدر) ۽ محمد هاشم جوڻيجو، قادر بخش تنيو.

5. وٽرنري ڊسپينسري شهدادڪوٽ: گوڪلداس (چيئرمين)، الهه ورايو جروار، قادر بخش ۽ حاجي مٺل خان.

6. روڊ ڪاميٽي: محمد ايوب کهڙو (صدر)، احمد بخش ڀٽو، عبدالهادي ٻگهيو، پيربخش کهاوڙ، گوڪلداس، آنند رام، فقير محمد انڙ، عبدالحق ڀٽو، گل محمد ابڙو، الهه ورايو جروار.

1 اپريل 1939ع

ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سمورا ٽول بارس ختم ڪيا ويا ۽ هن کانپوءِ ماڻهو ٽول ٽيڪس ڏيڻ کان آجا ٿي پيا.

1 اپريل 1939ع

آسرداس پرسواڻيءَ جي ايڊيٽريءَ ۾ سکر مان ماهوار رسالو ”نوجوان“ جاري ٿيو، امر پرنٽنگ پريس سکر ۾ ڇپجندڙ هن رسالي ۾ نوجوانن ۾ اخلاقي، سماجي ۽ تعليمي شعور پيدا ڪندڙ مواد ڏنو ويندو هو.

13 اپريل 1939ع

خانبهادر الله بخش وزارت جي ٻن سابق وزيرن جن 23 فيبروريءَ جي استعيفا ڏني هئي، سي وري ٻيهر وزارت ۾ شامل ٿيا.

16 اپريل 1939ع

وارهه ۾ مسلم ليگ جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ خانبهادر محمد ايوب کهري، محترم جي ايم سيد ۽ قاضي فضل الله شرڪت ڪئي.

23 اپريل 1939ع

ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ پراونشل مسلم ليگ“ جي ورڪنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت سيٺ حاجي عبدالله هارون ڪئي، هن گڏجاڻي ۾ جماعت کي سنڌ ۾ فعال ۽ مقبول بنائڻ بابت ڪيترا فيصلا ورتا ويا، ورڪنگ ڪاميٽي جي ميمبر جي حيثيت سان هن گڏجاڻيءَ ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙي پڻ شرڪت ڪئي.

27 اپريل 1939ع

لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر پنهنجي مراسلي نمبر 5587 موجب ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ کي لکيو ته ضلعي ۾ ”تعليم عام ڪرڻ واري تحريڪ“ لاءِ ڏهه هزار رپيا منظور ڪيا وڃن.

ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ پنهنجي 17 مئي 1939ع واري اجلاس ۾ ٺهراءُ نمبر 26 ذريعي فيصلو ڪيو ويو ته ڏهه هزار رپيا ٻن قسطن ۾ ڏنا وڃن، پهرين قسط ڏيڻ کان پوءِ اهو ڏٺو ويندو ته جيڪڏهن اسڪيم ڪامياب وڃي رهي آهي ته پوءِ باقي 5000 رپيا ڏنا ويندا ان جي ابتڙ نتيجن جي روشني ۾ ڏوڪڙ نه ڏبا.

5 مئي 1939ع

ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا هنري نماء جي موقعي تي نماءِ جي آڊيٽوريم هال ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي صدارت هيٺ مشاعرو منعقد ٿيو، هن مشاعري ۾ طرح بدران عنوان ڏنو ويو ۽ اهو عنوان هو ”بهار وطن ۽ خزان وطن“.

9 مئي 1939ع

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ لاڙڪاڻه جي اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ لوڪلبورڊ کي صلاح ڏني ته لاڙڪاڻي مدرسي ۾ ٽن سالن دوران داخل ٿيل شاگردن جي سراسري ڪڍي، في ڀريندڙ شاگردن کي انهيءَ حساب سان داخلا ڏني وڃي، باقي بچيل سيٽن تي هارين ۽ مزدورن جي ٻارن کي مفت ۾ داخلا ڏني وڃي.

ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ پنهنجي 17 مئي 1939ع واري اجلاس ۾ ٺهراءُ نمبر 18 موجب انهيءَ صلاح کي منظور ڪيو.

16 مئي 1939ع

ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي اسٽيڊنگ ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي سردار نبي بخش خان ڀُٽي جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ خانبهادر احمد بخش ڀُٽي، خانبهادر محمد ايوب کهڙي، پرڀداس تولاڻي، خان صاحب عبدالحق ڀُٽي ۽ علي گوهر لاهوريءَ شرڪت ڪئي.

هن گڏجاڻيءَ ۾ سال 40-1939ع لاءِ لوڪل بورڊ جي بجيٽ اسٽيميٽ، ٽي بيءَ جي مريضن جي مفت ۾ چڪاس، مسلم ايڊوڪيشنل سوسائٽي جي گرانٽ لاءِ درخواست، ٺيڪن جي منظوري ڏيڻ ۽ عاقل ۾ ميٽرنٽي هوم قائم ڪرڻ جهڙن اسمن تي غور ويچار ڪيو ويو، هن گڏجاڻيءَ ۾ مختلف ادارن ۽ تنظيمن طرفان گرانٽ لاءِ ڏنل سموريون درخواستون رد ڪيون ويون.

4 جون 1939ع

سنڌ پراونشل مسلم ليگ ٺهراءُ پاس ڪري پنهنجي صدر سر حاجي عبدالله هارون ۽ اسيمبلي اڳواڻ خانبهادر کهڙي کي اهو اختيار ڏنو ته اهي ٻئي ”مسجد منزل گاهه“ جي مسئلي تي سنڌ جي وڏي وزير خانبهادر الله بخش سومري سان ملاقات ڪن، انهن ٻنهي اڳواڻن 5 جون يعني سڀاڻي تي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي، جنهن کين يقين ڏياريو ته مسجد وارو مامرو جلد نبيريو ويندو.

16 جون 1939ع

شهدادڪوٽ ۾ مولانا قمر الدين جي صدارت ۾ مسلم ليگ جو جلسو ٿيو، هن جلسي ۾ ضلعي مظفر ڳڙهه جي مولوي عبدالعزيز شرڪت به ڪئي ۽ تقرير به ڪئي، تقرير ڪندڙن ماڻهن ۽ خاص طور تي مسلمانن کي مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿيڻ جي صلاح ڏني.

5 جولاءِ 1939ع

ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي اسٽيڊنگ ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي سردار نبي بخش خان ڀُٽي جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ احمد خان ڀُٽي، عبدالحق ڀُٽي، محمد ايوب کهڙي، پرڀداس ۽ الهداد خان تنئي شرڪت ڪئي.

هن گڏجاڻي ۾ ترقياتي ڪمن جي تخمينن، وقت تي پورا نه ٿيندڙ ڪمن لاءِ ٺيڪيدارن کي وقت وڌائي ڏيڻ، هر تعلقي مان هڪ مقدم سروي ۾ تعليم وٺڻ لاءِ تپيدارن جي ٽريننگ اسڪول ۾ موڪلڻ، مالي مدد تي هلندر ڊسپينسري ۾ دوائون مهيا ڪرڻ ۽ محصول جي ورهاست وارن اسمن تي غور ڪيو ويو.

هن گڏجاڻي4 ۾ 18 پايون محصول جي تقسيم هن ريت ڪئي وئي. پرائمري تعليم 6 پايون، سيڪندري تعليم ¾1 پايون، ميڊيڪل هيلٿ 5 پايون، سول ورڪس ¼1 پايون، جنرل ايڊمنسٽريٽشن 1 پائي.

10 جولاءِ 1939ع

ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن ڊسٽرڪٽ لوڪل بورد کي لکيو ته آگسٽ 1939ع ۾ ڪراچيءَ ۾ لوڪلبوردس جي ڪانفرنس سڏائڻ جو رايو آهي، ان لاءِ لاڙڪاڻي لوڪل بورڊ پنهنجن چئن ميمبرن کي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ نامزد ڪري.

لاڙڪاڻه ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ پنهنجي 24 آگسٽ واري اجلاس جي ٺهراءُ نمبر 5 ذريعي پنهنجي صدر سردار نبي بخش ڀُٽي، خانصاب محمد ايوب کهڙي، خانبهادر احمد خان ڀُٽي ۽ پرڀداس تولاڻي کي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نامزد ڪيو.

11 جولاءِ 1939ع

سملي ۾ ڪانفرنس جي موقعي تي سر عبدالحريم پريزيڊنٽ هند اسيمبلي هندستان جي مختلف صوبن جي اسيمبلين جي اسپيڪرن کي دعوت ڏني.

15 جولاءِ 1939ع

سنڌ اسيمبلي جي تڏهوڪي اسپيڪر سيد ميران محمد شاهه ۽ تڏهوڪي ڊپٽي اسپيڪرس ڄيٺي سپاهبملاڻي اسيمبلين جي اسپيڪرن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سملي پهتا.

16 جولاءِ 1939ع

سنڌ جي تڏهوڪي اسپيڪر سيد ميران محمد شاهه سملي ۾ سر ظفر الله جي دعوت کاڌي ۽ انهيءَ رات خانبهادر عزيز الحق اسپيڪر بنگال اسيمبلي، خواجه تميز الدين وزير زراعت بنگال ۽ حميد الحق ڊپٽي پريزيڊنٽ بنگال ڪائونسل سان ملاقات ڪئي.

18 جولاءِ 1939ع

سنڌ اسيمبلي جي تڏهوڪي اسپيڪر سيد ميران محمد شاهه سملي ۾ لارڊ لنلٿگو وائسراءِ هند سان سندس محلسراءِ ۾ ملاقات ڪئي.

ساڳي ئي ڏينهن تي هن اسيمبلي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي.

20 جولاءِ 1939ع

سملي ۾ اسيمبلين جي اسپيڪرن واري ڪانفرنس جي پڄاڻي تي پهتي.

21 جولاءِ 1939ع

مولانا شاهه محمد جي صدارت ۾ تعلقي ميروخان جي ڳوٺ بٺي هڪڙا ۾ مسلم ليگ جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ ٻه سو ماڻهن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڪيترا ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، جن جا متن ”گل حيات“ ۾ محفوظ آهن، انهن ٺهرائن مان هڪ ٺهراءُ ذريعي نظام دکن خلاف هندن جي وائويلا جي ندا ڪئي وئي، ٻئي ٺهراءُ موجب لاڙڪاڻي مان اسيمبليءَ ۾ چونڊجي ويل مسلمان ميمبرن کي مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿيڻ جي اپيل ڪئي وئي، اهو ٺهراءُ پڻ پاس ڪيو ويو ته ان وقت تائين سنڌ وزارت تي اعتماد نه ڪيو ويندو جيستائين مسلمانن جي حقن جي حفاظت نه ڪئي ويندي، ان کان سواءِ هي ٺهراءُ به پاس ڪيوويو ته هندو قرآن پاڪ جي فروخت نه ڪن.

22 جولاءِ 1939ع

سنڌ اسيمبلي جي تڏهوڪي اسپيڪر سملي کان لاهور پهتو، جتي هن خابهادر محمد صديق ميمڻ سان گڏجي انجمن حمايت اسلام جي دفتر جو معائنو ڪيو.

22 جولاءِ 1939ع

سکر ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي صدارت هيٺ مسجد منزل گاهه ريسٽوريشن ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، آغا نظر علي خان، ڊاڪٽر محمد يامين، ڀرچونڊيءَ جي پير ۽ شيخ واجد شرڪت ڪئي، ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٻئي ڏينهن تي به ٿي، جنهن ۾ تحريڪ سان لاڳاپيل مختلف پهلوئن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري فيصلا ڪيا ويا.

24 جولاءِ 1939ع

تولارام ڪنئيا لعل رهيجا، سکر ۾ ڄائو، هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي پونو ۾ ويٺو، هن اتي ئي علم ادب جي ميدان ۾ پاڻ موکيو.

24 جولاءِ 1939ع

صوبي سنڌ مسلم ليگ جي مسجد منزل گاهه لاءِ مقرر ڪيل ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي خانبهادر کهڙي جي صدارت هيٺ سکر ۾ ٿي، هن گڏجاڻيءَ ۾ جملي ست ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، جيڪي ”گل حيات“ ۾ محفوظ آهن، انهن ٺهرائن ذريعي حڪومت سنڌ جي مسجد خلاف پاليسيءَ جي ندا ڪئي وئي، اسيمبليءَ جي مسلمان ميمبرن کي چتاءُ ڏنو ويو ته هنن جيڪڏهن مسجد جي حوالي سان تحريڪ ۾ تعاون نه ڪيو ته کين ٻيهر نه چونڊيو ويندو، اهو فيصلو ڪيو ته پهرين آڪٽوبر تي مسجد لاءِ ستياگري شروع ڪئي ويندي ۽ ان کان اڳ 18 آگسٽ تي ”مسجد منزل گاهه ڊي“ ملهايو ويندو.

8 آگسٽ 1939ع

ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي اسٽيڊنگ ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي نبي بخش سان ڀُٽي جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ عبدالحق ڀُٽي ۽ پرڀداس تولاڻيءَ کان سواءِ باقي ميمبر شريڪ نه ٿيا ۽ ڪورم پورو نه ٿيو، ان ڪري گڏجاڻي مهمل ڪئي وئي. ان کان پوءِ ٻي مهل ٿيل گڏجاڻي 23 آگسٽ 1939ع تي ٿي، جنهن ۾ خانبهادر کهڙي، پرڀداس تولاڻي، عبدالحق ڀٽي، علي گوهر لاهوري ۽ احمد خان ڀُٽي شرڪت ڪئي.

هن گڏجاڻي ۾ ٺيڪيدارن کي ڪم لاءِ وڌيڪ وقت ڏيڻ، ٽيوب ويل لڳائڻ لاءِ واسطيدار راڄ مها ڄڻن سان معاهدا ڪرڻ، چئن روڊ (ڏوڪري کان مهين جو دڙو، باڊهه کان نصيرآباد، لاڙڪاڻي کان ميروخان ۽ باقراڻي ڳوٺ کان اسٽيشن) جي تعمير لاءِ 9765 رپيا، اسپيشل روڊ ڊويزن جي انجنيئر حوالي ڪرڻ وغيره بابت فيصلا ڪيا ويا.

8 آگسٽ 1939ع

”الوحيد“ جي اڄوڪي پرچي ۾ جيڪو ايڊيٽوريل شايع ٿيو آهي، ان ۾ مسلمانن کي پڪاريو ويو آهي ته اهي مسجد منزل گاهه جي واگذاريءَ لاءِ اٿن ۽ مسلم ليگ ۾ شامل ٿي جدوجهد ڪن.

12 آگسٽ 1939ع

مسجد منزل گاهه ريسٽوريشن ڪاميٽيءَ طرفان پوسٽر شايع ڪرايا ويا ۽ اخبارن ۾ اشتهار ڏياريا ويا ته جيئن 18 آگسٽ کي ”مسجد منزل گاهه ڏينهن“ ڪري ملهايو وڃي، اشتهار ۾ چيو ويو هو ته ”18 آگسٽ تي ساري سنڌ ۾ مسجد منزل گاهه ڏينهن ملهايو ويندو، جنهن ڏينهن جلسا ڪري مسلمانن کي ستياگرهه لاءِ آماده ڪيو ويندو، والنٽيئر ڀرتي ڪيا ويندا ۽ ضروري مصارف لا3 چندو گڏ ڪيو ويندو، سنڌ جي غيور مسلمانن جو فرض آهي ته 18 آگسٽ تي مسجد منزل گاهه ڏينهن ملهائي پنهنجي جوش ايماني ۽ غيرت اسلاميءَ جو ثبو ڏيندا“. هن اشتهار جو عنوان هو ”مسلمانو! 18 آگسٽ ياد رکجو!“

12 آگسٽ 1939ع

روزانه ”الوحيد“ جي اڄوڪي پرچي ۾ ”مسجد منزل گاهه جي واگذاري ۽ علماءِ ڪرام جو فرض“ جي عنوان سان ايڊيٽوريل شايع ٿيو، جنهن ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي ته ”جمعيت العلماءِ سنڌ“ جون ان ڏس ۾ ورتل ڪوششون نمائشي ۽ غير ديانتداريءَ تي ٻڌل آهن.

13 آگسٽ 1939ع

”الوحيد“ جي اڄوڪي پرچي ۾ مسٽر علي گوهر لاهوريءَ جو خط شايع ٿيو، جيڪو هن سيڪريٽري منزل گاهه ريسٽوريشن ڪاميٽيءَ نالي لکيو هو، انهيءَ خط ۾ هن ظاهر ڪيو ته مٿس 50 رپيا چندو رکيو ويو هو، سو هن قاضي فضل الله صاحب جي حوالي ڪيو آهي، هن خط ۾ يقين ڏياريو ته هو انهيءَ تحريڪ ۾ مسلم ليگ سان هر قسم جو تعاون ڪندو.

17 آگسٽ 1939ع

”الوحيد“ جي اڄوڪي پرچي ۾ ”مسجد منزل گاهه ۽ هنومان مندر“ جي عنوان سان هڪ مضمون شايع ٿيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچيءَ ۾ ڪيئن نه هندو هنومان مندر جي مسئلي تي هڪ ٿي ويا آهن، پر ”جمعيت العلماءِ سنڌ“ پاڻ کي مذهبي تنظيم چورائيندي به مسجد منزل گاهه واري اهم مسئلي تي خاموش آهي.

18 آگسٽ 1939ع

سرحاجي عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد، خانبهادر محمد ايوب کهڙي، محمد هاشم ۽ سيد خير شاهه  جو هڪ گڏيل تفصيلي بيان ”الوحيد“ ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ ”مسجد منزل گاهه“ جو تاريخي پس منظر، هندن جي اختلافن جي تاريخ ۽ حڪومت جي سرد مهري بيان ڪئي وئي ۽ سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو ته مسجد مسلمانن جي حوالي ڪئي وڃي.

18 آگسٽ 1939ع

سنڌ جي طول و عرض ۾ ”يوم منزل گاهه“ ملهايو ويو، هنڌين ماڳين عوامي ميڙ ٿيا، جن ۾ سنڌ سرڪار کان مسجد جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو، ضلعي لاڙڪاڻي جي مکيه شهرن ۾ به اهڙا ميڙ ٿيا، نهن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ لاڙڪاڻو، قمبر، شهدادڪوٽ ۽ گل محمد جروار ذڪر لائق آهن.

18 آگسٽ 1939ع

سڄي سنڌ ۾ ”مسجد منزل گاهه ڏينهن“ ملهايو ويو، جنهن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي به ڀرپور حصو ورتو.

18 آگسٽ 1939ع

الوحيد جي اڄوڪي پرچي ۾ سنڌ جي مسلمانن اڳواڻن جو هڪ تفصيلي بيان شايع ٿيو، جنهن ۾ حڪومت کان گهر ڪئي وئي هئي ته منزل گاهه مسجد مسلمانن کي واپس ڏني وڃي، انهيءَ بيان ۾ سنڌ جي هندو ڀائرن کي هن معاملي ۾ غير جانبدار رهڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي.

هن بيان تي سر حاجي عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد غلام مرتضيٰ شاهه، محمد هاشم گذدر ۽ سيد خير شاهه کان علاوه خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي پڻ دستخط ڪئي هئي.

24 آگسٽ 1939ع

سردار نبي بخش خان ڀُٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ محمد ايوب کهڙي، احمد خان ڀُٽي، پرڀداس علي گوهر لاهوري، پيربخش کهاوڙ، عبدالرحمان ڪلهوڙي، حسن علي اسراڻ، فقير محمد انڙ، گوڪلداس، ساڌو رام، عبدالحق ڀُٽي، ڌڻي بخش چانڊيئي، فريد الدين جتوئي، غلام مصطفيٰ اسراڻ، الهداد، الهورائي جروار، آنند رام، محمد هاشم جوڻيجي، قادربخش تنئي، گل محمد ابڙي ۽ ڪريم بخش کهاوڙ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا، انهن مان ڪي هي آهن.

عاقل ۾ ميٽرنٽي هوم قائم ڪرڻ جي اجازت، جنهن لاءِ وڏيري محمد نواز کهڙي مفت ۾ جاءِ فراهم ڪئي هئي، مختلف عملدارن ۽ ملازمن جي پگهارن خواهه ٽريولنگ الائونس بابت فيصلا ڪرڻ، 5 روپيا درماهه جي حساب سان ضلعي ۾ وڌيڪ 6 قرآن ٽيچر مقرر ڪرڻ، اڻپورن ترقياتي ڪمن لاءِ رقمن جي منظوري ڏيڻ، علي گوهر لاهوري ۽ عبدالهادي ٻگهئي جي تجويز تي فيصلو ڪرڻ ته مسجد منزل گاهه ريسٽوريشن ڪاميٽيءَ کي لوڪلبورڊ جي رزرو فند مان هڪ هزار چندو ڏجي، پر فيصلي ڪرڻ کان اڳ علي گوهر لاهوريءَ پنهنجي تجويز واپس ورتي، احمد خان ڀٽي کي سنڌ مدرسته الاسلام بورڊ تي ميمبر نامزد ڪرڻ.

1 سيپٽمبر 1939ع

ٻي مهاڀاري لڙائي جي شروعات ٿي، هن جنگ هڪ ڪروڙ اڻونجاهه لک ٻائيتاليهه هزار ۽ اٺ سو ڇهويهه انسانن جي حياتيءَ جي قرباني ورتي، سنڌ نه فقط ان جنگ جي نتيجي ۾ اقتصادي نقصان برداشت ڪيو پر ڪيترن ماڻهن کي زبردستي فوج ۾ ڀرتي ڪري جنگي محاذن تي موڪليو ويو.

7 سيپٽمبر 1939ع

خانبهادر محمد ايوب کهڙي، سنڌ جي وڏي وزير خانبهادر الله بخش سومري سان ملاقات ڪئي ۽ کيس زور ڀريو ته ”مسجد منزل گاهه“ وارو مامرو جلد نبيريو وڃي، وڏي وزير کيس يقين ڏياريو ته پهرين فرصت ۾ مامري جو نبيرو ڪيو ويندو.

10 سيپٽمبر 1939ع

دادو ۾ سيٺ حاجي محمد يعقوب جي ڪارخاني واري آفيس ۾ مسلم ليگ جي جنرل ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ ميان شمس الدين کي چيئرمين چونڊيو ويو.

12 سيپٽمبر 1939ع

حاجي عبدالله هارون سنڌ جي وڏي وزير خانبهادر الله بخش سومري سان سکر جي مسجد منزل گاهه واري مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان پو3 وڏي وزير خلاف سخت بيان جاري ڪيائين ته هو مسجد منزل گاهه جي مسئلي تي مسلمانن جي جذبن کي نظر انداز ڪري رهيو آهي.

16 سيپٽمبر 1939ع

”مسجد منزل گاهه ريسٽوريشن ڪاميٽي“ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سر حاجي عبدالله هارون جي جاءِ تي خانبهادر کهڙي کي ڪاميٽيءَ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ ”ريسٽوريشن ڪاميٽي“ جو نالو بدلائي ”وار ڪائونسل“ رکيو ويو، اهريءَ ريت ”مسجد منزل گاهه تحريڪ“ جي اڳواڻي لاڙڪاڻي واسين جي حوالي ٿي.

16 سيپٽمبر 1939ع

لوڪل بورڊ جي اسٽيڊنگ ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي رکي وئي، جنهن ۾ صدر کان سواءِ فقط ميمبر عبدالحق ڀتو اچي سگهيو، ان ڪري گڏجاڻي مهمل ڪئي وئي، مهمل ٿيل گڏجاڻي 5 آڪٽوبر تي سڏائي وئي، جنهن ۾ به فقط هڪ ميمبر اچي سگهيو ۽ ڪورم پورو نه ٿيو، ان ڪري ٽيون دفعو اها گڏجاڻي 2 نومبر 1939ع تي سڏائي وئي، جنهن ۾ صدر پرڀداس، خانبهادر محمد ايوب کهڙي، احمد خان ڀُٽي، علي گوهر لاهوري ۽ رئيس الهداد تنئي شرڪت ڪئي.

16 سيپٽمبر 1939ع

سکر جي هندن قمبر ۾ ”اسيمبلي ناٽڪ“ ڊرامو اسٽيج ڪيو، جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي کي ڌيان ۾ رکي وڏي وزير پير الاهي بخش ۽ مسلمان ميمبرن تي طنز ڪئي وئي هئي، ڏسندڙ عوام بري بانئڻ بدران هن طنزيه ناٽڪ مان مزو ماڻيو.

19 سيپٽمبر 1939ع

”مسجد منزل گاهه تحريڪ“ کي زور وٺرائڻ لاءِ خانبهادر غلام محمد اسراڻ لاڙڪاڻي مان ۽ ”مجديد جماعت، جا ماڻهو مٽيارن مان سکر پهتا، هن تحريڪ جي حوالي سان پير غلام مجدد کي گرفتار ڪيو ويو.

20 سيپٽمبر 1939ع

تعلقي خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ گوزه ۾ اتان جي پرائمري مسلم ليگ جو ساليانو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽي سو ميبرن شرڪت ڪئي، هن اجلاس ۾ نئين سال لاءِ هن ريت عهديدار چونڊيا ويا.

مولوي غلام محمد ٻورڙ (صدر)، سرائي حاجي لال بخش راهوجو (نائب صدر)، حاجي ڌڻي بخش چانڊيو (خزانچي)، جان محمد ڪوريجو (جوائنٽ سيڪريٽري) ۽ محمد بخش مڱريو (جنرل سيڪريٽري)، ان کان سواءِ مولوي الله بخش راهوجي ۽ مولوي تاج محمد پنهور کي مبلغ مقرر ڪيو ويو.

21 سيپٽمبر 1939ع

”مسجد منزل گاهه وار ڪائونسل“ جي چيئرمين خانبهادر محمد ايوب کهڙي سنڌ جي گورنر کي خط لکيو ۽ کيس ٻڌايو ته هن 7 سيٽپمبر تي به وڏي وزير سان ملاقات ڪئي آهي پر هن مسجد منزل گاهه واري مامري جو اڃا نبيرو ڪو نه ڪيو آهي، ان ڪري اوهان مداخلت ڪري مامرو نبيريو.

24 سيپٽمبر 1939ع

”الوحيد“ اخبار ۾ ”مسجد منزل گاهه لاءِ مسلمانن کي دعوت عمل“ جي عنوان سان ايڊيٽوريل شايع ٿيو، جنهن ۾ هڪ طرف سنڌي مسلمانن کي تحريڪ ۾ حصي وٺڻ لاءِ چيو ويو ۽ ٻئي طرف حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته هنگامي آرائي کان بچڻ لاءِ مسجد منزل گاهه مسلمانن جي حوالي ڪئي وڃي.

26 سيپٽمبر 1939ع

وقت جي سرڪار ٻن مهينن تائين منزل گاهه جي حدن اندر داخلا تي 144 قلم جي بندش وڌي، حڪومت انهيءَ قلم لاڳو ڪرڻ جو جواز اهو ڏنو ته جيئن هندو مسلم فساد نه ٿين، اهڙي ريت سکر جي مختيارڪار قلم 42 ڊسٽرڪٽ پوليس ائڪٽ هيٺ سکر ۾ 1 آڪٽوبر کان 31 آڪٽوبر تائين لٺيون، لوڙهيون، ڪهاڙيون، ڏنڊا ۽ بيا اوزار کڻڻ تي پابندي وڌي.

26 سيپٽمبر 1939ع

لوڪل سيلف گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ سنڌ جي صدر ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ کي لوڪل بورڊس ڪانفرنس (منعقده 23 سيپٽمبر 1939) جي ڪاپي ڏياري موڪلي، ان کان سواءِ اهو به لکيو ته ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ هڪ سو رپيا ساليانو چندو ڏياري موڪلي تنهن کان سواءِ جنرل باڊي ۽ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ لاءِ نامزدگي به ڪري.

ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ پنهنجي 21 ڊسمبر 1939ع واري اجلاس ۾ سالياني چندي ڏيڻ جي منظوري ڏني، ياد رهي ته مٿي ذڪر ڪيل ڪانفرنس ۾ لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ مان ان جي صدر عبدالحق ڀُٽي، محمد ايوب کهڙي ۽ پرڀداس تولاڻيءَ شرڪت ڪئي هئي.

1 آڪٽوبر 1939ع

سکر ۾ مسلم ليگ ”مسجد منزل گاهه ريسٽوريشن ڪاميٽي“ ستياگره شروع ڪئي، چوٿين ڏينهن تي سنڌ جي گورنر آرڊيننس جاري ڪري اختياري وارن کي ستياگرهه ۾ شريڪ ٿيندر کي ٻن مهينن لاءِ نظر بند ڪرڻ جو اختيار ڏنو، هڪ ڏينهن پوءِ يعني 5 ڏينهن تي ڪراچي ۾ صوبي مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَپنهنجي گڏجاڻي4 ۾ منزل گاهه مسجد جي سوال تي غور ڪيو، 19 آڪٽوبر تي مسجد جي ستياگرهي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو، لاڙڪاڻي واسي انهيءَ تحريڪ ۽ ان جي هر موڙ تي شريڪ ۽ سرگرم رهيا.

1 آڪٽوبر 1939ع

سر حاجي عبدالله هارون ۽ خانبهادر کهري جون سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ تي ستياگره جو آغاز ڪيو ويو، ٻن ڪلاڪن اندر 313 والنٽيئر مسجد ڏانهن روانا ڪيا ويا، جن کي گرفتار ڪيو ويو، تحريڪ هلائڻ لاءِ ستياگره ڪيمپ ٺاهي وئي هئي، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف هنڌن کان هڪ هزار والنٽيئر جمع ٿي چڪا، جن ۾ 60 عورتون به هيون.

1 آڪٽوبر 1939ع

سکر جي مسجد منزل گاهه کي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ مسلم ليگ پنهنجي تحريڪ جو آغاز ڪيو، هن تحريڪ ڪيتريون انساني جانيون ورتيون ۽ سنڌ کي مالي خواهه اقتصادي نقصان ڏنو، تحريڪ جي شروعات کان ڪجهه وقت پنجاب کان آيل ديني عالمن هن تنازعي کي ڀڙڪايو ۽ زودار تقريرون ڪيون هيون.

1 کان 4 آڪٽوبر 1939ع

سکر ۾ مسجد منزل گاهه ستياگره جو آغاز ٿيو، پهرين ڏينهن تي 339 رضاڪار گرفتار ڪيا ويا، ٻئي ڏينهن تي 511 رضاڪارن پاڻ کي گرفتار ڪرايو، ٽئين ڏينهن تي رضاڪارن کي گرفتار ڪرڻ بدران لارن ۾ ويهاري شهر ٻاهران آزاد ڪيو ويو، چوٿين ڏينهن تي مسجد منزل گاهه مان پوليس هٽائي وئي، ٻارن ۽ عورتن رضاڪارن کي آزاد ڪيو.

3 آڪٽوبر 1939ع

لوڪل سيلف گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ سنڌ جي صدر ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊس کي لکيو ته 24 سيپٽمبر 1939ع تي سڏايل ڪانفرنس ۾ تجويز ڪيو ويو ته سنڌ جا سمورا لوڪلبورڊس گانڌي تلڪ، محمد علي جناح ۽ انصاري جا ڏينهن ملهائڻ ۽ انهن ڏينهن تي موڪل ڪن.

لاڙڪاڻه ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ پنهنجي 21 ڊسمبر 1939ع واري اجلاس ۾ ٺهراءُ نمبر 39 انهيءَ تجويز کي نامنظور ڪيو.

6 آڪٽوبر 1939ع

”الوحيد“ اخبار ۾ ”مسجد منزل گاهه تحريڪ“ جي حوالي سان ”سنڌ جي چيف منسٽر جي وعده خلافي“ جي عنوان سان ايڊيٽوريل ۽ ”هندو پريس جو منزل گاهه مسجد لاءِ رويو“ جي عنوان سان مضمون شايع ٿيو.

هن تحريڪ ۾ حصي وٺڻ تي سيٺ محمد اسماعيل ميمڻ، عطا محمد ۽ حافظ عبدالحميد کي گرفتار ڪيو ويو، تحريڪ ۾ حصي وٺڻ لاءِ ڊگري، رتيديري، شڪارپور، ٺل ۽ شهدادڪوٽ مان رضاڪارن جا وفد سکر پهتا.

17 کان 18 آڪٽوبر 1939ع

17 آڪٽوبر تي خانبهادر کهڙي لاڙڪاڻي ۾ قاضي فضل الله ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، سڀاڻي تي سر عبدالله هارون سان گڏ وڏي وزير سان مسجد منزل گاهه جي مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس ”ريسٽوريشن ڪاميٽي“ جي فيصلن کان واقف ڪيو، حڪومت ۽ هنن اڳواڻن وچ ۾ مسئلي جي نبيري بابت اختلاف باقي رهيا، حڪومت (18 آڪٽوبر) قاضي فضل الله کي رڪ اسٽيشن تي گرفتار ڪيو، جنهن تي خانبهادر کهڙي وڏي وزير ۽ حڪومت سان احتجاج ڪيو ۽ حڪومت جي نيت تي شڪ جو اظهار ڪيو.

2 نومبر 1939ع

ڀڳت ڪنوررام مانجهند جي ميلي کان موٽي، جڏهن سکر وڃڻ لاءِ رڪ اسٽيشن تي پهتو ته گاڏي ڇٽڻ بعد کيس جان محمد جلباڻيءَ بندوق هڻي قتل ڪري وڌو.

4 نومبر 1939ع

 خانبهادر کهڙي خط ذريعي وڏي وزير خانبهادر الله بخش سومري کان تقاضا ڪئي ته سول ڪورٽ، ٽرائيبيونل يا اسيمبليءَ جي ايوان ذريعي مسجد منزل گاهه جي مامري نبرائڻ بدران خود سنڌ حڪومت چئن هفتن اندر پاڻ اهو مسئلو حل ڪري.

5 نومبر 1939ع

”الوحيد“ اخبار پنهنجي ايڊيٽوريل ”سر عبدالله هارون ۽ خانبهادر کهڙو“ ۾ ٻنهي ليڊرن جي مسجد منزل گاهه تحريڪ بابت پاليسيءَ تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي ۽ کين تاڪيد ڪيو ته هو اهم مسئلي کي جلديءَ ۽ سنجيدگيءَ سان حل ڪن.

5 نومبر 1939ع

”الوحيد“ اخبار ۾ ”سرعبدالله هارون ۽ خانبهادر کهڙو“ جي عنوان سان ايڊيٽوريل شايع ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي صاحبن کي تاڪيد ڪيو ويو ته ”مسجد منزل گاهه“ واري مسئلي تي پنهنجي اتحاد ۽ اتفاق سان توجهه ڏين، ٻئي صورت ۾ ماضيءَ وانگر ڪنهن خوف خطري کان سواءِ مٿن تنقيد ڪئي ويندي.

11 نومبر 1939ع

خانبهادر کهڙي، سنڌ جي وڏي وزير خانبهادر الله بخش سومري کي ٻڌايو ته هو ساڻس ٿيل ڳالهين جي روشنيءَ ۾ 15 نومبر تي ”ريسٽوريشن ڪاميٽيءَ“ جي گڏجاڻي سڏائي کين اعتماد ۾ وٺندو ته حڪومت قلم 144 هٽائيندي ۽ رضاڪار مسجد منزل گاهه خالي ڪندا، اهي ٻئي عمل هڪ وقت تي ٿيندا، ان کان پوءِ حڪومت مقرر ڪيل وقت اندر مسجد جي مامري جو نبيرو ڪندي.

17 نومبر 1939ع

سنڌ حڪومت زبردستيءَ سان مسلمان رضاڪارن کان مسجد منزل گاهه خالي ڪرائي ۽ شهر ۾ ريسٽوريشن ڪاميٽيءَ جي اڳواڻن جهڙوڪ جي ايم سيد، آغا نظر علي ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو، اهڙين خبرن رضاڪارن ۽ مسلمانن کي رد عمل ڏيکارڻ تي مجبور ڪيو ۽ نتيجي ۾ سکر شهر جو امن امان بگڙجي ويو، ان کان پوءِ سڄي ضلعي ۾ هندو مسلم فساد ٿيا ۽ نتيجي ۾ 151 هندو ۽ 16 مسلمان ماريا ويا.

30 نومبر 1939ع

لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر پنهنجي مراسلي نمبر 7/16835 ذريعي لوڪلبورڊ کي لکيو ۽ چيو ته بخش جتوئي وٽ رائيس ڪئنال تي پل ٺهرائي وڃي ۽ ان لاءِ ڳوٺ راڄ مهاڄڻ اڍائي هزار رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي، انهيءَ لکپڙهه جي روشني ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي روڊ ڪاميٽيءَ 6 مارچ 1940ع تي گڏجاڻي ڪري فيصلو ڏبنو ته پل ٺهرائڻ لاءِ لوڪل بورڊ اڍائي هزار ڏيندي باقي خرچ پي ڊبليو ڊي ڀري.

ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ پنهنجي 5 مارچ 1940ع واري اجلاس ۾ ٺهراءُ نمبر 66 موجب روڊ ڪاميٽيءَ جي فيصلي جي منظوري ڏني.

10 ڊسمبر 1939ع

سنڌ ۾ ”جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي“ ٺاهي وئي، پارٽيءَ جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ جن لاڙڪاڻي واسين اهم ڪردار ادا ڪيو، انهن مان مولانا حبيب الله ”حبيب“ شهدادڪوٽي، مولانا عبداللطيف جروار، مولانا عبيدالله لاشاري، مولانا حڪيم غلام صديق، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، مولوي محمد سليمان ٻگهيو ۽ مولانا نذير حسين جتوئي جا نالا ذڪر لائق آهن.

10 ڊسمبر 1939ع

مولانا عبيدالله سنڌيءَ جلاوطني کان پوءِ سنڌ واپس وريو ۽ هن جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي ٺاهي، جيتوڻيڪ سنڌ ۾ هن پارٽيءَ کي ديني عالمن طرفان وڳي موٽ ملي، پر ان وقت مسلم ليگ ۽ ڪانگريس پارٽيون پنهنجا پير ڄمائي چڪيون هيون، ان ڪري هن پارٽيءَ کي سنڌ کان ٻاهر ايتري پذيرائي نه ملي.

22 ڊسمبر 1939ع

سنڌ ۾ مسلم ليگ جي سڏ تي ”يوم نجات“ ملهايو ويو، انهيءَ سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به ڪيترا جلاس ٿيا، لاڙڪاڻي ۾ عظيم شاهه ميدان ۾ محمد هاشم گذدر جي صدارت هيٺ، بٺيءَ ۾ مولوي عبدالڪريم جي صدارت هيٺ، سوني جتوئيءَ ۾ مولوي غلام احمد جي صدارت هيٺ، نئون آباد (ڏوڪري) ۾ عبدالستار جان سرهندي جي صدارت هيٺ گڏجاڻيون ٿيون، اهڙيءَ ريت فريد آباد ۾ محمد پريل سيال  علي کهاوڙ وارهه ۾ خان محمد شاهه، بنگل ديري ۾ حاجي محمد عباس ڀٽي جي واهر سان جلسا ٿيا، ضلعي لاڙڪاني جي جن ٻين ڳوٺن ۾ جلسا ٿيا، انهن مان عمر گوپانگ، عثمان گوپانگ، سهاڳو خان ۽ ٽڳڙ باڊهه جا نالا ذڪر لائق آهن.

Good Wishes